Showing posts with label مشتاق جمالي. Show all posts
Showing posts with label مشتاق جمالي. Show all posts

Monday, 22 August 2016

پروفائيل, مشتاق جمالي,

Intro is too traditional.. and old fashioned .  take soem thing new
پروفائيل:  نامور ليکڪ منوج ڪمار
لکندڙ: مشتاق علي جمالي
2K14/MC/142    BS-III
                                         جُڳن کان جيئندڙ جيجل سنڌ، هيرن، موتين، ماڻڪن، لعلن ۽ جواهرن جي اڻ کٽ کاڻ آهي. هيءَ سڳوري ۽ سُونهاري سنڌ، عظيم ۽ قديم آهي. هن جي مٽي مُلهه مهانگي ۽ مهان آهي. هن ڌرتيءَ جي ڪک مان جنم وٺندڙ  هر شخص زندگيءَ جي هر ميدان ۽ هر موڙ تي پنهنجو مٽ پاڻ ثابت ڪري ملهايو آهي. ثقافت جي جنم ڀومي واري مهراڻ جي شهر هالا ۾ جنم وٺندڙ منوج ڪمار به انهن مان هڪ آهي.
هي عظيم ليکڪ هالا ۾ صوفي ميگھراج جي گھر ۾ 23 فيبروري 1971ع تي پيدا ٿيو. سندس والد جيتوڻيڪ بايو ڪيمسٽري ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ماسٽرس ڪئي پر هن آزاد منش صوفي بڻجڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني.
منوج ڪمار انٽر تائين تعليم هالا ۾ ئي پرايو ان ڏس ۾ هن پرائمري تعليم مخدوم امين فهيم پرائمري اسڪول، ايم جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ۽ 1988ع ۾ اسلاميه سروري ڪاليج مان انٽرميڊيٽ جي تعليم مڪمل ڪئي.  ان کان پوءِ انگريزي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي مان 1995ع ۾ ماسٽرس ڪيائين. هن صاحب جي تعليمي قابليت ۾  بي ايڊ جي ڊگري پڻ شامل آهي.
هن پنهنجي لکڻ جي شروعات 1995ع ۾ جاگو اخبار کان ڪئي. هن سنڌ ٽربيون ۽ فائنينشل پوسٽ جي پڙهندڙن سان به پنهنجا خيال ونڊيا. ڪجھ وقت تائين سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.  پوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي 1996ع ۾ ليڪچرار چونڊجي تعليم کاتي ۾ آيو. هن وقت هالا جي سروري اسلاميه ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪاليج جي شاگردن جي روشن مستقبل لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽي  مان ايم فل پڻ ڪري رهيا آهن.
قلمڪار پروفيسر منوج ڪمار کي ننڍي هوندي کان ئي ادب ڏي چاه رهيو آهي، هو نائين ڪلاس ۾ هيو جڏهن هن ادبي رسالا پڙهڻ شروع ڪيا تڏهن کان ئي هن کي سنڌي سان گڏوگڏ اردو ادب  ۾ به سٺي گرپ حاصل آهي.
هالا ۾ اسي واري ڏهاڪي کان وٺي هيل تائين  جيڪي علمي ۽ ادبي ادارا جڙيا يا سرگرميون ٿيون تن ۾ هن جو ڀرپور حصو رهيو آهي.  هن پنهنجي منفرد ۽ جديد فڪري سوچ سان هالا جي روايتي ادب کي نئون رخ ۽ نئين مقصد ڏني آهي.
ڪافي سالن تائين روزاني ڪاوش ۾ سندس ڪالم توڙي مضمون شايع ٿيندا رهيا، جيڪي نوجوان نسل جي علمي اڃ اجھائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا.
جتي هن گذريل ٻن ڏهاڪن کان پنهنجي لکڻين ذريعي ادب، ٽيڪنالاجي  ۽ سماجي مسئلن تي پنهنجا خيال ونڊيا اتي هن پئبلو نرودا، ۽ ٻين ڪجھ نامور ليکڪن جي آتم ڪٿائن جو اختصاري ترجمو پڻ ڪيو آهي. ان کان علاوه شيخ اياز جي نثري ڪم کي پڻ انگلش ۾ ٽرانسليٽ ڪري رهيا آهن. ڏسجي ته اهو ڪو سولو ڪم ناهي پر جس آهي اهڙن املهه ماڻهن کي جيڪي گھٽ وسيلن ۾ به اهو ڏکيو ڪم سرانجام ڏئي ايندڙ نسل کي انمول تحفو ڏئي رهيا آهن.
سائين منوج ڪمار ڪجھ سال اڳ ڪجھ لوڪ ڪهاڻين کي نئين انداز ۾ لکيو هو. اهي ٻن ڪتابن جي صورت ۾ سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري پاران ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتا آهن.
سائين منوج ڪمار پنهنجي ڪهاڻين ذريعي نه صرف سماجي مسئلن کي اجاگر ڪيو پر انهن کي ان انداز ۾ پيش ڪيو جنهن سان مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ به هٿي ملي، اهي ڪهاڻيون اوهان کي ڪاوش مئگزين ۾ پڙهڻ لاءِ ملنديون. ان کان علاوه سائين منوج ڪمار انگريزي ٻولي جي استاد طور به وڏو نالو رکي ٿو، سائين منوج جي پڙهائڻ جو بهترين طريقيڪار ۽ محنت جي نتيجي ۾ هتان جا شاگرد انگريزي ٻولي ۾ سٺي مهارت رکن ٿا.
سائين منوج ڪمار جي شخصيت بيحد سادي آهي، ڇو ته پاڻ سادگي پسند آهن. ادب سان بيحد پيار ڪندڙ  سائين منوج جو چوڻ آهي ته هن پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن به ادب جو ڪو وڏو نالو نه سمجهيو آهي۔ پنهنجي وس ۽ شوق آهر ادب جي مختلف صنفن ۾ ڪم ڪيو جنهن کي پڙهندڙن پاران پسند ڪيو ويو، جيڪا سندس  لاءِ سڀ کان وڏي مڃتا آهي۔
سائين منوج جو چوڻ آهي ته ادب جي هر صنف سان چاهه آهي، دلي خواهش آهي ته هڪ ناول لکي پنهنجي پڙهندڙن جي نظر ڪريان، ناول لکڻ ڪا عام ڳالهه ناهي، ناول ڪمٽمينٽ آهي پنهنجي ڪم سان پنهنجي سوچ سان ان لاءِ ڪم ۾ تسلسل ۽ وقت جي ضرورت آهي پوءِ به ضرور ڪوشش ڪبي، ڪوشش ئي ته ڪاميابي جي ڪونجي آهي.

سنڌ جي تعليمي نظام جي حوالي سان سائين جو چوڻ هو ته طبقاتي نظام جي ڪري شاگردن کي معياري تعليم نٿي ملي، جيتري ذهانت ٻهراڙي جي شاگردن ۾ آهي اهو شهرن ۾ ناهي. مدي خارج سليبس ٻارن کي پڙهايو ٿو وڃي. سنڌ جي شاگردن لاءِ هن جو چوڻ هو ته سنڌي ٻار روحاني طور سنڌ کان ڪٽيل آهن. تنهنجي ڪري هو ادب کي ايترو ويجھو نه اچي سگھيا، هاڻي استاد واحد ذريعو ناهي رهيو سکيا لاءِ ٻيا به کوڙ سارا ذريعا  آهن شاگردن کي ان مان فائدو وٺڻ گھرجي.

Wednesday, 17 August 2016

آرٽيڪل: مشتاق علي جمالي

آرٽيڪل:  هيپاٽائيٽس: علاج ۽ احتياط
مشتاق علي جمالي
2k14/mc/142  BS-III
هيپاٽائيٽس: علاج ۽ احتياط
بيماريون ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اوهان کي ملنديون پر پاڪستان جنهن ۾ خاص ڪري سنڌ صوبو ان بيمارين جو پناه گاه چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ان بيمارين ۾ ڪجھ اهڙا مرض آهن جن کي موتمار سمجهيو وڃي ٿو ان ۾ هيپاٽائيٽس به هڪ اهڙو موضي مرض آهي جيڪو هڪ آدم خور جيان انساني زندگيون ڳڙڪائيندو وتي ٿو، ان کي ڄڻ ڪو لغام ڏيڻ وارو ئي ڪونهي. پوري دنيا ۾ 130 کان 150 ملين ماڻهو هيپاٽائيٽس جو شڪارآهن. جن مان 75 سيڪڙو جو تعلق ايشيائي ملڪن سان آهي. ۽ هيپاٽائيٽس  جي مرض ۾ ورتل 25 سيڪڙو مريض انهيءَ بيماريءَ سبب موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن. جگر جي سوڄ کي هيپاٽائيٽس چيو ويندو آهي وائرس خاموشيءَ سان سندس جگر تي اثر انداز ٿي ويندو آهي. هيپاٽائٽس جي بيماريءَ کي خاموش قاتل به چيو ويندو آهي
 سنڌ ۾ ڪروڙين ماڻهون  هيپاٽائيٽس جي مرض ۾ مبتلا آهن، رڳو سرڪاري انگ اکرن موجب هيپاٽائيٽس بي  جا هڪ ملين ۽ سي  جا ٻه ملين مريض آهن. صوبي اندر هيپاٽائيٽس جي روڪٿام لاءِ وڏي وزير جو اسپيشل پروگرام براءِ هيپاٽائٽيس به هلندڙ آهي. جنهن تحت سموري صوبي اندر هيپاٽائيٽس جي مريضن کي مفت چڪاس ۽ دوائون فراهم ڪرڻ پروگرام جي اهم ذميواري آهي. پر انهيءَ پروگرام جي موجودگيءَ ۾ به صوبي جي آبادي مان لکين ماڻهن کي ته اها خبر ئي ناهي ته اهي انهيءَ خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا آهن.
علاج ته پوءِ ٿو اچي پهرين ڏسجي ته آخر اها بيماري ايتري عام ڇو ٿيندي ٿي وڃي .هن بيماري جا ڪجهه سبب هي به آهن ته پيئڻ جو صاف پاڻي نه ملڻ ، گھڻو سڻڀ، آپريشن جي جراثيمن وارا اوزار، ڏندن جي سامان، حجام جي سامان، بار بار رت ڏيڻ، نشو ڪرڻ، سرنج جو بار بار استعمال،تماڪ، گٽڪو ۽ مين پڙي وغيره آهن.
چيو وڃي ٿو ته احتياط علاج کان بهتر آهي،اسان وٽ اهو تصور هاڻي پاڙون هڻي پختو ٿي ويو آهي ته اسان پنهنجي جسم سان هر طرح جي حرڪت ڪري سگهون ٿا ڇو ته گڙ ٻڙ جي صورت ۾ ڊاڪٽر ته ويٺو ئي ويٺو آهي. ڊاڪٽر جي شهه/ ڏڍ تي جسم، جيڪي پيٽ ۽ عضون سان حالتون ڪيون ٿا، جيڪو معدي ۽ هاضمي واري نظام تي بار اُڇلايو وڃي ٿو، تر-پڪ، پيٽ ٿنهي ڀرڻ ۽ ٻي سموري بي احتياطي باوجود اسان وٽ ورزش جو استعمال زيرو ٿي ويو آهي.

 بازاري مٺاين جي چسڪي ۾ به پاڻ ورتل آهيون، سموسي-پڪوڙي سان به سِڪ يا لاچار جون ڳنڍون ۽ دوستي پراڻي آهي، اسان ايئن به آهيون ته وري اسان هيئن به آهيون ته اسان کي جڏهن جڏهن مٿي يا پيٽ جو سور پريشان ڪندو، هوڙ يا ڏندن ۾ سور پوندو، هلڪو ڦلڪو ڪو بخار وٺندو، ڏينهن لڳندو يا ڪا ٻي لڱائي چڱائي هوندي ته اسان ميڊيڪل اسٽور تي چڙهنداسين، ٽڪين جي لپ منهن ۾ وجهي پاڻي لاءِ پيا واجهائيندا ۽ ڳيتون ڏينداسين ته اسان جي جسماني جوڙ جڪ واري سموري قدرتي نظام تي ڪهڙو اثر پوندو ؟  يقينن اسان جو اهو رويو بيمارين کي دعوت ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي.
جيڪي ماڻهون علاج جي ڏڍ تي اهو سڀ ڪجھ ڪري رهيا آهن ته اُهو هڪ ڀيرو ڪجهه منٽن لاءِ اسپتال جو ضرور چڪر لڳائين، اتي مريضن جي پيهه ۽ انهن سان ٿيندڙ حالت ڏسي توهان جو پنهنجي جسم سان بي احتياطي وارو رويو يقيني  طور بدلجي ويندو، جيڪڏهن توهان صحت کي واقعي قدرت جو سڀ کان بيش بها تحفو سمجهو ٿا.
 اسپتالون جتي تشخيص جو ڪو بندوبست ڪونهي، نسخو سرڪاري ڊاڪٽر جو آهي پر وڃي پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽور تي ٿو، ۽ معياري دوائون به ته نه ٿيون ملن  اهڙي حالت ۾ بيمار ٿيڻ کان ڇا احتياط بهتر ناهي ؟

هيپاٽائيٽس جي علاج واري طريقيڪار کي ايترو ته پيچيده بڻايو ويو آهي، جو مريض فوت ٿي وڃي پر پيچيدگي پنهنجي جاءَ تي برقرار رهي. وڏي وزير جي هيپاٽائيٽس پروگرام کي ته ماڻهو ساراهين ٿا پر دوا تائين رسائي هڪ سواليا نشان آهي، جڏهن دوا جي تسلسل ٽٽي ٿو وڃي ته انجو علاج تي برو اثر پوي ٿو.
2007 کان مئي 2016 تائين جي رپورٽ موجب انهن ڏهن سالن دوران 4 لک 57 هزار ماڻهن کي هيپاٽائيٽس جي تشخيص واري عمل مان گذاريو ويو، جن مان 55 هزار 966 ماڻهن ۾ هيپاٽائيٽس هجڻ ظاهر ٿيو پر سمورا مريض علاج لاءِ رجسٽر نه ٿي سگهيا. رپورٽ موجب لڳ ڀڳ 56 هزار مان رڳو 18725 ماڻهو رجسٽر ٿي سگهيا، جن مان سڀ جو علاج به ڪيو ويو، جڏهن ته 1725 مريض اهڙا آهن، جن جو اڃان به علاج جاري آهي، هن مهل تائين سي ايم جي انهي پروگرام مان رپورٽ موجب مڪمل علاج مان گذري چڙهندڙن جو انگ پندره هزار ستاسي آهي ان رفتار ۾ تشخيص ۽ علاج جاري رهيو  ته مريضن جو هڪ وڏو حصو موت جي منهن ۾ هليو ويندو.

هيپاٽائيٽس جو علاج ڪورسز جي صورت ۾ ڪيو وڃي ٿو، زياده طر انجيڪشن ذريعي علاج ٿيندو آهي، هڪ ته انجيڪشن غير معياري آهن ۽ ٻيو وري اهي غير محفوظ طريقي سان لڳايون وڃن ٿيون. تنهن لاءِ ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽڪين (ٽيبليٽس) ذريعي علاج ڪيو وڃي ته اهو زياده فائديمند رهندو.
ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت کي ڪاري ڪامڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل رٿا جي هن وقت تائين ٿيل سرگرمين جو ٽين ڌر کان ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن رپورٽ پڻ تيار ڪرائڻ گھرجي. ساڳي وقت اهو پڻ چيو ٿو وڃي ته جيڪڏهن صوبي اندر انهي مرض جي روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي صحيح علاج جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا ته ايندڙ سالن ۾ صوبي جي آبادي جو وڏو حصو ان مرض ۾ مبتلا ٿي سگھي ٿو.
سڀ ڳالهيون هڪڙي پاسي پر اهو هرگز نه وسارڻ کپي ته علاج کا احتياط بهتر آهي..!!



Thursday, 4 August 2016

رلي: سنڌي ثقافت جي سونهن - مشتاق جمالي

Unedited
فيچر: 

مشتاق علي جمالي
2k14/mc/142

رلي: سنڌي ثقافت جي سونهن

سنڌ شروع کان ڪپڙي جي واپار ۽ صنعت جو مرڪز رهي آهي، نه رڳو هتي جا مرد هنر مند ۽ ڪاريگر آهن، پر زالون به سگهڙ ۽ سڄاڻ آهن، هوءَ گھر جي ڪم ڪار  سان گڏ ڀرت به ڀرينديون آهن ۽ هر قسم جي ٽوپي جو ڪم ڪنديون آهن، جن مان نور نچوئي ٺاهيل رليءَن کي سنڌ جي ثقافت طور مڃتا حاصل آهي. سنڌ جي ٻهراڙي جون عورتون رنگ برنگي ڪپڙي جي ٽُڪرين کي وڏي مهارت سان ڳنڍي هڪ وڏي چادر جنهن کي مقامي ٻولي ۾ "رليءَ" ڪري سڏيو ويندو آهي تيار ڪنديون آهن. رليءَ اُتي جي  مقامي لفظ "رلانا" مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ آهي "ڳنڍڻ"۔ رليءَ خاص سنڌ جي سوکڙي آهي، رليءَون ٻهراڙيءَ جي گهرن جو سينگار آهن، سگهڙ عورتن جي هٿ جو هنر ۽ سندن ڪاريگريءَ جو شاهڪار آهن.
 رليءَون پاڪستان جي ڏکڻ وارن علائقن جهڙوڪ سنڌ، بلوچستان ۽ چولستان سحرا سان گڏ انڊيا جي راجستان ۽ گُجرات وارن علائقن ۾ پڻ تيار ڪيون وينديون آهي. مختلف ذاتين، قبيلن، ڳوٺائي مايون توڙي خانه بدوش عورتون گھرن ۾ ويهي رليءَءَ جو ڪم ڪنديون آهن. رليءَءَ جو استعمال هنڌ يا بستري طور ٿيندو آهي، ٻهراڙي ۾ اڪثر ماڻهو مهمانن کي کٽ تي رليءَ وڇائي خاطر توازا ڪندا آهن. ان کان علاوه نياڻي جي ڏاج رليءَ بنا اڌوري سمجهي وڃي ٿي. رليءَ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ هڪ خاص ثقافت طور سڃاتي وڃي ٿي. 
سنڌ جي سگھڙ عورتن جي هن خوبصورت شاهڪار کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ نمائش طور پيش ڪيو ويو. آمريڪا جي ڪيترن ئي عجائب گھرن ۾ پڻ نمائش طور پيش ڪيو ويو، اوهان کي ٻڌائيندا هلون ته سڀ کان پهرين رليءَ جي نمائش سن 2003 ۾ آمريڪا جي شهر هوسٽن ۾ هڪ ميلي ۾ لڳائي وئي، آمريڪا جي "نيبراسڪا لنڪن" نالي يونيورسٽي ۾ رليءَ جا تقريبن 150 مختلف قسم موجود آهن. رليءَ جو هنر سڄي سنڌ ۾ آهي، مٽياري ضلعي جي ٽنهي تعلقن نيوسعيدآباد ، هالا، مٽياري جي ٻهراڙين اڏيرو لعل اسٽيشن، سيکاٽ، ڀٽ شاه موري، هالا ، نيو سعيدآباد ، بکر جمالي، ۽ جان محمد جمالي سميت ڪيترن علائقن ۽ ڳوٺن ۾  به سگھڙ عورتون هٿ سان خوبصورت رليون ٺاهن ٿيون. انهن جي بيهڪ، ڊزائن ۽ ٽوپو ڏسي، حيرت وٺي ويندي آهي.
رليءَ جا قسم  
سنڌ ۾ انيڪ قسمن جون رليون ٺهن ٿيون، جنهن ۾ ٽڪ واري رليءَ تمام گھڻي مشهور آهي، جنهن کي تيار ڪرڻ ۾ نه صرف وڌيڪ محنت گھربل آهي پر ان سان گڏ وڌيڪ خرچ ۽ وقت گھربل آهي. رليءَ جي ٻين قسمن ۾ ڇهن دٻلن واري، سورهن چنڊن واري، سٺ دٻلن واري، کوهه ڦيري واري، اڌ ٽڪ واري، پکي واري، نانگ ڦڻ، نور پڇي، ڦڻيءَ ڪور، فرشي، پتاشي، ٽڪ واري وغيره  شامل آهن،پر مختلف قومون پهنجي ريتن رسمن پٽاندڙ مختلف قسمن واريون رليون ٺاهينديون آهن، ان بنياد تي انهن جا نالا به مختلف هجن ٿا.
رليءَ ٺاهڻ جو طريقو.
سنڌي عورتون پراڻن ڪپڙن مان ڏاڍا ٽڪر ڪڍي، گڏ ڪنديون وينديون آهن. جڏهن ڪافي اڳڙيون گڏ ٿي وڃن، تڏهن انهن کي جدا جدا رنگ ڏيئي رڱينديون آهن. انهن مختلف رنگين ٽڪرين مان چورس، ٽڪنڊن، مستطيل شڪلين ۾ اڳڙيون ڪتري، ٽڪريون ٺاهينديون آهن. اهي ٽڪريون پاڻ ۾ ڳنڍي، جدا جدا ڊزائينون تيار ڪنديون آهن. هر هڪ ڊزائين کي ”چنڊ“ چئبو آهي. هن نموني سان تيار ٿيل رليءَ کي ”ٽڪرين واري رليءَ“ چئبو آهي. ڪي زالون وري اٽڪل هڪ گرانٽ هم چورس اڳڙيءَ جي ٽڪرن کي ڪئنچيءَ سان ٽڪينديون آهن. ان ٽڪيل ڪپڙي کي ٻي ڪپڙي جي مٿان سئيءَ سان جڙي، چنڊ تيار ڪنديون آهن. ٽڪ وارا چنڊ تيار ڪرڻ لاءِ گهڻي محنت ۽ ڄاڻ جي ضرورت هوندي آهي، اهڙيءَ رليءَ کي ”ٽڪ واري رليءَ“ چئبو آهي.
ٽڪ يا ٽڪرين مان تيار ڪيل چنڊن کي ڳنڍي، ڏيڍ ميٽر ويڪرو ۽ سوا ٻه ميٽر کن ڊگهو تہـ تيار ڪيو ويندو آهي، ان تهه جي چو طرف مختلف رنگن جون پٽيون ۽ ڪنگريون يا گڏيون لڳايون وينديون آهن، اهڙيءَ طرح هڪ تهہ تيار ڪرڻ بعد هڪ ٻيو لسو تهه به تيار ڪيو ويندو آهي.
تهن ٺاهڻ کان پوءِ لسو تهه وڇائي، ان جي مٿان پراڻي ڪپڙي مان صاف ڪيل اڳڙين جا ٻه ٽي تهه ترتيب سان سٿيا ويندا آهن. ان بعد ٽڪرين يا ٽڪ وارو تيار ٿيل تهه ان جي مٿان رکي، پاسن کان ٽوپو ڏنو ويندوآهي. تهن کي پاسن کان ٽوپي ڏيڻ بعد، ٿوريءَ ٿوريءَ وڇوٽيءَ تي ٽوپا ڏنا وينداآهن. انهن ڇڊن ٽوپن کي ”دوڳڻ“ چئبو آهي. رليءَ جي دوڳڻ جو اهو مقصد هوندو آهي ته تهن جي وچ ۾ سٿيل اڳڙيون اڳتي پوئتي ٿي ڳنڍا ڳوڙها نه ٿي پون. دوڳڻ کان پوءِ هر هڪ دوڳ جي وچ ۾ گهاٽا ٽوپا ڏنا ويندا آهن. اهڙيءَ طرح سڄي رليءَ تيار ڪئي ويندي آهي. ٽوپا ڏاڍي خبرداريءَ سان ڏنا ويندا آهن، ۽ انهن جا کڻ گهڻو ڪري هڪجيڏا ۽ هڪجهڙا هوندا آهن. انهي ڪم دوران عورتون پنهنجي پيارن جي لاءِ دعائيا سحرا به ڳائينديون آهن.
اڄڪلهه رليءَ جي ٺهڻ ۽ استعمال ۾ به نواڻ ۽ جدت آئي آهي. مثال طور اڄوڪي زماني ۾ اڪثر ماڻهو ڪپڙي جي هڪ وڏي تهه کي مشينري سان مختلف رنگين ٽڪرين جي شڪلن ۾ ڇاپي يا وري گلن ۽ ٻين قسمن جا ڇاپا هڻي ان تهه کي بنا ڪنهن دوڳڻ ۽ ٽوپو ٽاڙي جي کٽن تي وڇائيندا آهن. ان سان گڏوگڏ شهري ماڻهو به گهرن ۾ ان قسم جي رليءَ کي ڊرائينگ روم جي سجاوٽ ۾ ڪتب آڻين ٿا. انهي جدت کي ٻهراڙي ۾ به قبوليو ويو. اتان جي سگھڙ عورتن جو چوڻ آهي ته اسان اهي تهه خريد ڪري انهي کي رليءَ جي ساڳي مرحلي مان گذاريندا آهيون، ان سان  ٽڪريون ڳنڍڻ وارو وقت بچي پوي ٿو. 
رلي سنڌي ثقافت جي مهندار آهي سنڌ جي تاريخي قصن، لوڪ ڪهاڻين ۽ ڪلاسيڪل شاعري ۾ به رلي جو ذڪر ملي ٿو. سنڌ جو ڀلوڙ شاعر حسن درس به پنهنجي محبوب جي لاءِ زندگي جي رلي وڇائي ٿو.
زندگي ڀلي اهڙي، ٽڪ تي رلي جهڙي
آئون وڇايان تون نه ويهين، ان کان ويڙهيان کڻي
نور نچوئي رليون ٺاهيندڙ سگھڙ عورتن جو چوڻ آهي ته هڪ رلي ٺاهڻ ۾ گھٽ ۾ گھٽ مهيني جو وقت لڳي ويندو آهي، ان حساب سان ڏسجي ته اجورو گھٽ ملي ٿو، هڪ رلي مارڪيٽ ۾ ٻن هزارن کان پنج هزارن ۾ وڪامجي ٿي. هن مهانگائي جي دور ۾ پنج هزارن مان ٻن ويلن جي ماني جو انتظام به ناهي ٿيندو. ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته هن هنر کي ڇڏي ڏيون گذر سفر لاءِ ڪو ٻيو هنر ڪيون. “رلي سنڌي ثقافت جي سونهن آهي”  انهي جملي يا خوش فهمي سان ڀلا پيٽ ته نه ڀرجي سگھندو، جيئڻ جي لاءِ ٻن ويلن جي ماني ته ضروري آهي نه.
 جيڪڏهن سگھڙ عورتن هن هنر کي ڇڏي ڏنو ته پوءِ شايد رلي جو ذڪر مستقبل ۾ ڪتابن ۾ ئي ملندو، سنڌ سرڪار توڙي ثقافت کاتي کي گھرجي ته ثقافت جي هن اهم حصي کي بچائڻ جي لاءِ خاطرخواه قدم کڻي، رڳو رلي کي ٻاهرين ملڪن جي مارڪيٽن ۾ پهچائڻ جي لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن ته ان سان رليون وڏي تعداد ۾ ايڪسپورٽ ٿينديون، جنهن سان قيمتن ۾ به مناسب اضافو ٿيندو ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ به سنڌي ثقافت اجاگر ٿيندي.