Showing posts with label نجيب. Show all posts
Showing posts with label نجيب. Show all posts

Sunday, 21 August 2016

نجيب الله چانڊيو آرٽيڪل

پروف ٿيل
ماڻهن کي ذهني مريض بڻائيندڙ جعلي عامل
نجييب الله چانڊيو

          هن جديد دور ۾انسان حيرت انگيز ايجادون ڪري هر ناممڪن شيءِ کي ممڪن بڻائي ڏيکاريو آهي، اهو ئي سبب آهي تـه جديد ٽيڪنالاجي ۽ مشينري جي ذريعي ڪا بـه شيءِ انساني پهچ کان پري ناهي رهي ۽  دنيا جي هر ٿيندڙ اٿل پٿل کي ڪنٽرول ۾ رکي فائدو وٺي سگهجي ٿو. اتي انساني جسم ۾ ٿيندڙ بيمارين کي سمجهڻ، جاچڻ وقت سر علاج ڪرڻ ۽ ان کان بچاءُ جا ڪيئي طور طريقا انساني دماغ ۾ موجود آهن ۽ هر علاج توڙي مسئلي جو حل مشينري جي ذريعي ممڪن آهي، اهڙي ترقي يافتـه دور ۾ بـه اسان جي سماج جي چوڌاري انسانن جي زندگين سان کيڏندڙ جعلي عامل ۽ فقير موجود نظر اچن ٿا. جيڪي بيمارين ۽ مصيبتن جي ماريل ماڻهن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي ڪنگال ۽ ذهني مريض بڻائي ڇڏين ٿا. اهو ئي سبب آهي تـه شهرن جي گهٽين ۽ چوراهن کان ويندي ٻهراڙين جي علائقن ۾ ڪيئي اهڙا عامل پنهنجا ننڍڙا ٿاڪ ٺاهي ويٺل نظر ايندا. جيڪي انسان جي هر بيماري جي بچاءَ ۽ ان جو علاج ڪرڻ جي هام هڻندا آهن ۽ ان ڪرت ۾ سندن ماڻهن کي ڦرڻ وارو تجربو ايترو تـه اثر رکي ٿو جو سندن ڳالهين ۾ چڱا ڀلا پڙهيا لکيا ماڻهو بـه اچي وڃن ٿا ۽ وٽن ماڻهن جي اچ وڃ جو سلسلو جاري رهي ٿو. جن وٽ علاج ڪرڻ جو طريقو ڪا دوا، آپريشن، الٽرا سائونڊ يا ڪنهن ٽيسٽ جي بنياد تي نـه ٿو ٿئي بلڪـه ماڻهن پاران احوال ڪرڻ ۽ تڪليف ٻڌائڻ جي صورت ۾ ٿئي ٿو، ۽ هو ماڻهن جي زندگي جي طورطريقي کي سمجهي يا مسئلي کي ٻڌي اندازي جي بنياد تي علاج جو ڍونگ رچائن ٿا ان لاءِ مرغي جي جيري مان تعويذ لکڻ، 7 ڏينهن مسلسل پاڻ وٽ مريض کي حاضري ڀرائڻ، تعويذ لکڻ جو ڏٽو ڏئي ڳرا پئسا وٺڻ، درگاهن تي مريض کي 4 ڏينهن تائين ٽڪائڻ، مريض خوش ٿيڻ جي صورت ۾ ٻڪر پهچائي وڃڻ، ڪارو علم ڪرڻ يا ان مان جان ڇڏائڻ، رُٺلن کي پرچائڻ، يا پرتلن کي رسائڻ کان ويندي قسمت کي بهتر بڻائڻ ۽ بند ٿيل ڀاڳ کولي ڀاڳ وارو بڻائڻ جا سمورا ناٽڪ انهن جعلي عاملن وٽ هجن ٿا جن ۾ هو ماڻهن کي ڦاسائي لکين روپيـه ڪمايو ويٺا آهن ۽ ان چڪر ۾ هڪ دفعو ڦاٿل ماڻهو خانداني طور ڦاسيو وڃي تـه ڪٿي عامل صاحب ڪاوڙجي اسان جي قسمت نـه ڦيرائي ڇڏي.
          انهن ڪوڙن عاملن جي ڄار ۾ ڦاٿل ماڻهو ذهني مريض بڻجي پنهنجي زندگين کان هٿ ڌوئي ويٺا، ڪيئي ماڻهو جِن ڪڍائڻ جي چڪر ۾ عاملن جي تشدد ۾ مري ويا جن جون خبرون اخبارن ۾اچي چڪيون آهن ته ڪي وري نسل در نسل انهن عاملن وٽ حاضري ڀري قسمت ٺاهڻ جي شوق ۾ دنيا جي هر ترقي کان محروم ٿي درگاهن جا فقير ۽ عاملن جا مريد ٿي سندن پير ڌونئڻ ۾ مصروف ٿي ويا.
          جتان انجنيئر، ڊاڪٽر، سائنسدان ۽ فلاسافر پيدا ٿيڻ کپندا هئا، اتان عاملن ۽ فقير جا پير ڌونئدڙ ٻانها پيدا ٿيڻ لڳا ۽ پوءِ اهڙن عاملن جا دفتر چپي چپي تي کليل اڄ بـه نظر اچن ٿا، ته ڀتين تي وال چاڪنگ ۽ اخبارن ۽ چينلن ۾ اشتهار ايندا رهن ٿا جن جي اثر ۾ ڪيئي نسل ڦاسندا رهن ٿا. جتي ڪنهن کي به ڪو لاڀ ناهي مليو.
          ان ڪري نسلن جي ٿيندڙ ڪوڙن عاملن هٿان تباهي کي روڪڻ جي ضرورت آهي ڇو تـه هن دور ۾ ڪا بـه بيماري ميڊيڪل جي علم کان ٻاهر ناهي هر بيماري ۽ مسئلي جو حل سائنسي ٽيڪنالاجي ۽ مشينري ذريعي ممڪن آهي. يورپ يا ڪنهن ٻئي مهذب ملڪ کي عاملن ناهي سڌاريو نه وري انهن جي قسمت ۾ ڪو ڦيرو آندو آهي، نـه وري  ڪنهن ملڪ جي سڄڻن، دشمنن پاران سندن گهرن اڳيان ڪي تعويذ پوريا يا ڪڍيا ويا هئا. سڀني قومن محنت، ڏاهپ ۽ دانائي جي بنياد تي ترقيون ماڻيون آهن. ان ڪري ان ڳالهـه جي شديد ضرورت آهي تـه اهڙن ڪوڙن عاملن خلاف قدم کڻي انهن جي اهڙن دفترن تي ائين پابندي لڳائي وڃي جيئن ڪيترين ئي ملڪن ۾ پنڻ تي پابندي پيل آهي. جيئن نسلن جي ٿيندڙ تباهي کي روڪي سگهجي ۽ اسان جي ملڪ جي اٻوجهه ماڻهن کي ذهني مريض ٿيڻ کان بچائي سگهجي.

Practical work carried out under supervision of Sir Sohail Sangi




Wednesday, 17 August 2016

نجيب الله چانڊيو پروفائيل

Profile by Najeebullah chandio
Roll no;116 3rd year
               سماجي ڪارڪن نياز حيدري
دنيا ۾ اهي انسان ئي عظمت جي مٿائين ڪناري کي ڇھي سگهندا آهن جيڪي پنهنجي قول ۽ فعل ۾ فرق نه رکي سماج لاءَ آٿنت اميد ۽ ويساھ جو اهڃاڻ هجن اڄوڪو سماج جيڪو انيڪ لاهن چاڙهن وڙن ۽ وڪڙن ۾ ڦاٿل ڏسجي ٿو ۽ نفسانفسي عروج تي نظر اچي ٿي تڏهن  جيڪو به فرد انساني قدرن جو ڀرم رکي ماڻهن لاءَ حيلو،وسيلو بڻجي ٿو ۽ اهو عظمت لائق هجي ٿو. اهڙن سماج سڌارڪ انسان ۾ شهر وارھ جو رھواسي نياز حسين حيدري پڻ شامل آهي جيڪو مسئلن ۾ ڦاٿل بي سھارا انسان لاءَ اميد جو ڪرڻو بڻيل آهي. نياز حيدري 10 فيبروري 1975ع ۾ وارھ  تعلقي جي ڳوٺ خان محمد ميرجت ۾  محمد رمضان ميرجت جي گهر ۾ اک کولي. سندس والد هڪ مالونده هيو هو ٽن سالن جو مس ٿيو ته  والد جي شفقت کان محروم ٿي ويو. نياز حيدري بنيادي تعليم ڳوٺ مان پرائي ميٽرڪ هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ انٽر ڊگري ڪاليج وارھ مان ڪئي.غريب گهراڻي سان تعلق هجڻ ۽ والد جي شفقت کان محرومي کيس وڌيڪ تعليم پرائڻ جو موقعو نه ڏنو ۽ هو محنت مزدوري ڪري پيٽ پالڻ لڳو ڪافي عرصو پن جون ٻيڻيون ٻڌي روزگار ڪري  اڳتي هلي هن شهر ۾ ڪپڙي جو دڪان کوليو ۽ اتان ئي شهري مسئلن جي حل لاءَ متحرڪ بڻجي ويو۽ هر مسئلي تي آواز اٿارڻ لڳو  جنهن سبب ماڻهو کيس سڃاڻڻ ۽ ڀائيڻ لڳا اهو ئي سبب هيو ته هو  ٽائون ڪاميٽي وارھ  مان ٻه ڀيرا ڪائونسلر پڻ چونڊجي ويو. نياز حيدري ڳچ عرصي کان وٺي وارھ تعلقي جي آس پاس هڪ سماج سڌارڪ طور مڃتا ماڻي آهي.هنُ ھيل تائين 58 مريضن جو علاج ڪرائي چڪو آهي ۽ ڪافي مريضن جو مفت آپريشن ڪرايون اٿس اهو ئي سبب آهي ته  سرندي وارا  مٿس پورو اعتماد ڪري مدد ڪن ٿا هن ڪيترن ئي لاوارث لاشن کي دفنايو آهي ان سان گڏوگڏ اڄ به ڪيترن ئي مريَضن کي مفت رت ڏياري ٿو. سندس وٽ رت لاءَ ايندڙ ماڻهن جي اچ وڃ هجي ٿي ۽ کيس رت آساني سان مليو وڃي رت جي مختلف  گروپن جي  سندس وٽ لسٽ هجي ٿي
هن  ڪيترن ئي غريب  ماڻهن کي چندو ڪري ڪپڙا ۽ سامان وٺي ڏنو آهي  سندس غريبن سان ھمدردي ھجڻ سبب هو عيد تي پنهنجي لاءَ  نوان ڪپڙا وٺڻ غير مناسب سمجهي  ٿو ھر عيد اچڻ کان اڳ ۾ هو جهولي کڻي چندو گڏ ڪري غريبن جي هر ممڪن مدد ڪري ٿو  سندس چوڻ آهي ته مون زندگي ڏاڍي تڪليف سان گذاري آهي جنهن کيس  احساس ڏنو آهي ان لاءَ هو تڪليفن ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد ڪرڻ پنهنجي ذميواري سمجهي ٿو هن ٻڌايو ته سندس ڪا به سماجي تنظيم ناهي ڇو ته اڄ ڪلھ سماجي تنظيمن جي نالي ۾ ماڻهن کي لٽي پيٽ ڀريا وڃن ٿا نياز حيدري جو خواب آهي ته هو وارھ شهر ۾ هڪ ايمبولينس سروس شروع ڪري جيڪا مريضن کي بنا خرچ جي علاج لاءَ پهچائي ان مشن لاءَ هو جاکوڙيندو رهندو سندس دوستن ۽ شهر وارن جو چوڻ آهي ته نياز حيدري هڪ مخلص انسان ۽ سماجي ڪارڪن آهي جيڪو بنا لوڀ لالچ جي ماڻهن جي خدمت ڪري ٿو جيڪو به سماجي مسئلو هجي ٿو ته ان ۾ هو اڳڀرو نظر اچي ٿو. نياز حيدري پنهنجي پيغام ۾ چوي ٿو ته زندگي هڪ تحفو ۽ ذميواري آهي جيڪا انسانن جي خدمت ۾ گذاري سماج مان ڪوڙ ٺڳي ۽ نفرت جي ديو جو گلو هميش لاءَ ڪٽي انساني ڀائيچاري ۽ روا داري سان گذارجي هن  ارادو  ڏيکاريو ته زندگي کيس جيترو به  موقعو ڏنو ته هو انسانن جي خدمت ڪندو رهندو ان ڪري سماج جي سمورن فردن کي بي سهاراماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي

نجيب الله چانڊيو