Wednesday 30 November 2016

Child Sexual Abuse In Kotri

Why Kotri? 
 No primary data, all is secondary data
Quotes and attribution from area people.
Expert opinion?
 Unimpressive. 
Some figure charts, fotos,
Cases reported in media 
Medical and psychological side not covered 
What is new and unique in this story? 

Group A - Topic: Child Sexual Abuse In Kotri
1) Rameez lakho: Introduction , Brief discription of these children ,
precisely discussion on the basis of child abuse why is happening and
what is the life after this tragedy , and which kind of diseases attack on child by these activities
2) M. Amin : These type of child in kotri how are being victim of this activity,
plus the reasons behind being victim , what is their situation , why do people
sexually abuse children , What are the confusions they have about their needs,
especially why they believe they “need” to be sexual with a child?
3) Naveed Pahnwar: Child sexual abuse statistics , organizations which are affiliated
review , surveying in different perspective
4) Pawan kumar : interviewing the particular victims, their situations, reviews
of these children some case study and asking the reasons
5) Ali Aizaz : Conclude the report , opinion of the organizations of the child welfare ,
what is the result of report, and the theme of solution
-----------------------------------------------------------------------
Sub topic: Introduction , Brief description of these children, precisely discussion on
the basis of child abuse why is happening and what is the life after this tragedy ,
and which kind of diseases attack on child by these activities
Rameez 3rd year 2k14/mc/79
ڪوٽڙي ۾ بارن سان جنسي ڏاڍائي
ننڍپڻ وارو وقت ٻار جو اهم حصو هوندو آهي جنهن ۾ ماحول جون بنيادي شيون ٻار جي سوچ تي گهرو اثر وجهنديون آهن ڪي مثبتي اثر ته ڪي منفي اثر وجهن ٿيون. ننڍ پڻ واري عرصي م جيڪي واقعا ٻارڙن سان پيش اچن ٿا اهي انهن کي سڄي زندگي ياد رهن ٿا جنهن سان ٻار جي اندروني شخصيت ٺهي تيار ٿئي ٿي يا وري بگڙي پوي ٿي، ٻآر ته هر قوم جي بنياد هوندا آهن ۽ اگر اهي ننڍ پڻ ۾ نامناسب واقعن جو شڪار ٿين ٿا يا وري غلط طريقن ۾ مبتلا ٿين ٿا ته ان قوم جي بنياد تي گهرو اثر پوي ٿو.
ڳاله ڪجي سنڌ جي صنعتي ۽ واپاري شهر ڪوٽڙي جي جنهن ۾ ٻارن سان جنسي زيادتي ڪئي وڃي ٿي ان حوالي سان آئون ۽ مهنجي گروپ جي دوستن ڪوٽڙي شهر ۾ ٿيندڙ ٻارن سان جنسي ڏاڍائي تي تحقيقي رپورٽ تيار ڪئي آهي ، اهڙي قسم جا واقعا هن شهر ۾ وڌندي نظر اچي رهيا آهن ٻار جنهن جي ان زندگي جو وقت نازڪ هوندو آهي جنهن م هو خوشين جون بهارون ڏسڻ چاهيندو آهي پر هن شهر ۾ اهڙا کوڙ سارا ٻار آهن جيڪي پهنجي هن معصوم زندگي وارا مٺڙا لمحا وحشيا.ي لمحن ۾ گذاري ڇڏيندا آهن انهن جي زندگي جي بربادي جو ذميوار ڪير آهي؟ اهو هڪ معمولي سوال کڻي هجي پر جيڪي ٻار هن زيادتي جو شڪار ٿين ٿا انهن جي زندگي احساس ڪمتري م مبتلا ٿي وڃي ٿي .
تحقيق جي حوالي سان اسان کي ڪوٽڙي شهر ۾ کوڙ سارا ٻار مليا جن جي زندگي کي ڏسي ائين لڳو ته راند کيڏڻ جي عمر ۾ انهن سان اهي ڏاڍايون ٿين ته انهن تي ڪهڙو اثر پوندو؟؟ سنڌ اند کوڙ ساريون اهڙيون تنظيميون آهن جيڪي ٻارن جي فلاح لاءِ ڪم ڪري رهيو آهن انهن جي رپورٽ مطابق سنڌ اندر 1443 ٻارڙا جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿين ٿا جنهن ۾ 346 ڇوڪرا 397 ڇوڪريون شامل آهن . هڪ اين جي او اسپارڪ جي ٻارڙن جي فلاح لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ان مطابق سنڌ جي تفصيل سان ڪوٽڙي شهر جي باري ۾ کوڙ سارا آهڙا واقعا مليا جن ۾ ٻارڙن سان ڳاله ٻولھ ٿي .
سنڌ اندر هڪ سماجي تنظيم سنڌ ڪميونٽي سروس جي سالياني رپورٽ موجب 2012 ۾ 600 کان وڌيڪ جنسي زيادتين جو ريشو وڌي رهيو آهي سماجي تنظيم اسپارڪ پاران جنسي زيادتين کان ٻارن کي بچائيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي سنڌ اندراهڙا واقعا سامهون اچي رهيا، جڏهن ٻارن جي والدين سان مليا سين ته انهن واقعن جو سبب عربت کان سواءِ ڪجھ به نظر نه آيو ٻار جيڪي ٻين ٻارن کي ڏسي پهنجون به تمنائون اڀاريندا آهن ته اسان کي به اهڙيو شيون ملن جيڪي ٻين ٻارن وٽ آهن ان حوالي سان اهي لالچي ٿي ويندا آهن جنهن کان پوءِ هو انهن واقعن جو شڪار ٿي ويندا آهن سنڌ ۾ بارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن طوڙِ قانون لاڳو ڪندڙن کي گھرجي ته بارن سان ٿيندڙ هڪ قسم جي ظلم کي روڪڻ لاءِ سنجيدگي اختيار ڪئي وڃي .
اسپارڪ مطابق اهڙي قسم جا واقعا جيڪي ٻارن سان پيش اچن ٿا انهن ۾ ڪوٽڙي شهر رينڪ تي آهي ان حوالي سان ان اين جي او جي 2004 ۽ 2005 ۾ ڪيل تحقيق مڀابق ڪوٽڙي شهر ۾ ڇوڪرين کان وڌيڪ چوڪرا ان حادثي جو شڪار ٿين ٿا سنڌ ۾ ٻارڙن سان جنسي زيادتين جو سلسلو بدترين حد تائين پهچي ويو آهي 2012 کان اڄ تائين 2000 ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي جا واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن .
ڊاڪٽرن جي تحقيق مطابق اهڙن قسم جي واقعن سان ٻارن تي ڪيتري ئي قسم جون بيماريون حملو ڪن ٿيون جيڪي ٻار جي اندروني سرشتي کي نابود بڻائي ڇڏينديون آهن ۽ ڪي ته نفسياتي بيمارين جا شڪار ٿين ٿا جنهن ڪري انهن واقعن خلاف ڀرپور آواز اٿاريو وڃي ٻارن جي حقن جي نالي تي ڪن ڪندڙ تنظينمن کي هر وقت هوشيار ۽ ڪم ۾ رهڻ
گھرجي ۽ اهڙن ٻارن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ تحفظ به فراهم ڪرڻ گھرجي
-------------------------------------------------------------------------

Sub Topic:2) These type of child in kotri how are being victim of this activity, plus the reasons behind being victim , what is their situation , why do people sexually abuse childern , What are the confusions they have about their needs, especially why they believe they “need” to be sexual with a child?


Muhammad Amin
3rd year 2k14/mc115

هوئن ته اسان جي پياري ملڪ م جنسي زيادتي جو ڪو اهڙو قانون موجود نه آهي جو هن تي قابو پائي سگهجي اگر موجود به هجي ته عمل تمام گھٽ نظر ٿو اچي، سڄي سنڌ ۾ ڪيترائي جنسي زيادتي جا ڪيس ساموهن اچن ٿا . ڪيترائي جوبدار گرفتار به ٿين ٿا پر بعد انهن کي ريهائي ملي وڃي ٿي . ائين ڪوٽڙي شهر ۾ جڏهن 10 يا 11 سالن جا ٻار راند لاءِ نڪرن ٿا ته انهن کي ماڻهو پاڻ ڏانهن مائل ڪن ٿا ، مائل ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن . ماڻهو پهنجي نفس تي قابو نه پائڻ جي ڪري ڪيترائي طريقا اختيار ڪري ٿو اسان ڪجھ ملوث ماڻهن سان ٻارن سان جنسي زيادتي جر باري ۾ انهن سان ڳالھ ٻولھ ٿي انهن جو چوڻ هو ته اسان جي پهنجي نفس تي ڪنٽرول نٿا ڪري سگهون جنهن جون ڪيتريون ئي وجوهات آهن .
اسان جڏهن جوان ٿي وڃون ٿا ته اسان جي دير سان شادي ڪرائي وڃي ٿي ۽ اسان انٽرنيٽ تي غلط شيون ڏسي ان ڏاهن متوجه ٿيون ٿا ۽ پوءِ اسان غلظ ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃون ٿا. جنهن جي ڪري ئي اسان جي معاشري ۾ بدنام رهون ٿا. وڌيڪ ملوث جوابدرن جو چوڻ هو ته ننڍن ٻارن کي اسان ڪجهه تريقن سان ڦاسائيندا آهيون جڏهن ننڍا ٻار راند جي بهاني گهر کانن ٻاهر اچن ٿا ته اسان انهن کي پاڻ ڏانهن مويز ڏيکاري متوجه ڪيون ٿا يا وري جڏهن ڪنهن ٻار وٽ پئسا نه هوندا آهن ته اسان پئسا ڏئي ان کي ان گناه ڏانهن مائل ڪندا آهيون ۽ ڪجهه ڇوڪرن جنسي زيادتي جون تصيرون ڪڍي انهن کي ڏيکاري بليڪ ميل شڪار ڪندا آهيون.
جوبدار انهي سوالن جي جوابن کي ظاهر ڪيو ته اسان پهنجي معاشري ۾ پهنجي ٻارن کي ٻاهر نٿا ڪڍي سهون ڇو جو اسان کي خبر آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ڪيترا .ي اهڙا ڪيس ظاهر ٿيا آهن جيڪي ننڍن معصوم بارن جا اهن ڇو ته اسان جو معاشرو انهن تي گهٽ توجه ڏئي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ ڪيتريون ئي اين جي او آهن جيڪي ڪم ڪن ٿيون ۽ انهن ڪيتريون ئي رپورٽون ڏنيون آهن جنهن ۾ عورتو 397 ۽ ننڍا ٻار 346 بڌايا ويا آهن ته انهن سان جنسي زيادتي ٿي آهي انهن ڪيسن م ڪيترا ئي جوابدر گرفتار ٿين ٿا ۽ ڪيترن کي ئي سزائون ملن ٿيون پر جن سان جنسي زيادتي ٿي ٿي اهي خواري کان بچڻ لاءِ چپ ڪري وهي ٿا رهن يا وري غريب هوئڻ جي ڪري پهنجي زبان نه کوليندا آهن ڇاڪاڻ جو اسان جي معاشري ۾ غريب ماڻهو جو ڪير به ڪونهي سب اميرن جي حق ۾ هوندا آهن ان ۾ پولسي هجي يا ٻيا ادارا جيڪي صرف جاگيردارن لاءِ ڪم ڪندا آهن
اسان جڏهن ملوث جوبدارن کان وڌيڪ سوال ڪيا ته ان جو چوڻ هو ته، صرف ٻارن سان جنسي زيادتي ڪرڻ جا ڪيترائي سبب آهن ڇو جو ننڍا ٻار بي سمجھ هوندا آهن ۽ انهن کي راند جي ذريعي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ ۾ آساني ٿي ويندي آهي ڇو جو ڇوڪرا گهر کان ٻاهر نڪرن ٿا ۽ انهن کي ڪجھ پئسا ڏئي يا ڪو بهانو ڪري آرام سان وهي سمجهائي سگهندا آهيون ۽ ڪنهن کي شق نٿو ٿي سگهي ۽ ڇوڪرين اسان کان ان جي ڪري بچنديون آهن جو هو گهر کان ٻاهر گهٽ نڪرنديو آهن صرف ننڍڙا ٻارڙا ئي آهن جيڪي گھهٽين ۾ هلندا رهن ٿا تهن ڪري صرف اهي ئي زيادتين جو شڪار ٿين ٿا.


Sub Topic :3) Child sexual abuse statistics , organizations which are affiliated review , surveying in different perspective

Naveed Ahmed Panhwar
3rdyear

2k14/mc/160

اسان زندگي جي الجهنن ۾ ايترو ته مشغول ٿي ويا آهيون جو اسان کي معاشري ۾ ٿيندڙ ظلم نظر نٿو اچي ڪوٽري شهر ۾ ٻارن سان ٿيندڙ جنسي زيادتين ۾ اضافو اچي رهيو آهي اسان ڪوٽڙي شهر ۾ ان حوالي سان تحقيق ڪئي ته خبر پئي ته ڪيترائي ٻار آهن جيڪي زندگي جون رنگين شامون گذارڻ بجاءِ خوفناڪ اونداهين کي منهن ڏيڻو پيو آهي ان حوالي سان مهنجو موضوع ڪوٽڙي شهر انهن ٻارن جو ريشو ۽ جيڪي تنظيمون ٻارن جي فلاحي لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن انهن جو موقف ڇا آهي ۽ انهن جو ان بابت ڇا چوڻ آهي.
ڪوٽڙي شهر ۾ اهڙا واقعا پيش اچن ٿا جيڪي گڏجي سنڌ ۾ هڪ دردناڪ ريشو ٺاهين ٿاڪوٽڙي شهر ۾ واقعه منظرِ عام ته نٿا ٿين ڇا جي ڪري جو ماڻهو پهنجي ۽ پهنجي ٻارن جي بدنامي کان بچڻ لاءِ اهڙا واقع ٻڌائين نٿا ۽ نه ۽ وري ڪنهن قسم جي شڪايت درج ڪرائين ٿا. سنڌ اندر ٻارن سان جنسي زيادتين جو بد ترين حد تائين پهچي ويو آهي سنڌ ڪميونٽي سروس اين جي او جيڪا هڪ سماجي تنظيم آهي ان مطابق ڪوٽڙي جي حوالي سان سال اندر 30 سيڪڙو بار زيادتين جو شڪار ٿين ٿا وڌيڪ تحقيقي سلسلي م ڪافي اهڙا فرد جيڪي سماجي تنطيمن سان واسطو رکن ٿا انهن جي چوڻ مطابق اهڙا ٻار جيڪي جنسي زيادتين جو شڪار ٿين ٿا انهن مان 95 سيڪڙو ٻآر 8 کان 15 سال جي عمر تائين ٿين ٿا هڪ سماجي تنظيم جي سالياني رپورٽ موجب 2012 ۾ 3861 ٻآرن سان جنسي زيادتين وارا واقعا پيش آيا آهن جنهن ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪرن سان ٿيل زيادتين جو ريشو 71 سيڪڙو هو . ڪوٽڙي ۾ ننڍي عمر جي ٻآرن سان جنسي زيادتي جو سلسلو گهٽجڻ بدران وڌي رهيو آهي اهڙن بي رحم واقعن کي روڪڻ لاءِ اڃا تائين ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن . سماجي تنظيم ملڪ ۾ ٻارن سان ٿيندڙ جنسي زيادتين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي گھر ڪئي آهي ته عملي قدم کڻي معصوم زندگين کي بچايو وڃي.
جڏهن اسان تحقيق لاءِ سروي ڪئي سين ته خبر پئي ته ڪوٽڙي شهر سنڌ جو ٻيو نمبر اهڙو شهر آهي جنهن ۾ ننڍي عمر جي ٻارن سان گهڻي حد تائين جنسي زيادتيون ٿين ٿيون ان حوالي سان ڪوٽڙي ۾ اهڙا واقعا پيش آيا آهن جنهن ۾ ٻآر کي ڦاسائي جنسي زيادتي ڪري ۽ انهن جي ويڊيو ٺاهي ويندي آهي جنهن سان هو ان کي وڌيڪ بليڪ ميل ڪري يا ته مائيٽن کان پئسا وٺندا آهن يا وري ٻارن سان وڌيڪ جنسي زيادتي ڪندا آهن ٻارن جا والدين جيڪي بدنامي کان بچڻ لاءِ پوليس کي به نه ٻڌايندا آهن نه ئي وري ڪنهن قسم جي شڪايت درج ڪرائيندا آهن اسپارڪ پارا جنسي زيادتين کان ٻارن کي بچائڻ جي لاءِ هڪ هفتي جي هلندڙ مهم جي سلسلي ۾ تازو حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي وئي انهن واقعن بابت ڪيترن ئي سماجي اڳواڻن پهنجا خيال ونڊيا ان موقعي تي سماجي تنظيم جي اڳواڻ ڪاشف بجير چيو ته ٻارن سان وڌندڙ زيادتين وارا واقعا ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪري چڪا آهن اهڙن واقعن کي روڪڻ جا حڪومت جوڳا اپاءَ وٺي.
گذريل ڪجھ مهينين کان ٻارن سان جنسي زيادتين جا واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن هن چيو ته مجموعي طور تي سڄي صورتحآل کي ڏسندي سنڌ حڪومت کي گھرجي ته انهن کي تحفظ مهيا ڪري ٻآرن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ والدين جي پريشاني پڻ ختم ٿي ويندي .
------------------------------------------------------------
SubTopic:4) interviewing the particular victims, thier situations, reviews of these children some case study and asking the reasons
Pawan
3rd year 2k14/mc117

ملڪ ۾ ٻارن سان جنسي زيادتي ۽ ڏاڍائي جي واقعن ۾ تيزي سان اضافو ٿيندي نطر اچي ٿو ، اهڙي ئي ريت ان قسم جا واقعا ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيندي به نظر اچن ٿا. ملڪ جي چئني طرفن هن قسم جي وحشيت اهڙو ته ڪهرڀرپا ڪيو آهي جن جا ڪيترن ئي معصوم ٻارن جو حياتون ڌاءُ تي لڳل آهن ، موجودو دور مائٽن طرفان ان وحشي ڌرنڌن کان پري رهڻ لاٰءِ سختي سان هدايتون به ڏنيون وينديو آهن ، تعليمي ماهرن موجب معصوم ٻارڙن سان جنسي زيادتي جا واقعا ملڪ توڙي سنڌ ۾ تعليم جو معيار بهتر نه هجڻ جي به عڪاسي ڪري ٿو . هڪ سماجي تنظيم اسپارڪ ۽ سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن جي گڏيل سروي موجب ڪوٽڙي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هر سال 25 کان 30 سيڪڙو ٻارن سان جنسي زيادتي جا واقعا پيش اچن ٿا، سروي موجب اڪثر جنسي حوس جو نشانو بڻجندڙ معصوم ٻارن جو تعلق غريب ۽ پورهيت گهراڻي سان هجي ٿو ۽ انهن معصوم ٻارڙن جي عمر 7 کان 12 جي سالن وچ ۾ هوندي آهي . هن قسم جا واقعا ڪوٽڙي شهر جي ٻهراڙي وارن علائقن جهڙوڪ خدا جي بستي ، بهار ڪالوني ، مهراڻ ڪالوني ، ڀٽائي ڪالوني ، خورشيد ڪالوني ، ايسا دل ڳوٺ سميت ٻيا اهڙا علائقا آهن جتي تعليم جو معيار بهتر نه هئڻ ۽ سهولتن جي اڻاٺ سبب جنسي جا واقعا اتي رپورٽ ٿين ٿا، هن سماج جي وڏيرڪي نظام ۽ خوف جي ڪري جنسي حوس جو نشانون بڻجندڙ معصوم ٻارڙن جي والدين طرفان سندس اولاد جي مستقبل ۽ پنهنجيّ خواري ۽ خوف کان بچڻ لاءِ ان قسم جي واقعن کي رومال ۾ ويهڙي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ، ته ڪٿي وري راڄوڻي ذريعي معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ، جنسي جا زيادتي جا واقعا ٿاڻن ۾ رپورٽ ٿيڻ توڙي ڪورٽ ۾ نظر نٿا اچن، جنسي زيادتي جي نشانو بڻجندڙ ٻارن ۾ ڪجهه ٻارن جي صحت تي گهرا اثر ۽ زخم پهچن ٿا جنهن جي ڪري ان ٻارڙن کي والدين پاران اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ٿو ، جتي علاج ڪندڙن ۽ ٻين ماڻهن کي خبر پوڻ کانپوءِ وارثن کي مشورو ڏنو ويندو آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو يا وري ان کي ميڊيا تي آڻيو وڃي. جنسي زيادتي وارن واقعن جو سندس برادري ۾ ڪٺ ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا تائين به رسائي ٿئي ٿي. هڪ سروي موجب جنسي حوس جو نشانو ٻڻائيندڙ يا ته معصوم ٻار جو مائٽ ، علائقي جو يا وري اسڪول جا پٽيوالا ان واقعن ۾ ملوث آهن . ڪوٽڙي شهر جي خدا جي بستي واري علائقي سان تعلق رکندڙ هڪ معصوم ٻار وارثن پاران برادري جو تعلق ۽ نالو نه ظاهر ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته جون 2014 ۾ ائون علائقي جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويس جتي سمورن ٻارن کي موڪل جي وقت ڇڏيو ويو اتي مونکي اسڪول جي پٽيولي پاران ويهاريو ويو جتي اسڪول جي پٽيوالي سميت سندس ٻن دوستن پاران جنسي حوس جو نشانو بڻايو ويو ۽ ٻن ڪلاڪن کان پوءِ اسڪول م ڇڏي فرار ٿي ويو جتي مون گهر اچي پنهنجي مائٽن کي اهڙي واقعي بابت ڄاڻ ڏني ، سندس والد ٻڌايو ته ان ڏينهن کان بڄڙي هي حالت تمام خراب آهي اهڙي واقعي جو ڪيس ٿاڻي تي به درج ڪرايو ويو پر ڪو به انصاف نه مليو ، ۽ ڪوٽڙي جي سول اسپتال م 7 ڏينهن مسلس علاج ڪرائڻ بعد نيٺ ماٺ ڪري ويهي رهياسين ، ڪورٽ توڙي ٿاڻن تي وڃڻ جيتري سگهه نه هئي . پر انصاف جو ڪو به آسرو نه هو ، سرڪار کي گهرجي تي ان قسم جي واقعن جي روڪٿام بابب قانون سازي ڪري جنسي زيادتي واقعن کي روڪڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن .

Sub topic :6) Conclude the report , opinion of the organizations of the child welfare , what is the reslut of report, and the theme of solution
Ali Aizaz
-3rd year 2k14/mc/126
سنڌ جي شهر ڪوٽڙي تجارتي مرڪز سان گڏ آبادي ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي جتي هر قسم جا ماڻهو اچن وڃن ٿا ۽ اتان جي ريهواسين سان تعلق قائم ٿين ٿا چاهي اهي تجارتي هجن يا ٻيا ڪي پوءِ هڪ ٻئي سان ڌوکو ڪرڻ اتان جي تجارتي ماڻهن کي ڀنگ لاءِ اگوا ڪرڻ اتان جي ٻارڙن سان جنسي زيادتي جو پيش اچڻ روز جو معمول بڻيل آهي ان تمام مسئلن ما مون ۽ مهنجي ٽيم ڪوٽڙي ۾ ٿيندڙ ٻارن سان جنسي زيادتي جي باري ۾ هڪ تحقيقي رپورٽ تيار ڪئي آهي جنهن جي مطابق ڪوٽڙي شهر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ هر روز اهڙا واقعا اسان کي نظر اچن ٿا جنهن ۾ ننڍڙا گلڙن جهڙا معصوم ۽ بي سمجھ ٻارن کي ظالم ۽ وحشي ماڻهن پهنجي حوس جو شڪار بڻائين ٿا اسان جي رپورٽ موجب ٻارن سان جنسي زيادتي کي روڪڻ لاءِ ڪوٽڙي ۾ تمام گھڻين سماجي تنظيمن جو آهم ڪردار رهيو آهي .
هڪ رپورٽ موجب حيدرآباد ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم سپارڪ ۽ ان جي ٽيم جا ڪجھ نمائيندا ڪوٽڙي ۽ ڪوٽڙي جي آسپاس واري علائقن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن انهن جو چوڻ آهي ته وڌيڪ ٻار گھٽ عمر ۽ بي سمجه هئڻ ڪري پئيسن جي لالچ ۾ اچي اهڙن ظالم ۽ وحشي ماڻهن جا شڪار ٿين ٿا ۽ تمام برين عادتن ۾ ايترا مشغول ٿي ويندا آهن جو انهن ڪمن کي خراب نه سمجهندا آهن پوءِ ان جي ان عادتن کي ڏسي انهن جا والدين به انهن جو ساٿ ڏيندا آهن تڏهن هي ٻارن جي فلاح لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون (اين جي اوز) وارا انهن بي سهارا ٻارن کي انهن جي تمام ضرورتون پوريون ڪندا آهن
هڪ رپورٽ جي مطابق اين جي او جو چوڻ آهي ته ڪجھ ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جيڪي ٻارن سان زبردستي جنسي زيادتيون ڪندا آهن ۽ پوءِ پهنجي روب ۽ پئسي جي ڪري انهن جي والدين جا وات بند ڪري ڇڏيندا آهن پوءِ ان جا والدين ۽ تمام فيملي جا ميمبر ۽ ماڻهو بدنامي جي ڊرپ کان اتان لڏي ويندا آهن رپورٽ موجب ڪوٽڙي ۽ آس پاس جي علائيقن ۾ 20 سيڪڙو ٻارن سان جنسي ڏاڍاين جا واقعا پيش اچن ٿا هڪ رپورٽ موجب اين جي او جو چوڻ آهي ته حڪومت کي گھرجي ته ٻارن سان جنسي زيادتي جي عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي پر هتي گھڻي قدر اهڙا ماڻهو پئسن ۽ سياسي پهچ هجڻ ڪري جنسي زيادتي ڪرڻ باوجود سرِعام آزاد گھمن ٿا حڪومت کي گھرجي ته اهڙن ماڻهن کي به اهڙي ئي سزا ملڻ گھرجي جيڪا عام ۽ غريب ماڻهن کي ملندي آهي هڪ اين جي او جو چوڻ آهي ته وڌيڪ خاندان جنهن جي ٻارن سان جنسي زيادتي ٿيندي آهي اهي ڪنهن ڪيٻائيندا آهن ته متان معاشري ۾ اسان جي بدنامي نه ٿئي ۽ پوءِ هو نه پوليس نه ئي وري ڪنهن ٻئي اداري جي مدد وٺن ٿا جنهن جي ڪارڻ اسان ڪنهن جي خلاف ڪو ردِ عمل يا ڪا رپورٽ داخل نٿا ڪرا.ئي سگهون پر ڪجھ خاندان اهڙآ ب ه هوندا آهن جيڪي پهنجي بدنامي ۽ ماڻهن جي ڳالهين کي پاسي ڪري پاڻ سان ٿيل ظلم خلاف آواز بلند ڪن ٿا اسان انهن سان ڀرپور تعاون ڪيون ٿا ۽ هر قسم جي سڪيورٽي فراهم ڪيون ٿا رپورٽ موجب ڪجھ اهڙا ٻار موجود آهن جيڪي شوق خاطر اهڙا ڪم ڪن ٿا پوءِ اهي انيڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا آهڙن ٻارن جي لاءَ اسان جي هڪ تنظيم انهن کي سمجهائيندي ۽ اعلاج پڻ ڪرائيندي آهي ۽ پوءِ انهن کي صحيح ۽ بهتر رستي ڏانهن مائل ڪندي آهي.

No comments:

Post a Comment