Showing posts with label ڪامران. Show all posts
Showing posts with label ڪامران. Show all posts

Monday, 22 August 2016

ڪامران, فیچر,

Feature is always reporting based and current.
 Whats its condition now? What about its repair etc? who is  looking after it? Municipalty? district admn or some other deptt?
 Observe paragraphs in writing.
Kamran Rab Odhano
BS Part III 2k14/MC/174

                       
جيڪب آباد جو تاريخي ٽاور
سنڌ جي ھيٺين علائقي ۾ موجود ھن گهنٽا گهر کي تاريخي اهميت حاصل آهي. انگريزن جي دور ۾ ٺهيل ھن عمارت کي تاريخ جا 163 سال گذري چڪا آھن، پوءِ به ھي عمارت ساڳيءَ جڳھ تي موجود آھي ۽ِ ھن جي حيثيت به ھڪ الڳ نموني سان ضروري آھي ڇو ته دنيا ۾ تارِيخي جاين يا ماڳن جو ھئڻ ئي ان لاءِ آھي ته نئين دور جي نسل انھن آثار قديمن کي ڏسي ڪجھ سکي ۽ حاصل ڪري سگھن، جھڙي طرح پوري دنيا ۾ ھزارين اھڙا ماڳ مثال آھن جن کي تاريخ ۾تمام بھترين طريقي سان ورجايو وڃي ٿو ۽ اھڙن حيرت انگيز ماڳن کي ڏسي انساني دماغ دنگ رھجي وڃن ٿا ته ڪنھن وقت کان ھنن جو به ھن تيز ترين ھلندڙ دنيا سان ڪو لاڳاپو اھڙي طرح سان جڙي ويندو جو ھلندڙ
دور انهن کي تاريخن ۾ ورجايو ويندو ته سوين سال پھرين ھت ھي ھوندو ھو ۽ ان وقت ۾شايد ئي اسان موجود نه ھونداسين پر اسان کان پوءِ اسان ڳنڊيل ھر ھڪ شيءِ تاريخن جا ورڪ بڻجي ويندي جھڙي طرح اسان گذريل تاريخن کي ڏسي پڙھون ۽سمجھون ٿا. ھن عمارت جو سنگ بنياد رکندڙ برگيڊيئر جنرل جان جيڪب ھو جنھن جي پيدائش 11 جنوري 1812ع ۾ ولا ونگٽن جي ملڪ سمرسٽ انگلينڊ ۾ ٿي، ھن پنھنجي ابتدائي تعليم پنھجي والد کان پرائي، پوءِ ھن ڪميشن پاس ڪري 1828ع ۾ انگلينڊ کان نڪتا ۽ ٻيھر واپس ڪڏھن به انگلينڊ نه وڃي سگھيو، ھن انڊيا کان ھلي اچي پاڪستان جي سنڌ جي علائقي جي ڳوٺ خان ڳڙھ ۾ پھتا ۽ اتي پنھنجو ٺڪاڻو اڏايائون ۽ ان کان پوءِ ھتي جنرل جان جيڪب جي اچڻ کان پوءِ ئي خان ڳڙھ جو نالو جيڪب آباد پيو ۽ اتي ھنن گھنٽا گھر جو بنياد رکيو ۽ سندن نالو ”وڪٽوريا ٽاور“ رکيائون جيڪو ھنن راڻي وڪٽوريا جي ياد ۾ اڏرايو. ھي ٽاور پوري شھر جي وچ تي اڏيل آھي جنھن کي شھر جي دل ڪري به سڏيو وڃي ٿو. ھن کي ٺاھڻ ۾ سيمينٽ جي جڳھ تي چوني ۽ مٽي جو استعمال ڪيو ويو جنھن جي سبب ھي عمارت تمام مضبوط آھي. ڪيترائي سال گذرڻ باوجود ھي عمارت اڄ به شھر جي وچ ۾ مضبوطي سان اڏيل آھي. ھن وقت ان موجود تاريخي ماڳ جي اھڙي حالت آھي جو ان کي ڪو ماڻھو ڏسڻ به پسند ڪونه ٿو ڪري ڇاڪاڻ ته ھاڻ ان ٽاور جي چؤطرف سبزي مارڪيٽ ۽ فروٽ مارڪيٽ اڏجي وئي آھي ۽ جنهن جي ڪري اُتي سبزي ۽ فروٽ جو تمام گھڻو گند ڪچرو جمع ٿئي ٿو، صبح جي وقت ٻھراڙي جي ماڻھن جي تمام گھڻي رش ٿئي ٿي، ان جاءِ تي پير رکڻ جي جاءِ به ڪونه ٿي ملي، جڏھن صبح جو وقت ٿئي ٿو ته آس پاس جا ٻروچ اچي جمع ٿين ٿا ۽ سڄو ڏينھن اتي انھن جي رش ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته ٽاور جي ڀرسان ھڪ ڍڪيل بازار به ٺھيل آھي جتي اڪثر ڪري بلوچ خريداري ڪندي گهڻو نظر ايندا آهن. ان بازار ۾ انھن جي ضرورت جي ھرشيءِ موجود ھجي ٿي تنھن ڪري ٽاور جي چوڌاري تمام گهڻو ميلو متل رهي ٿو ۽ مٿان وري گڏھ گاڏن جي سواري پوءِ پورو شھر پيو اُٻري ماڻھو ھڪڙا اچن ٿا ته ٻيا وڃن ٿا، سبزي ۽ فروٽ جي گندگي سبب شھر جا رولاڪ جانور به اچن ٿا اتي خراب فروٽ کائڻ لاء جيڪو فالتو ڪري اڇلايو وڃي ٿو.ان ڪري ھاڻ اھو گھنٽا گھر وڪٽوريا ٽاور نه پر گڏھن جي پڙي ۽سبزي منڊي جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويئي آھي ان عظيم الشِان پراڻي ۽ قديم ماڳ جي چڱي    طرح سنڀال نه پئي ڪئي وڃي، ٿي سگھي ٿو ته اڳتي ھلي اسان کي ھن تاريخي ماڳ کان ھٿ ڌوئڻو پوي ڇو ته جنهن شيءِ جي مالڪي يا وارثي نه هوندي آهي. اها بيڪار ٿي پوندي آهي پوءِ اها ڊھڻ ۽ ڪِرڻ شروع تي ويندي آھي ۽ ڪافي پراڻين ماڳن جيان اتي ختم ٿي ويندي آھي جئين اُتي ڪجھ به موجود نه ھو.اھڙي طرح سنڌ جي حڪومت کي پنهنجي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ اڏيل قديم آثارن ۽ جڳھن جي چڱي طرح خيال رکڻ گھرجي ۽ انھن کي ايندڙ نسلن لاءِ ھڪ مثال طور بچايو وڃي ته جيئن نئين نسل پنھنجي پراڻي ۽ قديم زماني جي ريتن رسمن ۽ رھائش کان چڱي طرح واقف ٿئي. ۽ ڪجھ سبق حاصل ڪري سگهي.



Sunday, 21 August 2016

ڪامران,آرٽيڪل,

    just formality. No proper work

Kamran Rab Odhano
B.S Part 3 2K14/MC/174
نوجوان نسل تي پوندڙ انٽرنيٽ جا منفي اثرات

انٽرنيٽ معلومات جو هڪ بهترين ذريعو آهي، جنهن جي مسئلن کي دنيا جي سامهون آڻي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، پاڪستان ۾ به اسان جا گهڻا ماڻهو سوشل ميڊيا جو استعمال ڪندڙ آهن ۽ جيڪي خيالن جي ڏي وٺ ۾ گهڻو ڪري ڍئي ويندا آهن، جيڪو اڳتي نڪليف ڏيندو آهي.
اينٽرنيٽ جي دنيا جوهڪ تاريخ پهلو هي فحش ويب سائٽس جنهن جي ذريعي خراب مواد ۽ فحاشي جو ذهر ٻاڙرن ۽ نوجوان نسل جي اندر وڌو وڃي پيو.جڏهن هڪ صاف سهٿرو وائرليس انٽرنيٽ سروس فرائم ڪرڻ حڪومت جي ذميداري آهي.لنڊن ۾ واقع ايشين ڪيفي ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ وارن تي فحش ويب سائيٽس جي استعمال تي ڪوئي پابندي ناهي هوندي پرجڏهن نوجوانن جو ٽولو اهڙي ڪوئي ويب سائيٽ جو استعمال ڪندو آهي ته انهن کي آگاهي ڏني ويندي آهي ليڪن ٻارن کي اهڙي ويب سائيٽ جي استعمال ڪندي هوندي ڏٺوويندوآهي ته ان جو ڪنيڪشن بند ڪيو ويندو آهي.هڪ آٽو ميٽڪ فلٽر متعارف ڪيو ويو.جنهن جي خبر انٽرنيٽ سروس نظرداري واريون ڪمپنيون ڪنديون آهن. هو پنهنجي ٻاڙرن جي انٽرنيٽ جي استعمال تي نظر رکن.
سماجي رابطي جي ويب سائيٽس جديد ٽيڪنالوجي حيرت انگيز انقلاب جو هڪ وڏو اهم پهلو آهي. ڏٺو وڃي ته ورچوئل دنيا جو دامن جنهن قدر وسيح ٿيندو وڃي ٿو ماڻهن جو حقيقي دنيا سان گڏ رابطو ايترو ئي محدود ٿئي ٿو.خاص طور تي نوجوان نسل جي گهڻي تر توجهه جو مرڪز ومحور هن ڏينهن ايهي آن لائن سرگرميون ٿي ويون آهن. هتي هي سوال به پيدا ٿيو آهي ته ڇا سوشل ميڊيا نوجوانن کي آن سوشل ٺاهي رهيو آهي؟هي سوال هن مارين جي تحقيق جو هڪ اهم موضوع به ٿي چڪو آهي. هڪ نئين سروي کان خبر لڳي آهي ته انٽرنيٽ جي وجهه سان نوجوانن جي آن لائن مصروفيات ۾ هن قدر اضافو ٿيو آهي ته والدين پنهنجي ٻارن جي ٽيڪ آلات سان گڏ وابستگي جي حوالي کان فڪرمند رهڻ لڳا آهن.مارين تسليم ڪندا آهن ته سوشل ميڊيا جيڪو هڪ طرف ته ماڻهو جي ڳنڍيل خيالات ڏي وٺ ڪرڻ ۽ پيغام پهچائڻ وارا موقع فراهم ڪندو آهي، ٻئي طرف هڪ نئين ٻولي ۽ هڪ نئين رويي کي پيدا ڪرڻ ۾ به هن جو ڪردار گهڻو اهم آهي.انٽرنيٽ تي هن سماجي رابطن جي سائٽس جي موجودگي هن ڏينهن سوشل ميڊيا کي مقبول ۽ تيز رفتار ٺاهيندي ۽ هن جي پهلائڻ ۾ وڏي مدد ڪئي آهي ليڪن هن رحجان جو سب کان زياده اثر نوجوانن تي نظر ايندو آهي.برطانوي ماهرين جي حوالي سان هڪ حاليه سروي رپروٽ جي نتيجي کان معلوم ٿيو آهي ته والدين جي نصف تعداد ضرورت کان زياده ٽيڪنالوجي استعمال ڪرڻ وارن ٻاڙرن جي رويي جي وجهه کان ڳڻتي ۾ مبتلا آهن. والدين ٻڌايو ته نوجوانن کي پنهنجي هن عادت جي وجهه کان نه صرف حقيقي دنيا ۾دوستن ۽ خاندان سان گڏ آمون سامون ڳالهائڻ جو طريقو تبديل ٿيندو پيو وڃي بلڪه انهن جو سليڪو ۾ به ظاهر تبديلي واقع ٿيو آهي.نوجوانن جي 30 فيصد تعداد جو چوڻ آهي ته انهن جي هن عادت جيپويان والدين جو به هٿ آهي جنهن جي مصروفيات جي وجهه سان انهن کي انٽرنيٽ زياده استعمال ڪرڻ جي عادت ٿئي آهي.والدين جي طرف سان ٻاڙرن کي موبائل فون بيڊ روم کڻي وڃڻ جي اجازت آهي ليڪن صرف 35 فيصد والدين جو چوڻ آهي ته انهن کي هن ڳالهه کان بيخبر آهن ته انهن جا ٻار سڄو ڏينهن ڪيتري دفعه انٽرنيٽ اسنعمال ڪندا آهن.سروي۾ شامل نصف سان زائدا والدين ٻاڙرن جي هن عادت کي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان ڳڻتي ۾ مبتلا ٿي چڪي آهي جنهن جو چوڻ هيو ته هو پنهنجي  ٻاڙرن کي انٽرنيٽ استعمال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن. اسان کي گهرجي ته اسان سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال ڪريون ته جيئن انساني حقن جي لتاڙ نه ٿي.