Showing posts with label امين. Show all posts
Showing posts with label امين. Show all posts

Tuesday, 16 August 2016

محمد امين تڳر پروفائيل

پروفائيل
محمد امين تڳر
رول نمبر: 115

هنس راج هنس اوڏ: ٿر ۾ پپل
ماڻهون سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهون منجهه اچي بوءِ بهار جي

لطيف سائين جون اهي سٽون رڳو ان پکي (هنج پکي) لاءِ ئي نه پر شايد  اهڙن جاکوڙي ۽  املهه ڪردار رکندڙ ماڻهن لاءِ تخليق ڪيون هيون، جيڪ پٺتي پيل ۽ گهٽ تعليم يافته علائقي واري تاثر کي مٽائڻ ڪارڻ ڀٽائي جي بيتن ۾ جوڳين جئان پٿرن جي هن شهر ڄامشوري جو رخ ڪن ٿا ته جيئن هو نه رڳو ان خيال، خبط کي ختم ڪن پر پنهنجي علائقي ۽ قوم جي ماڻهن لاءِ مشعل راهه بڻجي پيغام ڏين ته اسين ڀلي ڏورانهين علائقي جا ڇو نه هجون، اسين ڀلي اهڙي علائقي جا کڻي ڇو نه هجون جتي هر روز اسان منجهان ڪيترائي ئي بکن ۾ پها ٿيو وڃن، جتي وڏي مشڪل سان ڪو سڪل ڳڀو نصيب ٿيندو هجي، جتان جا ماڻهون پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپندا ڇو نه هجن، جتي اسان جون ڪيتريون ئي مائر پنهنجي بيڏوهي معصوم ٻچڙن کان صحت جي سهولتن کان محروم هجڻ ڪري ڌار ٿيو وڃن، پر اسان تڏهن به همت نه هاري آهي، اسان پنهنجي ماروئڙن لاءِ جيئڻ ڪون ڇڏيو آهي. اهڙن ئي ماڻهن مجنهان هنس راج هنس پڻ آهي. جنهن هنج پکي وانگر موتي ماڻڻ لاءِ هن پٿريلي زميني واري تدريسي شهر جي علمي درياهه منجهان ڏاهپ، علم ۽ سمجهه جا املهه موتي ڳولي ورتا آهن.

هنس راج هنس اوڏ جنهن جو جنم 1990ع ۾ عمر ڪوٽ ضلعي جي  ڳوٺ مانڌل ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ ٿيو، جتي مشڪل سان ٻن ويلن لاءِ ڳڀو ميسر ٿيس پر سندس ۽سندس والد جي همت جس لهڻن جو اهڙيءَ وارياسي، ڀٽن جي هيراڪ، ڪڏهن به وقت جي هوائن آڏو ڀٽن وانگر ڪڏهن به ڪنهن ٻي پاسي نه اڏاميو، مسلسل پنهنجي منزل ڏانهن وڌندو رهيو. هنس راج هنس شروعاتي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول مانڌل مان حاصل ڪئي، جتان پنج درجا پاس ڪرڻ بعد مئٽرڪ 2003 ۾ عمرڪوٽ  شهر  جي هاءِ اسڪول نمبر 2  ۽ انٽرميڊيئيٽ 2005 ۾ پري ميڊيڪل ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ ميڊيڪل گروپ ۾ ڪيائين.
هاءِ اسڪول واري زماني کان شاعراڻا ۽ ادبي شوق رکندڙ هنس راج جيڪو پنهنجي هاءِ اسڪول جي استاد  محمد موسيٰ ڪنڀر کان متاثر ٿي شعور جا ڏاڪا چڙهندو ويو. تنهن اسڪول واري زماني کان ڪوشش اخبار ۾ سنڌ جي قومي، سماجي ۽ علمي اشوز تي لکڻ شروع ڪيو، هن جو  پهريون ليک ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪوشش ۾ ڇپيو هو، اهڙي طرح هن جو  پڙهڻ لکڻ وارو سلسلو جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو.
 هنس راج هنس جڏهن 2010ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ان وقت ادبي لحاظ کان هو ڪافي ميچوئر هيو ۽ هن کي اهو سمجهه ۾ آيو ته سماجي تبديلي ۾ خالص ادب جو وڏو ڪردار آهي پر ان کان وڌيڪ جيڪو اثرائتو ادب آهي اهو سياسي ادب ئي آهي. جيڪو سنجينده، فڪري، انقلابي ۽ نظرياتي پڻ آهي ۽ نئين سماج اڏڻ لاءِ نظرياتي ادب اهم آهي، ان ڪري ئي هنس راج هنس سياست جي شعبي جي چونڊ ڪئي ۽  سياسي  ۽ سماجي شعور هئڻ ڪري جاگيرداري، قبيلائيت، سرداري کي ننديدو رهيو پر اڳتي هلي طبقاتي شعور واري فڪر سبب مارڪسزم پڻ متاثر ڪيس.
پنهنجي پڙهائي دوران کوڙ ساريون علمي ۽ ادبي سرگرمين جو حصو رهيو، جن ۾ هن شعبي جي مختلف استادن جا ليڪچر رکرائيندو رهيو ۽ مختلف ٽريننگ پروگرامن ۾ شامل ٿيندو رهيو. ان سان گڏوگڏ ٻه سال سنڌ ادبي سنگت جي پروگرامن ۾ آرگنائيزر طور شموليت ڪيائين، گڏوگڏ ڪاوش ۾ پڻ لکندو رهيو.
هنس راج هنس پنهنجي ڪلاس جو پوزيشن هولڊر شاگرد ٿي رهيو ۽ هن جو خواب هئو ته  فرسٽ پوزيشن کڻي هتي ئي استاد ٿئي. اهڙي طرح هن 11-2010ع ۾ سلور ميڊل حاصل ڪيو ۽ 2012ع ۾ بطور ٽي اي اپوائنٽمينٽ ٿيو ۽ 2014ع ۾ ڪنفرم ليڪچرر ٿيو، جيڪا نه صرف هن جي ڪميونٽي لاءِ بلڪه پوري علائقي لاءِ اتساهه جو ڪارڻ بڻيو.
 سائين هنس راج هنس جي شخصيت اهڙي ته سٻاجهي ۽ ماٺيڻي آهي جو جڏهن به ملبو اٿس ته خلوص، سڪ ۽ سڀاءَ سان پيش ايندو آهي، هي خاموش فقير منش جڏهن پنهنجا چپ چوريندو آهي ته به پنهنجي ماروئڙن لاءِ اهو ئي الڪو هوندو اٿس "سنڌ کي پڙهيل لکيل ۽ شعور يافته ماڻهن جي وڏي ضرورت آهي، اهي پنهنجي تعليم کي سنجيده سمجهن ۽ سچائي ڏيکاري ۽ ماهر ٿي قوم جي خدمت ڪن".

هنس راج هنس اوڏ جيڪو اوڏڪي خوشبودار ۽ چيڪي مٽيءَ مان ڳوهجي ٺهي راس ٿي، اسريو ۽ پنهنجي ڪميونٽي توڙي قوم جي شاگردن کي اتساهي ۽ اڳتي اچڻ لاءِ همٿائي ٿو، هن معاشري جي ترقي ۽ باشعور بڻائن لاءِ اهڙن ئي ماڻهن جي هن سماج کي شديد ضرورت آهي.

امين تڳڙ فیچر

امين تڳڙ 
2k14/mc115
3rd year

 فٽنگ وارا ڪپڙا عورتن جي پسند

خوبصورت لباس عورت جي شخصيت کي منفرد بڻائي ٿو هر دور ۾ عورت مختلف انداز جا فيشن ڪندي لباس پاتو آهي اڄ جي دور ۾ جتي پهراڻ ۽ ڀرت بريل ڪپڙا عام ٿيا آهن اتي جينس ٽائيپ ۽ فٽنگ وارا ڪپڙا به عام ٿيا آهن خاص ڪري نوجوان ڇوڪرين ۾ فٽ ۽ تائٽ ڪپڙا عام آهن جيڪي ڪپڙا فيشن جو حصو سمجها وڃن ٿا . جڏهن ته هڪ نئين تحقيق جي مطابق تنگ ۽ ٽائٽ ڪپڙا جلدي ۽ چمڙي جي بيمارين جو سبب ٿين ٿا ڇو ته فٽنگ وارن ڪپڙن ۽ جسم کي هوا ۽ آڪيسجن نٿي ملي ته جسم جا خليه صحيح طرح نشو نما نٿا حاصل ڪن خاص ڪري گرمين جي مند ۾ پگھر گھڻو ايندو آهي جنهن ۾ تمام گھڻا جراسيم پڻ هوندا آهن اگر فٽنگ وارا ڪپڙا پاتل آهن ته پحر وارا جراثيم ڪپڙن ۾ جذب ٿي چمڙِي جو ڪئي بيماريون پيدا ڪندا آهن اڪثر ڪري گرمين ۾ نيلون جرسي يا ريشمي ڪپڙا پائڻ سان جسم ۾ خارش يا ٻيا مسئلا پيدا ٿين ٿا .
جيڪي فٽنگ وارا ڪپڙا پاتا وڃن ٿا انهن ۾ پگھر خشڪ به ڪون ٿيندو آهي ان لاءِ چمڙي جي بيماري کي وڌيڪ پکڙجڻ جو موقعو ملندو آهي .
گرمين ۾ لباس هميشه هلڪو ڦلڪو پائڻ گھرجي گھر ۾ لون جا وڏا ۽ ويڪرا ڪپڙا پائڻ گھرجن ته جئين پگهر گهٽ کان گھٽ نڪري ۽ جسم کي هوا به لڳي سگهي ڪوشش ڪجي ته ٻن ڏينهن کان وڌيڪ ساڳيو لباس نه پاتو وڃي ڇو ته ساڳئي لباس ۾ پگهر جي ڪري جراثيم جسم تي بيماريون پيدا ڪن ٿا جڏهن ته ويڪرو لباس نه صرف آرمده هوندو آهي پر ڪپڙن تي پگهر گهٽ لڳي بيماريون گھٽ پيدا ڪندو آهي . گرمين ۾ سنهو ۽ ٿڌو ڪپڙو پائجي ڇو ته لون ۽ ململ جو لباس نه رڳو جسم کي گرمي کان بچائي ٿو پر ان ۾ پگهر گھٽ نڪري ٿو .
موسم ڪهڙو به هجي فٽنگ وارا ڪپڙا هميشه جسم تي چمڙي جون بيماريون پيدا ڪندا آهن سياري ۾ به چمڙي جون بيماريون لباس مان پيدا ٿين ٿيون ڇو ته سياري ۾ هڪ ئي سوٽ هفتي ۾ ٻه ڀيرا به پاتو وڃي ٿو لاڳيتو ٻه  ڏينهن به هڪ لباس پائين سان پگهر اچي ٿو يا وري سياري ۾ لباس جي مٿان سوئيٽر ، ڪوٽي پائيڻ سان جسم ۾ پگهر نڪري ٿو ۽ ان مان به بيماريون پيدا ٿين ٿيون ڇو ته جيڪيٽ ۽ سوئِٽر فٽنگ وارو هوندو آهي انڪري ان ۾ به پگھر جذب گھٽ ٿيندو  آهي تنهن ڪري چمڙي جو بيماريون پيدا ٿين ٿيون.
اڄ ڪلھ فيشن ۾ جينس ٽائيٽ عام پاتي پئي وڃي جنهن سان گوڏي جي بيماري عام آهي جڏهن ته ڪپڙا فٽ هجڻ سبب پگهر جي بوءَ خارش ۽ داڻن جي بيماري به ٿئي ٿي اڪثر نوجوان عرتون ڪمر وٽان ڪميس فٽ رکرائنديون آهن پوءِ هڪ ئي انداز سان ويهڻ سبب چيلھ جو سور ٿي پوندو آهي جيڪو وڌي وڃي ڪلهي ۽ ڳيچي تائين پهچندو آهي ڇو ته فٽنگ واري ڪميس ۾ رليڪس ٿي ويهڻ مشڪل آهي پوءِ اهي بيماريون پيدا ٿين ٿيون تنگ ۽ فٽنگ وارا ڪپڙا فزا ۽ ماحول ۾ گرد و غبار جلد جذب ڪندا آهن ۽ پگهر ۾ موجود نمڪيات ۽ ڪيميڪل به جذب ڪندا آهن جنهن سان چمڙي جا انفيڪشن ٿين ٿا جيڪي اڳيان هلي ڪينسر جو سبب بڻجي سگهن ٿا .
ماهرين جي تحقيق مطابق بيمارين کان بچڻ جي لاءِ کلا ۽ ڍرا ڪپڙا پائڻ گھرجن جڏهن ته گهرا رنگ به چمڙي جي بيماري جو سبب آهن ان لاءِ هلڪا ۽ ٿڌا رنگ پائجن ڇو ته هلڪا ۽ قدرتي شين سان تيار ڪيل لباس جلد لاءِ مسائل پيدا ڪون ڪندا آهن .

اسان کي گهرجي ته نه رڳو فٽنگ وارا ڪپڙا پر شوخ ۽ گھرا رنگ پائڻ کان پاسو ڪيون ته جئين اسان چمڙي جي بيمارين کان بچي پهنجي زندگي صحتمند گذاريون.