Showing posts with label پروفائيل. Show all posts
Showing posts with label پروفائيل. Show all posts

Monday, 22 August 2016

خالد, پروفائيل,

Intro is not profile. This  piece is writing in CV Or biography style. profile is different form these two
 رضوان گل ليڪچر
خالد
رضوان گل جو پورو نالو رضوان الحق ۽ سندس والد جو نالو بشير احمد پٺاڻ آهي.رضوان گل سندس جو ادبي نالو آهي. رضوان گل جو جنم 13 فيبروري1977ع لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو.پاڻ ننڍي هوندي کان ئي سٺي صحبت ۽ پڙهيل لکيل خاندان جي اثر ۾ رهڻ ڪري سندس جو لاڙو ننڍپڻ کان وٺي ڪتابن ڏانهن ئي رهيو. رضوان گل ھميشه دوستن سان بحث مباحثن ۾ وقت گذارڻ کي زندگي جو بهترين ڪم سمجهو آهي.سندس جي ننڍپڻ کان ئي  ڪتاب پِڙهڻ ليڪچر ڏيڻ ۽ وٺڻ پسنديده مشغوليون رهيون آهن.رضوان ايم.ايس.سي. جيوگرافي (فرسٽ ڪلاس)  سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي.ڊگري مڪمل ڪرڻ کانپوءَ ڪيترا ئي ڪم سرانجام ڏنا آهن. رضوان گل موجوده وقت ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ھيڊ آف جيوگرافي ڊپارٽمينٽ پڻ آهي. ليڪچرار کان علاوه سندس جو تعلق مختلف علمي ادبي ادارن سان پڻ رهيو آهي. جنهن ۾ اڪثر ڪري پاڻ هڪ ليڪچرار جي حيثيت ۾ ويندا آهن . رضوان گل جي ليڪچرن جو عام معني ۾ مفهوم عام ماڻهن کي سندن بنيادي مسئلن کان آگاھ ڪرڻ  جي عنوانن سان ئي هوندا آهن.سندس جو تحقيقي ڪم تمام گھڻي مقدار ۾ ٿيل آهي. پر خاص ڪري لاڙڪاڻي جيوگرافي تي 7 تحقيقي مقالا۽ مھين جي دڙي جي کوٽائي بابت ڪيل تحقيق ساراھ جي قابل آهي. رضوان گل جو تعلق ڪيترن ئي سماجي ۽ ادبي تنظيمن سان رهيو آهي جنهن ۾ سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ھاسٽل شاخ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو،پريس سيڪريٽري سچل ادبي مرڪز، ايڊيٽر ماھوار “شعور” لاڙڪاڻو رهي چڪا آهن. رضوان گل موجوده وقت چيئرمين ڊپارٽمينٽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو سال 2016 لاءَ نامزده به آهن. ان سان گڏوگڏ پاڻ نيشنل جيوگرافي سوسائٽي واشنگٽن جو ميمبر پڻ آهي. رضوان گل هڪ ليڪچرار،سماجي ورڪر ريسرچر هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين ليکڪ ۽ شاعر به آهي سندن جا ڇپيل ڪتاب ڪجھ هي آهن.
1 . لاڙڪاڻو تاريخ جي روشني ۾. تاريخ                                                                                            
 2 . پيار جي پهرين بارش شاعري جو مجموعو                                                                                      3 . “سپنن جو انت” ڪهاڻين جو مجموعو                                                                                            4 . لاڙڪاڻو علمي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ                                                                                              5 . ساهت ڏيھ جا سرجڻھار (سنڌي جي مختلف شخصيتن تي مضمون خاڪا)                                                   6 . “پنج ڏينهن” سعادت حسن منٽو جي ڪھاڻين جو مجموعو                                                                      7 . سنڌي ۾ جاگرافي جي پهرين لغت
ايترن بهترين ڪتابن جو مجموعو سندس جي ڪاوشن جي ڪري پڙهندڙن وٽ پهتا آهن. سنڌي ۾ جاگرافي سبجيڪٽ جي حوالي سان شاندار لغت سندس جي اڻ کوٽ ڪاوشن جي ڪري اڄ جاگرافي جي شاگردن لاءَ جاگرافي سبجيڪٽ جي حوالي سان وڏي ڪارمند ثابت ٿئي آهي. رضوان جي تيار ڪيل ڊڪشنري سنڌ يونيورسٽي جاگرافي ڊپارٽمينٽ ۾ پڻ سبجيڪٽن لاءَ استعمال ڪئي ويندي آهي.
رضوان گل 1994ع کان وٺي ڪرنٽ افيئرس ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي روزاني عوامي آواز، ھلال پاڪستان،۽ جاگو اخبار ۾ 700 سوَ کان وڌيڪ ڪالم لکي چڪو آهي. سندس جي بهترين ڪم ۽ ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪري ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي جنهن ۾. ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ. عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ                               امن ايوارڊ لاڙڪاڻو. سنڌ فنڪار سوشل ويلفير آرگنائيزيشن               ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ادبي ايوارڊ. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي سنڌ       بهترين منظم گولڊ شيلڊ. گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو         شيلڊ آف آنر ڊبيٽنگ سوسائٽي بينظير ڀٽو يونيورسٽي لاڙڪاڻو       بهترين ڪهاڻيڪار ايوارڊ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊڪڻ.

ان کان علاوه رضوان گل پڻ اهڙن ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي جيڪي سندس محنت جو نتيجو آهن. پاڻ سنڌي نوجوانن جي مستقبل لاءَ ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته الائي ڇو اڄ جي هن جديده  انٽرنيٽ واري دورء ۾ به اسان جو شاگرد طبقو تعليم کان پري پري رهي ٿو. پاڻ جيستائين تعليم حاصل نه ڪنداسين تيسي تائين اسان جا ڏک ۽ درد ڪير به دور نٿو ڪري سگهي ان لاءَ اسان سڀني اوهان ۽ اسان کي پنهنجي لاءَ تعليم جهڙي ڪرامت حاصل ڪرڻي پوندي جنهن سان سڀ ڪجھ ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو..
خالد حسين شيخ   

پروفائيل, مشتاق جمالي,

Intro is too traditional.. and old fashioned .  take soem thing new
پروفائيل:  نامور ليکڪ منوج ڪمار
لکندڙ: مشتاق علي جمالي
2K14/MC/142    BS-III
                                         جُڳن کان جيئندڙ جيجل سنڌ، هيرن، موتين، ماڻڪن، لعلن ۽ جواهرن جي اڻ کٽ کاڻ آهي. هيءَ سڳوري ۽ سُونهاري سنڌ، عظيم ۽ قديم آهي. هن جي مٽي مُلهه مهانگي ۽ مهان آهي. هن ڌرتيءَ جي ڪک مان جنم وٺندڙ  هر شخص زندگيءَ جي هر ميدان ۽ هر موڙ تي پنهنجو مٽ پاڻ ثابت ڪري ملهايو آهي. ثقافت جي جنم ڀومي واري مهراڻ جي شهر هالا ۾ جنم وٺندڙ منوج ڪمار به انهن مان هڪ آهي.
هي عظيم ليکڪ هالا ۾ صوفي ميگھراج جي گھر ۾ 23 فيبروري 1971ع تي پيدا ٿيو. سندس والد جيتوڻيڪ بايو ڪيمسٽري ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ماسٽرس ڪئي پر هن آزاد منش صوفي بڻجڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني.
منوج ڪمار انٽر تائين تعليم هالا ۾ ئي پرايو ان ڏس ۾ هن پرائمري تعليم مخدوم امين فهيم پرائمري اسڪول، ايم جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ۽ 1988ع ۾ اسلاميه سروري ڪاليج مان انٽرميڊيٽ جي تعليم مڪمل ڪئي.  ان کان پوءِ انگريزي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي مان 1995ع ۾ ماسٽرس ڪيائين. هن صاحب جي تعليمي قابليت ۾  بي ايڊ جي ڊگري پڻ شامل آهي.
هن پنهنجي لکڻ جي شروعات 1995ع ۾ جاگو اخبار کان ڪئي. هن سنڌ ٽربيون ۽ فائنينشل پوسٽ جي پڙهندڙن سان به پنهنجا خيال ونڊيا. ڪجھ وقت تائين سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.  پوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي 1996ع ۾ ليڪچرار چونڊجي تعليم کاتي ۾ آيو. هن وقت هالا جي سروري اسلاميه ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪاليج جي شاگردن جي روشن مستقبل لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽي  مان ايم فل پڻ ڪري رهيا آهن.
قلمڪار پروفيسر منوج ڪمار کي ننڍي هوندي کان ئي ادب ڏي چاه رهيو آهي، هو نائين ڪلاس ۾ هيو جڏهن هن ادبي رسالا پڙهڻ شروع ڪيا تڏهن کان ئي هن کي سنڌي سان گڏوگڏ اردو ادب  ۾ به سٺي گرپ حاصل آهي.
هالا ۾ اسي واري ڏهاڪي کان وٺي هيل تائين  جيڪي علمي ۽ ادبي ادارا جڙيا يا سرگرميون ٿيون تن ۾ هن جو ڀرپور حصو رهيو آهي.  هن پنهنجي منفرد ۽ جديد فڪري سوچ سان هالا جي روايتي ادب کي نئون رخ ۽ نئين مقصد ڏني آهي.
ڪافي سالن تائين روزاني ڪاوش ۾ سندس ڪالم توڙي مضمون شايع ٿيندا رهيا، جيڪي نوجوان نسل جي علمي اڃ اجھائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا.
جتي هن گذريل ٻن ڏهاڪن کان پنهنجي لکڻين ذريعي ادب، ٽيڪنالاجي  ۽ سماجي مسئلن تي پنهنجا خيال ونڊيا اتي هن پئبلو نرودا، ۽ ٻين ڪجھ نامور ليکڪن جي آتم ڪٿائن جو اختصاري ترجمو پڻ ڪيو آهي. ان کان علاوه شيخ اياز جي نثري ڪم کي پڻ انگلش ۾ ٽرانسليٽ ڪري رهيا آهن. ڏسجي ته اهو ڪو سولو ڪم ناهي پر جس آهي اهڙن املهه ماڻهن کي جيڪي گھٽ وسيلن ۾ به اهو ڏکيو ڪم سرانجام ڏئي ايندڙ نسل کي انمول تحفو ڏئي رهيا آهن.
سائين منوج ڪمار ڪجھ سال اڳ ڪجھ لوڪ ڪهاڻين کي نئين انداز ۾ لکيو هو. اهي ٻن ڪتابن جي صورت ۾ سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري پاران ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتا آهن.
سائين منوج ڪمار پنهنجي ڪهاڻين ذريعي نه صرف سماجي مسئلن کي اجاگر ڪيو پر انهن کي ان انداز ۾ پيش ڪيو جنهن سان مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ به هٿي ملي، اهي ڪهاڻيون اوهان کي ڪاوش مئگزين ۾ پڙهڻ لاءِ ملنديون. ان کان علاوه سائين منوج ڪمار انگريزي ٻولي جي استاد طور به وڏو نالو رکي ٿو، سائين منوج جي پڙهائڻ جو بهترين طريقيڪار ۽ محنت جي نتيجي ۾ هتان جا شاگرد انگريزي ٻولي ۾ سٺي مهارت رکن ٿا.
سائين منوج ڪمار جي شخصيت بيحد سادي آهي، ڇو ته پاڻ سادگي پسند آهن. ادب سان بيحد پيار ڪندڙ  سائين منوج جو چوڻ آهي ته هن پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن به ادب جو ڪو وڏو نالو نه سمجهيو آهي۔ پنهنجي وس ۽ شوق آهر ادب جي مختلف صنفن ۾ ڪم ڪيو جنهن کي پڙهندڙن پاران پسند ڪيو ويو، جيڪا سندس  لاءِ سڀ کان وڏي مڃتا آهي۔
سائين منوج جو چوڻ آهي ته ادب جي هر صنف سان چاهه آهي، دلي خواهش آهي ته هڪ ناول لکي پنهنجي پڙهندڙن جي نظر ڪريان، ناول لکڻ ڪا عام ڳالهه ناهي، ناول ڪمٽمينٽ آهي پنهنجي ڪم سان پنهنجي سوچ سان ان لاءِ ڪم ۾ تسلسل ۽ وقت جي ضرورت آهي پوءِ به ضرور ڪوشش ڪبي، ڪوشش ئي ته ڪاميابي جي ڪونجي آهي.

سنڌ جي تعليمي نظام جي حوالي سان سائين جو چوڻ هو ته طبقاتي نظام جي ڪري شاگردن کي معياري تعليم نٿي ملي، جيتري ذهانت ٻهراڙي جي شاگردن ۾ آهي اهو شهرن ۾ ناهي. مدي خارج سليبس ٻارن کي پڙهايو ٿو وڃي. سنڌ جي شاگردن لاءِ هن جو چوڻ هو ته سنڌي ٻار روحاني طور سنڌ کان ڪٽيل آهن. تنهنجي ڪري هو ادب کي ايترو ويجھو نه اچي سگھيا، هاڻي استاد واحد ذريعو ناهي رهيو سکيا لاءِ ٻيا به کوڙ سارا ذريعا  آهن شاگردن کي ان مان فائدو وٺڻ گھرجي.

Sunday, 21 August 2016

فريال عباسي, پروفائيل,

فريال عباسي
رول نمبر: 2k14/Mc/119
پروفائيل: سعيد منگي
دنيا جون ٻہ ٻوليون آھن جن کي خطن ، مذھبن ، قومن ۾ ورهائي نہ ٿو سگهجي انهن ۾ ھڪ آھي اشارن جي ٻولي ۽ ٻي آھي رنگن جي ٻولي رنگن جي ٻولي اشارن جي نصب وڌيڪ آسان ۽ جلد سمجهڻ ۾ سڃاڻڻ واري ٻولي هونئن بہ رنگن کي پنهنجي برش مان ڪا معنىٰ بخشي ٿو تہ ان جي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ٿي وڃي ۽ پو۽ اها تخليق شاهڪار بڻجي وڃي ٿي پر اهو طرور آھي تہ تخليقار تنهن ۾ آسپاس جي ماحول تخليقار تي اثر انداز ٿيندو آھي جنهن جو مثال سنڌ جي ان نوجوان آرٽسٽ جو آهي جيڪو درازا جي مٽئَ جو ماڻهو آھي پاڻ درازا جي شخصيت سچل سرمست جو آھي جنهن ٻاروئڻ ۾ تخليخ ڪيل پنهنجي پهرين تخليخ بہ سچل سرمست جي مقبري حضرت سچل سرمست ۽ ان جي تصوف بابت تصوير ٺاهڻ سان ڪئي ۽ ان جو عنوان هو `` جنهن دل پيدا عشق دا جام´´ ۽ اها تصوير اتفاق سان ايتري تہ مشھور ٿي جو هن آرٽسٽ کي ڏيهان ڏيھ مشھور ڪري ڇڏيو ۽ اهو مشھور ٿيل ان وقت جي ٻار اڄ جو وڏو ناليوارو آرٽسٽ سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ ڪميونيڪيشن شعبي جي سربراھ طور ذميواريون سرانجام ڏنئي ۽ اڄ هو سندالاجي ۾ ڊاريڪٽر جي ڪرسي سنڀالي رهيو آهي 
سعيد احمد منگي 4 جولائي تي 1969 ۾ خيرپور شھر ۾ تعليمي گهراڻي جي شخص محترم عنايت علي منگي جي گهر ۾ جنم ورٺندڙ سعيد احمد منگي کي آرٽسٽ ھجڻ جو فن وئي ۾ مليو پاڻ ڏاڏاڻي ۽ ناناڻي طرفان خانداني آرٽسٽ ثابت ٿيو . ڇاڪاڻ تہ سنڌ جو ناليوارا آرٽسٽ قيوم منگي ۽ قربان منگي سندس چاچا ۽ نثار منگي ماما ۽ فتاح منگي سندس سئوٽ ۽ بهترين دوست آھي . سعيد احمد منگي جي پهرين ڀيرو 30 تصويرون جي نمائشي 1982ع ۾ خيرپور شهر ۾ ڪل سنڌ ٻالڪ ميلي ۾ ڪرائي وئي جڏھن پاڻ اٺين درجي جو شاگرد هو ۽ 13 سالن جو ٻار هو هن جي ٻي نمائش 1984ع ۾ لڳائي وئي جنهم ۾ هن بهترين آرٽسٽ جو انعام بہ حاصل ڪيو 1990 ۾  سنڌ گريجويشن خيرپور طرفان نمائش ۾ پڻ سندس ٺاهيل تصويرون جي نمائش لڳائي وئيپنهنجي رگن ۾ آرٽسٽ جو رٿ سمائي هلندڙ صوفي منش سعيد منگي سونهن سان گڏ صوفي ازم جي سرهاڻ سچل سرمست ، شاه لطيف، شاه عنايت ، بيدل ،بيڪي جي ڪئليگرافي سان گڏ سچل جون تصويرن ۾ سنڌ راڻي محترم بينظير ڀٽو جي تصويرن کي ٺاھڻ ۾ پاڻ کي فخر محسوس ڪندو آهي. اهو ئي سبب جو هن جي اڪثر پينٽنگس ۾ سچل ۽ شھيد بينظير ڀٽو جي تصويرن جي آهي جيڪي پنهنجي وقت جو شاهڪار بڻيل آهي سندس دل ۾ ھڪ خواهش ھئي جيڪا ان پوري رهجي وئي تہ هن سنڌ راڻي بينظير ڀٽو کي سندس هن سنڌ راڻي بينظير ڀٽو کي سندس ٺاهيل تصوير پيش ڪري نہ سگهيو
محترم بينظير ڀٽو هي حڪومت طرفان 1990 ۾ ملڪ جي نوجوان آرٽسٽن جي همٿ افزائي لا۽  انهن جي تصويرن جي نمائش اسلام آباد ۾ لڳائي وئي هئي جنه ۾ سعيد منگي موجب سندس دوست سيد عابد علي شاھ ھڪ تصوير جيڪا ڪنهن اخبار ۾ شايع ٿي  هئي اها ڪٽنگ ڪري ان نمائش جي سليمن ڏانهن ڏياري موڪلئي جنهن کي بہ نهائش لگائيندڙ نمائش ۾ رکيو ۽ ان تصويرکي پوزيشن ملي ۽ اها تصوير هئي سچل سرمست جي صوفيت بابت ، ان کان علاوه ملڪ جي مڃيل ادارن طرفان هن وقت تائين سعيد احمد منگي جي ٺاهيل تصويرن جون عالمي سطع جون نمائش اسلام آباد ، لاهور ، ڪراچي ،حيدرآباد، لارڪاڻو، خيرپور، نوابشاھ ،ڄامشورو ،سکر،ڪوٽڙي ۽ ٻين شھرن ۾ لڳي چڪيون آھن جنهن ۾ کيس مڃتا طور سگا ايوارڊ ، صوفي ايوارڊ ، ۽ روڪ رقمون ملي چڪيون آھن گذريل 20 سالن کان حضرت سچل سرمست سان دلي لڳاءُ سبب ان جي هر عرس جي موقعي تي شايع ٿيندڙ ڪتابن رسالن جا ٽائيٽل تيار ڪندڙ سعيد احمد منگي سنڌ يونيورسٽي جي فائين آرٽس شعبي ۾ جڏھن ملڪ جو ناليوارو آرٽسٽ  اي آر ناگوري شعبي جو سربراھ ھو . تڏھن سعيد منگي اي آر ناگوري انجم جاويد پيرزادو  ۽ ٻين جي رهنمائي ۾ آرٽ جا وڌيڪ گُڻ سکيا . جتان هن 1990ع  ۾ بيچلر . 1994-93 دوران ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي جنهن کان پو۽ سنڌ جي مشھور اداري انسيٽيوٽ آف سندالاجي ۾ آرٽسٽ طور پنهنجي نوڪري جي شروعات ڪئي پر تڪڙو ئي لاهور جي نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۾وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لا۽ ويو جتان   هن ملٽي ميڊيا آرٽس ۾ ماسٽرس جي ڊگري فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ حاصل ڪئي جتي هن جي ٿيسز جو موضوع ڪارو ڪاري هو ۽ هن اُتي پهريون ڀيرو ڪارو ڪاري اردو زبان ۾ ڪارٽون فلم ٺاهي جنهن دنيا ۾ سٺو نالو ڪمايو سعيد منگي ٻيهر سنڌالاجي ۾ ايگزيبيوشن آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيون جتان ترقي حاصل ڪري ميوزم جو انچارج مقرر ٿيو ، ان دوران هو سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين بہ ڪم ڪندو رهيو ۽ پو۽  سينيئر استاد طور سرانجام ڏنئي.
سنڌ جي ناليوارن دوستن ۾ گهڻو حلفو سعيد احمد منگي جا هن وقت تائين سوين نوجوان شاگردن جي دائري ۾ موجود آهن جيڪي ڏيھ توڙي  پر ڏيھ ۾ پنهنجون خدمتون انجام ڏئي رهيا آھن .
سعيد احمد منگي جو چوڻ آھي تہ ، سنڌ سڄي سونهن آھي ۽ انهن سونهن تي جيترو ڪم ڪجي اوترو گهٽ آھي جنهن لا۽ حڪومت کي اڳتي اچي سنڌ جي ثقافت ۽  تحقيقي ذھنن کي بچائڻ لا۽ هر ضلعي ۾ اهڙا ثقافتي ۽ تحقيقي مرڪز قائم ڪرڻ گهرجن. ان کان علاوه سنڌ جي ڪاليجن ۾ پنجاب جيان فائين آرٽس جو مضمون شامل ڪيو وڃي . جنهن سان نہ رڳو اسان جي ثقابت نوجوان کي خبر پوندي پر فائيم آرٽس مان پڙھي نڪرندڙ نوجوان  کي روزگار جا موقعا پڻ فراهم ٿيندا .

ذوالفقار کوسو پروفائيل

ذوالفقار کوسو
2k14/mc/108
profile
ٿر جو آواز نوجواان صحافي سنجي ساڌواڻي

هڪ سچو ۽ ذميوار صحافي جتي پنهنجي آسپاس ٿيندڙ ڏاڍ، ظلم، سماجي براين ۽ لاقانونيت خلاف قلم ۽ زبان ذريعي جنگ وڙهي ٿو. اتي پنهنجي تهذيب ، تمدن، ثقافت ۽ تاريخ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوشان هوندو آهي. اهڙن ذميوار صحافين ۾ ٿر سان  تعلق رکندڙ نوجوان صحافي سنجي ساڌواني به شامل آهي سندس تعلق سنڌ جي ان علائقي سان آهي جتي روز گلاب جي گلن جهڙا ٻارڙا پنهنجي زندگي جي جنگ هاريو وڃن ٿا.
صحراءُ ٿر جي سرزمين تي جنم وٺندڙ هن نوجوان ڪردار صحافت جي دنيا ۾ پنهنجو نالو پاڻ ٺاهيو آهي ٿر جي ڪردارن پنهنجي فن ذريعي سڄي دنيا ۾ ٿر توڙي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي.
هن کي ٿر جي مورن سان به پيار آهي ته سيوڻ جي ستايل عوام جو احساس به جيڪي پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن.
ٿر جي سونهن هرڻن جي شڪار جو مسئلو هجي يا اتان جي نمائيندن جي ڪرپشن، ٿر ۾ ڏڪار هجي يا ڪامورن جي بدانتظامي هن ان عمل کي سچي دل ۽ ايمانداري سان ٿر جي مظلوم عوام جو آواز وس وارن تائين پهچايو آهي

اليڪٽرانڪ مِيڊيا ۾ هي ٻيو اقليتي صحافي آهي جيڪو خبرن پويان ايئن هوندو آهي جيئن ماکيءَ جون مکيون گلن تان رس پويان هجن  هو ڪڏهن ٿر جي حسن مورن جي خبر "سب سي پهلي سماءِ پر" ۾ نظر ايندو ته ڪڏهن حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ايڪسٽرا جڊيشلي ڪلنگ جي مسئلن کي اعلي ايوانن ۾ پهچائڻ لاءِ مصروفِ عمل نظر ايندو .

سنجي جو جنم  26 جولائي 1996 ۾ هڪ پورهيت دليپ لوهاڻي جي گهر ۾ ٿيو.
هن بنيادي تعليم پنهنجي اباڻي شهر مٺي مان، ميٽرڪ هاءِ اسڪول مٺي ۽ انٽر ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪئي.
 کيس صحافت جو شوق ميٽرڪ واري دور کان ئي  هيو، هن صحافت جي شروعات 2012 ۾ هڪ سنڌي اخبار کان ڪئي، سنجي ساڌواني جي چوڻ مطابق  جنهن وقت هو صحافتي دنيا ۾ شامل ٿيو ته ان وقت هن کي نه خبر ٺاهڻ ايندي هئي ۽ نه ڳالهائڻ ايندو هو. صرف اخبار پڙهڻ جي شوق  کيس صحافت جي سمنڊ طرف ڇڪي آيو، سندس والد هن کي صحافت جي ميدان ۾ اچڻ  کان سخت اعتراض ڪندو هيو، پر امڙ جو هٿ هميشه سنجي جي مٿي تي رهيو. اهو ئي سبب آهي جو امڙ جي دعائن  سنجي کي اڄ ڪاميابي جي اعلي مقام تي پهچايو.
 2013 واري اليڪشن ۾  جڏهن سماءِ ٽي وي کي عارضي رپورٽر جي ضرورت هئي تڏهن انهن جون اکيون هن نوجوان تي پيون ۽ هن کي اليڪشن جي ڪوريج ۾ هڪ مهيني جي لاءِ عارضي نمائيندو رکيو ويو، ان کان پوءِ هن ڪجھ وقت جيو نيوز تي ڪم ڪيو پر سماءِ جي ساٿين کي هن جي رپورٽنگ ايتري ته وڻي جو هن کي 4 سيپٽمبر 2014 تي مستقبل طورتي ڊسٽرڪٽ رپورٽر طور رکيو ويو. ان دوران هن ٿر جو آوازبڻجي ڪڏهن ٿر جي سونهن هرڻ جي شڪار بابت ايوانن جون اکيون کوليون ته ڪڏهن وري ٿر جي ٻالڪ آواز زوار حسين جو آواز دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو.
اداري کي هن جو ڪم ۽ محنت ايتري  ته وڻي وئي جو  هن کي 27 سيپٽيمبر 2015 تي حيدرآباد جي لاءِ ذميواريون سونپيون ويون ۽ هو هن وقت اتي ئي بيورو چيف طور ڪم ڪري رهيو آهي.
سندس صحافي دوستن جو چوڻ آهي ته سنجي صحافتي فرض ۾ هميشه اڳڀرو ۽ ذميوار نوجوان صحافي آهي اهو ئي سبب آهي ته هن ٿورڙي عرصي ۾ مقبوليت ماڻي آهي سندس لاءِ مشهور آهي ته جتي خبر اتي سنجي .

هن جو چوڻ آهي ته جڏهن آئون ٿر جي وارياسي سرزمين تي معصوم ٻارن کي ڪريل ۽ ستل ڏسندو آهيان تڏهن مونکي انهن وزيرن ۽ مشيرن جي ڳالهين تي تعجب ايندو آهي ته جو هو چوندا آهن ته ٿر جي سرزمين کي اسان دبئي ٺاهيو آهي.
سنجي ساڌواڻي جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ محنت ۾ ئي عظمت آهي  سنڌي صحافت کي اڳتي آڻڻ لاءِ صحافين کي سچائي ۽ ايمانداري جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي


Practical work carried out under supervision of Sir Sohail Sangi

Wednesday, 17 August 2016

نجيب الله چانڊيو پروفائيل

Profile by Najeebullah chandio
Roll no;116 3rd year
               سماجي ڪارڪن نياز حيدري
دنيا ۾ اهي انسان ئي عظمت جي مٿائين ڪناري کي ڇھي سگهندا آهن جيڪي پنهنجي قول ۽ فعل ۾ فرق نه رکي سماج لاءَ آٿنت اميد ۽ ويساھ جو اهڃاڻ هجن اڄوڪو سماج جيڪو انيڪ لاهن چاڙهن وڙن ۽ وڪڙن ۾ ڦاٿل ڏسجي ٿو ۽ نفسانفسي عروج تي نظر اچي ٿي تڏهن  جيڪو به فرد انساني قدرن جو ڀرم رکي ماڻهن لاءَ حيلو،وسيلو بڻجي ٿو ۽ اهو عظمت لائق هجي ٿو. اهڙن سماج سڌارڪ انسان ۾ شهر وارھ جو رھواسي نياز حسين حيدري پڻ شامل آهي جيڪو مسئلن ۾ ڦاٿل بي سھارا انسان لاءَ اميد جو ڪرڻو بڻيل آهي. نياز حيدري 10 فيبروري 1975ع ۾ وارھ  تعلقي جي ڳوٺ خان محمد ميرجت ۾  محمد رمضان ميرجت جي گهر ۾ اک کولي. سندس والد هڪ مالونده هيو هو ٽن سالن جو مس ٿيو ته  والد جي شفقت کان محروم ٿي ويو. نياز حيدري بنيادي تعليم ڳوٺ مان پرائي ميٽرڪ هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ انٽر ڊگري ڪاليج وارھ مان ڪئي.غريب گهراڻي سان تعلق هجڻ ۽ والد جي شفقت کان محرومي کيس وڌيڪ تعليم پرائڻ جو موقعو نه ڏنو ۽ هو محنت مزدوري ڪري پيٽ پالڻ لڳو ڪافي عرصو پن جون ٻيڻيون ٻڌي روزگار ڪري  اڳتي هلي هن شهر ۾ ڪپڙي جو دڪان کوليو ۽ اتان ئي شهري مسئلن جي حل لاءَ متحرڪ بڻجي ويو۽ هر مسئلي تي آواز اٿارڻ لڳو  جنهن سبب ماڻهو کيس سڃاڻڻ ۽ ڀائيڻ لڳا اهو ئي سبب هيو ته هو  ٽائون ڪاميٽي وارھ  مان ٻه ڀيرا ڪائونسلر پڻ چونڊجي ويو. نياز حيدري ڳچ عرصي کان وٺي وارھ تعلقي جي آس پاس هڪ سماج سڌارڪ طور مڃتا ماڻي آهي.هنُ ھيل تائين 58 مريضن جو علاج ڪرائي چڪو آهي ۽ ڪافي مريضن جو مفت آپريشن ڪرايون اٿس اهو ئي سبب آهي ته  سرندي وارا  مٿس پورو اعتماد ڪري مدد ڪن ٿا هن ڪيترن ئي لاوارث لاشن کي دفنايو آهي ان سان گڏوگڏ اڄ به ڪيترن ئي مريَضن کي مفت رت ڏياري ٿو. سندس وٽ رت لاءَ ايندڙ ماڻهن جي اچ وڃ هجي ٿي ۽ کيس رت آساني سان مليو وڃي رت جي مختلف  گروپن جي  سندس وٽ لسٽ هجي ٿي
هن  ڪيترن ئي غريب  ماڻهن کي چندو ڪري ڪپڙا ۽ سامان وٺي ڏنو آهي  سندس غريبن سان ھمدردي ھجڻ سبب هو عيد تي پنهنجي لاءَ  نوان ڪپڙا وٺڻ غير مناسب سمجهي  ٿو ھر عيد اچڻ کان اڳ ۾ هو جهولي کڻي چندو گڏ ڪري غريبن جي هر ممڪن مدد ڪري ٿو  سندس چوڻ آهي ته مون زندگي ڏاڍي تڪليف سان گذاري آهي جنهن کيس  احساس ڏنو آهي ان لاءَ هو تڪليفن ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد ڪرڻ پنهنجي ذميواري سمجهي ٿو هن ٻڌايو ته سندس ڪا به سماجي تنظيم ناهي ڇو ته اڄ ڪلھ سماجي تنظيمن جي نالي ۾ ماڻهن کي لٽي پيٽ ڀريا وڃن ٿا نياز حيدري جو خواب آهي ته هو وارھ شهر ۾ هڪ ايمبولينس سروس شروع ڪري جيڪا مريضن کي بنا خرچ جي علاج لاءَ پهچائي ان مشن لاءَ هو جاکوڙيندو رهندو سندس دوستن ۽ شهر وارن جو چوڻ آهي ته نياز حيدري هڪ مخلص انسان ۽ سماجي ڪارڪن آهي جيڪو بنا لوڀ لالچ جي ماڻهن جي خدمت ڪري ٿو جيڪو به سماجي مسئلو هجي ٿو ته ان ۾ هو اڳڀرو نظر اچي ٿو. نياز حيدري پنهنجي پيغام ۾ چوي ٿو ته زندگي هڪ تحفو ۽ ذميواري آهي جيڪا انسانن جي خدمت ۾ گذاري سماج مان ڪوڙ ٺڳي ۽ نفرت جي ديو جو گلو هميش لاءَ ڪٽي انساني ڀائيچاري ۽ روا داري سان گذارجي هن  ارادو  ڏيکاريو ته زندگي کيس جيترو به  موقعو ڏنو ته هو انسانن جي خدمت ڪندو رهندو ان ڪري سماج جي سمورن فردن کي بي سهاراماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي

نجيب الله چانڊيو 

Tuesday, 16 August 2016

محمد امين تڳر پروفائيل

پروفائيل
محمد امين تڳر
رول نمبر: 115

هنس راج هنس اوڏ: ٿر ۾ پپل
ماڻهون سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهون منجهه اچي بوءِ بهار جي

لطيف سائين جون اهي سٽون رڳو ان پکي (هنج پکي) لاءِ ئي نه پر شايد  اهڙن جاکوڙي ۽  املهه ڪردار رکندڙ ماڻهن لاءِ تخليق ڪيون هيون، جيڪ پٺتي پيل ۽ گهٽ تعليم يافته علائقي واري تاثر کي مٽائڻ ڪارڻ ڀٽائي جي بيتن ۾ جوڳين جئان پٿرن جي هن شهر ڄامشوري جو رخ ڪن ٿا ته جيئن هو نه رڳو ان خيال، خبط کي ختم ڪن پر پنهنجي علائقي ۽ قوم جي ماڻهن لاءِ مشعل راهه بڻجي پيغام ڏين ته اسين ڀلي ڏورانهين علائقي جا ڇو نه هجون، اسين ڀلي اهڙي علائقي جا کڻي ڇو نه هجون جتي هر روز اسان منجهان ڪيترائي ئي بکن ۾ پها ٿيو وڃن، جتي وڏي مشڪل سان ڪو سڪل ڳڀو نصيب ٿيندو هجي، جتان جا ماڻهون پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپندا ڇو نه هجن، جتي اسان جون ڪيتريون ئي مائر پنهنجي بيڏوهي معصوم ٻچڙن کان صحت جي سهولتن کان محروم هجڻ ڪري ڌار ٿيو وڃن، پر اسان تڏهن به همت نه هاري آهي، اسان پنهنجي ماروئڙن لاءِ جيئڻ ڪون ڇڏيو آهي. اهڙن ئي ماڻهن مجنهان هنس راج هنس پڻ آهي. جنهن هنج پکي وانگر موتي ماڻڻ لاءِ هن پٿريلي زميني واري تدريسي شهر جي علمي درياهه منجهان ڏاهپ، علم ۽ سمجهه جا املهه موتي ڳولي ورتا آهن.

هنس راج هنس اوڏ جنهن جو جنم 1990ع ۾ عمر ڪوٽ ضلعي جي  ڳوٺ مانڌل ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ ٿيو، جتي مشڪل سان ٻن ويلن لاءِ ڳڀو ميسر ٿيس پر سندس ۽سندس والد جي همت جس لهڻن جو اهڙيءَ وارياسي، ڀٽن جي هيراڪ، ڪڏهن به وقت جي هوائن آڏو ڀٽن وانگر ڪڏهن به ڪنهن ٻي پاسي نه اڏاميو، مسلسل پنهنجي منزل ڏانهن وڌندو رهيو. هنس راج هنس شروعاتي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول مانڌل مان حاصل ڪئي، جتان پنج درجا پاس ڪرڻ بعد مئٽرڪ 2003 ۾ عمرڪوٽ  شهر  جي هاءِ اسڪول نمبر 2  ۽ انٽرميڊيئيٽ 2005 ۾ پري ميڊيڪل ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ ميڊيڪل گروپ ۾ ڪيائين.
هاءِ اسڪول واري زماني کان شاعراڻا ۽ ادبي شوق رکندڙ هنس راج جيڪو پنهنجي هاءِ اسڪول جي استاد  محمد موسيٰ ڪنڀر کان متاثر ٿي شعور جا ڏاڪا چڙهندو ويو. تنهن اسڪول واري زماني کان ڪوشش اخبار ۾ سنڌ جي قومي، سماجي ۽ علمي اشوز تي لکڻ شروع ڪيو، هن جو  پهريون ليک ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪوشش ۾ ڇپيو هو، اهڙي طرح هن جو  پڙهڻ لکڻ وارو سلسلو جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو.
 هنس راج هنس جڏهن 2010ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ان وقت ادبي لحاظ کان هو ڪافي ميچوئر هيو ۽ هن کي اهو سمجهه ۾ آيو ته سماجي تبديلي ۾ خالص ادب جو وڏو ڪردار آهي پر ان کان وڌيڪ جيڪو اثرائتو ادب آهي اهو سياسي ادب ئي آهي. جيڪو سنجينده، فڪري، انقلابي ۽ نظرياتي پڻ آهي ۽ نئين سماج اڏڻ لاءِ نظرياتي ادب اهم آهي، ان ڪري ئي هنس راج هنس سياست جي شعبي جي چونڊ ڪئي ۽  سياسي  ۽ سماجي شعور هئڻ ڪري جاگيرداري، قبيلائيت، سرداري کي ننديدو رهيو پر اڳتي هلي طبقاتي شعور واري فڪر سبب مارڪسزم پڻ متاثر ڪيس.
پنهنجي پڙهائي دوران کوڙ ساريون علمي ۽ ادبي سرگرمين جو حصو رهيو، جن ۾ هن شعبي جي مختلف استادن جا ليڪچر رکرائيندو رهيو ۽ مختلف ٽريننگ پروگرامن ۾ شامل ٿيندو رهيو. ان سان گڏوگڏ ٻه سال سنڌ ادبي سنگت جي پروگرامن ۾ آرگنائيزر طور شموليت ڪيائين، گڏوگڏ ڪاوش ۾ پڻ لکندو رهيو.
هنس راج هنس پنهنجي ڪلاس جو پوزيشن هولڊر شاگرد ٿي رهيو ۽ هن جو خواب هئو ته  فرسٽ پوزيشن کڻي هتي ئي استاد ٿئي. اهڙي طرح هن 11-2010ع ۾ سلور ميڊل حاصل ڪيو ۽ 2012ع ۾ بطور ٽي اي اپوائنٽمينٽ ٿيو ۽ 2014ع ۾ ڪنفرم ليڪچرر ٿيو، جيڪا نه صرف هن جي ڪميونٽي لاءِ بلڪه پوري علائقي لاءِ اتساهه جو ڪارڻ بڻيو.
 سائين هنس راج هنس جي شخصيت اهڙي ته سٻاجهي ۽ ماٺيڻي آهي جو جڏهن به ملبو اٿس ته خلوص، سڪ ۽ سڀاءَ سان پيش ايندو آهي، هي خاموش فقير منش جڏهن پنهنجا چپ چوريندو آهي ته به پنهنجي ماروئڙن لاءِ اهو ئي الڪو هوندو اٿس "سنڌ کي پڙهيل لکيل ۽ شعور يافته ماڻهن جي وڏي ضرورت آهي، اهي پنهنجي تعليم کي سنجيده سمجهن ۽ سچائي ڏيکاري ۽ ماهر ٿي قوم جي خدمت ڪن".

هنس راج هنس اوڏ جيڪو اوڏڪي خوشبودار ۽ چيڪي مٽيءَ مان ڳوهجي ٺهي راس ٿي، اسريو ۽ پنهنجي ڪميونٽي توڙي قوم جي شاگردن کي اتساهي ۽ اڳتي اچڻ لاءِ همٿائي ٿو، هن معاشري جي ترقي ۽ باشعور بڻائن لاءِ اهڙن ئي ماڻهن جي هن سماج کي شديد ضرورت آهي.

رميز لاکو اياز پروفائيل

رميز لاکو
پروفائيل
2k14/mc79


شاگردن جي اعتماد کي زنده ڪندڙ سائين اياز دانش شيدي

اڄ جي هن نفسا نفسي دور ۾ هر ماڻهو صرف پهنجي آسائش ۽ فائدو ڳولهي ٿو اتي وري ڪجھ اهڙا ماڻهو به هوندا آهن جنهن جي دلين ۾ انسانيت جو درياءَ وهندو آهي جيڪي انسان دوست ٿيندا آهن ۽ جيڪي انسانيت جي فائدي کي پهنجو فائدو سمجهندا آهن جنهن جي دلين ۾ ڪا به تفريق ناهي هوندي دراصل اهڙن ماڻهن کي اگر انمول هيري جو لقب ڏجي ته غلط نه هوندو . بلڪل اهڙي ئي قسم جو ماڻهو سائين اياز دانش شيدي بدين جي سرزمين تي رهندڙ آهي  جيڪو
مٿين سمورين خاصيتن سان  معاشري جي شاگردن جي خدمت ۾ رڌل آهي.
ساائين اياز دانش جيڪو هڪ استاد آهي جنهن پهنجي تعليم سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي ما ن پرائي  آهي هي هڪ اهڙو استاد آهي جيڪو شاگرد جي زندگي جي هر پهلو کي چڱي طرح پرکي ويٺو آهي ڪنهن به شآگرد کي پرکڻ هن جي لاءِ ڪو وڏو مسئلو نه آهي پر هي چاهيندو آهي ته شاگرد پهنجي عملي زندگي کي سڃاڻي پئي ته ان کان بهتر ٻي کالھ ناهي  ۽ جيڪي شيون هن پهنجي شاگردي واري زندگي ۾ ڏکيون محسوس ڪيون انهن کان شآگردن کي آگاھ ڪندو آهي . سائين اياز دانش شاگردن جي هميشه کان مدد ڪندو آيو آهي خاص ڪري انهن جو اعتماد جاڳائڻ ۾ هن پهنجون صلاهيتون استعمال ڪيون آهن ۽ شاگرن کي ڳالهائڻ، سوچڻ، سمجهڻ لائڪ بڻايو ڇڏي هن جا جيڪي به شاگرد ٿي گذريا آهن اگرانهن سان ڳالھ ٻولھ ڪري ڏسبي ته اهو جوهر ڏسڻ لاءِ ملندو ۽ ان شاگرد وٽ فڪري ذهن ۽ استعمال لاءِ اهي دلڪش الفاظ ٻڌڻ لاءِ ملندا جيڪي سائين اياز جي وجود جو ثبوت ڏيندا . سائين اياز دانش وٽ هر فن جي معلومات آهي هي هر ميدان ۾ سرگرم رهي ٿو شاعري ، ادب، بحث مباحثي ۽ تقرير ۾ هن جو ڪو جواب ناهي ۽ جڏهن وري هي ڪنهن شاگرد کي شاعري جي مقابلي يا تقرير جي مقابلي لاءِ تياري ڪرائيندو آهي ته هو شاگرد جي اندازي بيان تي تمام گھڻو زور ڀريندو آهي سنڌ ليول تي سائين جا شاگرد هميشه پهرين  پوزيشن ماڻيندا آهن پوءِ  ڀلي تقريري مقابلو هجي بحث مباحثو هجي يا شاعري جو مقابلو هجي.
سائين اياز دانش کي ننڍي هوندي کان ڪنهن به ڄاڻ کي سکي سيکارڻ جي فن ۾ دلچسپي هوندي هئي ڪا به ڄاڻ هوندي هئس ته اهڙي انداز سان سيکاريندو هو جو ٻڌندڙ جي ذهن ۾ ڪو به سوال باقي نه رهندو 7 اهو ئي سبب آهي جو هن پهنجي دلچسپي واري شعبي کي پنهنجي فطرت سمججي قبوک ڪيو آهي ۽ هن جهڙو استاد شايد ئي ڪٿي پيدا ٿيو هجي . هن جو چوڻ آهي ته سيکارڻ لاءِ لازمي آهي ته توهان کي پوري طرح سکڻ اچي ۽ جيڪڏهن توهان کي مڪمل طرح سکڻ اچي ويو ته سکجي ڪئين ته پوءِ اهوان لاءِ سيکارڻ ڪو مسئلو نه رهندو ڇو ته سکڻ ۾ وڏي زهني صلاحيت استعمال ڪرڻ جي صرورت هوندي آهي ۽ جنهن ۾ اها صلاهيت اڻکٽ هوندي آهي اهو ڪيتري قدر شاگردن کي سيکاري سگھي ٿو . سائين اياز ظاهري طور تي ته ڪا خاص شخصيت نه آهي پر اٽي ۾ لوڻ جيان هن جو وجود آهي محسوس نٿو ٿئي غور طلب ڳالھ اها آهي ته جيڪي نسلون پهنجو منزلون وڃائي ويٺيون آهن پهنجو شوق، اعتماد تباھ ڪري ڇڏيو اٿن صرف غير سنجيده سرگرمين لاءِ اهڙين نسلن جي اعتماد کي آسمان تي پهچائڻ ۾ ڪيتري محنت ۽ دل لڳي جي صرورت آهي اهو ته اهو ئي سمجهي سگهي ٿو   جنهن وٽ سيکارڻ جي قابليت اڻٿڪ هجي.
مون ڏٺو ته اهڙا شاگرد جن ڪڏنهن سوچيو به نه هو ته هو ايترا چست ٿي اعتمادي مقابلن  ايتري دلچسپي سان حصو وٺندا ۽ وري پوزيشن ماڻيندا اهڙا شاگرد جن کي ڪڏهن صحيح طريقي سان ڳالهائڻ نه ايندوهو اڄ سائين اياز کان ٽرينڊ ٿي ڪري ڪنهن به معاملي ۾ ڳالهائيندي ٿڪبا ئي ناهن ، احساس ڪمتري ۾ مبتلاشاگرد سائين وٽ اچڻ کان پوءِ حيرت ۾ پئجي ويندا آهن ته اسان پهرين ڪهڙا ۽ هاڻي ڪهڙآ آهيون . هڪ شاگرد جنهن ملڪي سطح تي تقريري مقابلي ۾ پهرين پوزيشن ماڻي جو چوڻ هو ته آئون پهرين لفظن جي ادائيگي ۾ لڙکڙائيندو هئس، گهٻرائيندو هئس ڪنهن سان نه ملندو هئس ۽ گهڻو سوشل به نه هئس پر مهنو گرو سائين اياز دانش مون ۾ اهڙي قابليت ڏٺي جو هو روز مونکي هدايت ڪندو هئو مهنجي خوف کي مٽائي وڌيڪ ڳالهائڻ جي صلاحيت پيدا ڪئي ساڳي طرح ڪافي اهڙا شآگرد آهن جن کي سائين اياز دانش عملي طريقي سان سندن زندگي سڌارڻ ۾ مددد ڪئي.

جنهن وٽ اعتماد جي کوٽ آهي اهو پهنجي زندگي  ۾ کوڙ سارا موقعا وڃائي وهي ٿو  ڪو وري ڊپريڊن جو وڃي ٿو نه ڪنهن سان ڳالهائڻ جو سليقو نه ڪنهن سان اٿڻ ويهڻ جي ڄاڻ ، ڄڻ زندگي عذاب بڻجي پئيس  پر ساڳي طرح اگر ڪنهن وٽ ڀرپور اعتماد آهي  ته سماج ۾ ئي نه پر جتي هو ويندو اتي پهنجو نالو چورائيندو ۽ ڪڏهن به ڪنهن موقعي کي هٿن مان وڃڻ نه ڏيندو ۽ سائين اياز دانش وٽ قدرت جي طرفان مليل هي انمول تحفو آهي جيڪو ڪيترن ئي گھرن کي بک جي باھ کان بچائي ٿو يعني سائين اياز دانش قطع ئي نه ڏسندو آهي ته ڪنهن کي تربيت ڏيڻ سان هن جو ڪهڙو فائدو ٿيندو پر هي ته اهڙن غريبن کي به تربيت ڏيندو آهي جنهن جي گھرن ۾ مشۡ: شآڻ ٻن وقتن جي ماني پچندي آهي . سائين اياز دانش جيڪو پهنجا فرائص بطور هڪ پرنسپل شاه لطيف پبلڪ اسڪول ۾ بخوبي ادا ڪري رهيو آهي ۽ جهڙي به اسڪول ۾ هي ويندو آهي ان اسڪول جي رونق ٺهي پوندي آهي ڇو ته ٻارن جا والدين چاهيندا آهن اسان جا ٻار هن وٽ پڙهن . سائين اياز دانش معاشري جي ان رجحان کي سختي سان ناپسند ڪندو آهي جتي ٻارن کي زور ڀريو ويندو آهي ته توکي ڊاڪٽر ٿيڻو آهي يا انجينئير ٿيڻو آهي ان سان مائٽن جو ٻارن تي پڙهائي جو پريشر وڌي ويندو آهي ۽ ڪي ٻار ته نفسياتي مريض ٿي پوندا آهن پر جيڪي ٻار ڊاڪٽر يا انجنئير ٿي به ويندا آهن شوق نه هئڻ جي ڪري هميشه زندگي مان بيزار هوندا آهن ۽ جيڪڏهن ان جي بجاءِ ٻار کي ان طرف ڌيان ڏيارجي جنهن طرف ان جي دلچسپي هجي ته پوءِ ان جهڙو بهتر تخليقار ڪير به نه ٿي سگهندو هن جو چوڻ آهي ته ٻارن کي ڊاڪٽڙ يا انجينئير ٿيڻ تي زور نه ڀريو وڃي ڇو ته  ڊاڪٽڙ يا انجينئير ٿيڻ ڪا وڏي ڳالھ نه آهي پر هڪ بهتر انسان ٿيڻ واقعي وڏي ڳالھ آهي.