Sunday 4 September 2016

معذن کان انقلاب جو سفر طئي ڪندڙ ڊاڪٽر حميد سومرو Mumtaz Jamali

ممتازجمالي  
معذن کان انقلاب جو سفر طئي ڪندڙ ڊاڪٽر حميد سومروعلي :
پروفائل
رول نمبر: 159 بي ايس 3

انسان جي زندگي ۾ اهڙيون  تـه لاهي چاڙهيون اچي وينديون آهن جو انسان کي يا تـه مجبورن پنهنجو پيشو تبديل ڪرڻو پوندو آهي يا وري شوق سان تبديل ڪرڻو پوندو آهي:
ڏتڙيل شهر جوهي جي قديمي ڳوٺ سرائي رند مان جنم وٺندڙ ڊاڪٽر حميد سومرو بـه انهن شخصتن مان آهي جنهن وقت سان گڏ نـه پنهنجو پيشو پر پنهنجي طبيت، پنهنجو رويو بـه تبديل ڪيو آهي،  يا ائين کڻي چئجي تـه تبديل  ٿي ويو آهي.
ڊاڪٽر حميد کاٻي ڌر جي انقلابي تحريڪ مان انهن ڪامريڊن مان سڃاتو ۽ ڄاڻي وڃي ٿو جنهن نـه صرف پنهنجي منزل مقصود لاءِ سزائون سٺيون پر قربانيون پڻ ڏنيون.
ڊاڪٽر صاحب جو آواز ٻالڪ پڻ ۾ تمام وڻندڙ ۽ من موهيندڙ هيو انهي ڪري هن کي ڳوٺ وارن مسجد جو پيش امام سان گڏ معذن پڻ مقرر ڪيو. وقتن بـه وقتن ٻالڪ پڻ ۾ حمد ڳائيڻ جي پڻ شرعات ڪئي، ان دور ۾مسجدن سان گڏو گڏ شادي باراتن ۾ بـه حمد نعت ڳارايا ويندا هئا ۽ هن جي ننڍي عمر جي ڪري هن کي گهرن ۾ عورتن جي  سامهون حمد ڳارايا ويندا هئا بلڪـه خود عورتون هن کي پسند ڪنديڳن هيون ۽ شوق سان شادي باراتن ۾ گهرائينديون هيون.
 سندن ننڍ پڻ ۾ تعليم ڏانهن لاڙو گهٽ هيو، ان جو هڪ سبب تـه حمد نعت ۾ ڳوٺ وارن جي سامهون مقبوليت جي ڪري سڄو وقت اتي گذرندو هو، ٻيو تـه ڊاڪٽر صاحب جو والد ڏهاڙي تي مزدوري ڪندو هو جيڪو ڪمائيو سو  ئي کائيندا هئا.
 جنهن سبب هي پڙهي نـه سگهندو هو.
هڪ ڏينهن حمد ڳائندي ڳائندي هن کي ڪجهـه مذهبي فرقي وارن هن تي تشدت ڪيو ۽ اهو ڏينهن حمد نعت جو ڊاڪٽر حميد آخري ڏينهن ڪيو.
 سائين جي ايم سيد جي جيئي سنڌ تحريڪ جڏهن شروع ٿي تـه سنگت جي صحبت ۾ اچي ڪري هي بـه ان نوجوانن سان گڏيو سندن ان وقت والد صاحب جي پر اسرار خواهش ۽ زور تي پرڙهندو بـه هو، ان وقت جي ٽائون چيئرمين پاران هن کي 250 سئو روپـيه هر مهيني وظيفو تور ملندا هئا  جنهن جي ڪري هي انٽر تائين آساني سان پڙهندو رهيو، مارشلا جي دور ۾ نواب شاهـه ۾ سنڌي نياڻي سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ قانون مهيا  ڪندڙ اهلڪار جي خلاف احتجاج ۾ ڊاڪٽر صاحب گرفتار ٿيو ان وقت ڊاڪٽر صاحب پروگريسو موومينٽ ۾ هيو، ملڪ سان گداري ۽ بغاوت ڪيس ۾ 1 سال جي سزا سان گڏ کين ڪوڙها کائيڻ جي سزا ملي جڏهن هي واپس جيل مان موٽي آيو تـه 12هين ڪلاس جي ويهڻ لاءِ هي اهل نـه هو انهي جي ڪري تـه هي سڄو سال جيل ۾ هجڻ جي ڪري ڪاليج نـه اچي سگهيو،  استاد بخاري جهڙي انقلابي شاعر سان جڏهن هن پنهنجي درد ڪٿا  بيان ڪئي تـه استاد بخاري پنهنجي مدد تحد هن جا امتحاني فارم ڀرايا.
جيل کان اچڻ بعد کين مقصد تـه تبديل نـه ٿيا هئا پر مقصد جي حاصلات لاءِ طريقو ڊاڪٽر حميد ضرور تبديل ڪيو، هن پنهنجو رستو قلم ۽ پني وارو کنيو ۽ سخت محنت بعد چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ سليڪٽ ٿي ويو، سندن رت ۾ جوش جذبو هجڻ جي ڪري اتي بـه کاٻي ڌر سان سلهاڙيل رهيو ۽ اتي بـه ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ شاگردن جي اڳواڻي ڪندو رهيو ۽ اڳواڻي ڪرڻ جي الزام هيٺ هڪ ڀيرو ٻيهر قانون جي گرفت ۾ اچي ويو. جيل ۾ هن جا سڀ ساٿي آزاد ٿي ويا مگر هن تي سنگين گداري ڪيس هجڻ جي ڪري هن کي آخري تائين جيل ۾ قيد رکيو ويو ۽ طرح طرح جون سزائون ڏيندا رهيا. پنهنجي وڏي ڀاءُ جي ضمانت بعد هن کي آزاد ڪيو ويو.
جهموري حڪومت  بعد ڪميونيسٽ پارٽي گروهن ۾ تبديل ٿي وئي ۽ هن اها پارٽي بازي جو ڪسو ختم ڪيو.
1987 ۾ ڊاڪٽر ٿيڻ بعد هن پنهنجي عملي زندگي جي شورعات ڪئي، ڊاڪٽر حميد جي طبيعت تمام نرالي آهي سندن هڪ دفعو ملڻ سان ائين لڳندو آهي تـه ڄڻ ڪنهن پنهنجي سان مليا هجون، هر فرد کي حق ۽ سچ تي وڙهڻ جي تلقين ڪندا آهن.
 لکيڪ اڪبر جسڪاڻي مان متاثر ٿيندڙ ڊاڪٽر حميد 5 هزار کان وڌيڪ ڪتاب پڙهيا، دنيا جي تقريبن هر فلاسافيم تاريخ ، ادب جي ڄاڻ رکندڙ ڊاڪٽر حميد جي ٻي اهم ڪاميابي اها آهي تـه هن پنهنجي مدد پاڻ تحد جوهي جي نوجوانن لاءِ هڪ لائبريري جو قيام وڌو جيتي 5 هزار کان وڌيڪ پنهنجا پڙهيل ڪتاب مهيا ڪيا. ڊاڪٽ حميد صاحب جو  چوڻ آهي تـه هميشا هڪ نئون ڪم ڪيو ۽ جيڪو ڪجهـه ڪيو پر پنهنجي فيصلي تي قائم رهيو پاڻ بـه آزاد رهو ۽ ٻين کي بـه آزاد رهڻ ڏيو.
ڊاڪٽ صاحب جي ويجهي ساٿي سائين بخش رند هن جي باري ۾ چيو تـه سائين ادب جي معاملي ۾ هر فن موليٰ آهي هر ادب، تاريخ، فلاسافي جي ڄاڻ رکندو آهي، هن وڌيڪ چيو تـه حميد صاحب ڪڏهن بـه فضول جي ڪچهري ناهي ڪندو، هن جي ٻئي ويجهي دوست عزيز ڪنگراڻي جو چوڻ آهي تـه سائين هميشا پڙهڻ جو شوق رکندو آهي گهر ڪلينڪ توڙي آفيس کي ڪتب گاهـ

 بڻائي ڇڏيو اٿس.

سائين صرف پاڻ نـه پر پنهنجي اولاد کي بـه پڙهن پرکڻ جو عادي بڻائي ڇڏيو. هڪ ڏينهن جڏهن هن جي وڏي فرزند سان ملاقات ٿي تـه هن جي ڳالهائڻ، ۽ انداز مان سندن ڊاڪٽر صاحب جي جهلڪ نظر پي آئي.

اسان جي سماج ۾ ڊاڪٽر حميد جهڙن ڪامياب شخصتين کان سبق وٺڻ گهرجي جنهن هر موڙ تي انقلاب، توڙي علم جي منزل ڏانهن پنهنجو پنڌ جاري رکيو.

No comments:

Post a Comment