Wednesday 30 November 2016

ڪنڀار ڪو ڪم

This seems to be article and hearsay, not supported thru primary and secondary data
Quotes, attributions from related people 
Opinion of experts.
Not supported by secondary data
Photos 
 No new or hidden aspect is disclosed

Investigative Report-Part I 
Rajesh, Mumtaz Jamali Group

ڪنڀار ڪو ڪم:

ڪنڀار ڪي ڪم جو طريقو:
راجيش ڪمار 78
ڪنڀار ڪو ڪم جو سڄو دارو مدار مٽي مهارت تي آهي جيتوڻيڪ هي ڪاروبار صدين کان پراڻو آهي پر حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته هن جديد ٽيڪنالاجي واري دوُر ۾ به ان  ڪم جي ڪا واضع ڪا تبديلي ناهي آهي، هن ڪم ۾ عام ماڻهو جو وس ناهي هلندو، ٻين مهارتي ڪمن جيان هن ۾ به مهارتي ماڻهن جي محنت  مشتمل  هوندي آهي .جنهن ۾ ڪجهه  مرحلا شامل آهن، ڏسجي ته هي ڪم ٻين ڪمن کان ڪافي ڏکيو ۽ جلدي تيار ٿيندڙ آهي. ڪنڀار ڪي ڪم ۾ هٺين مرحلا ذير استعمال ايندا آهن.
مٽي جي چونڊ:
 سڀ کان اول سٺي ٿانون لاءِ سٺي مٽي جي چونڊ ڪبي آهي اها مٽي رنگ جي ڀوري هوندي آهي ۽ اها اڪثر ڪري شاخن، تلائون، کاڻون ۽ کڏن جي مٽي هوندي آهي جيڪا عام مٽي کان ڏسڻ ۾ مختلف هوندي آهي.
مٽي کي ڀورڻ ۽ ڇاڻن:
 اها مٽي جڏهن اڏي تي پهچندي آهي ته ڪجهه مذدور ۽ ڪاريگر ان مٽي مان سڀ ڀتر ڪُٽي ڀوري سنهي ڪندا آهن، ۽ ان کي ڪٿي ڪٿي پروڻ سان به کي ڇاڻيندا آهي،
مٽي کي پُسائڻ، ڳوهڻ ۽ ان ۾ مصالعو وجهڻ: جڏهن مٽي ڇاڻي صفا ڀور ڀور ٿيندي آهي  ته پوءِ ان ۾ پاڻي ويجهبو آهي ۽ پوءِ ان ۾ ڪُت ۽ واري ملائي وڃي ٿي ۽ ان کي اٽي وانگي ڳهبو آهي  پر پهريان ان کي لتن سان پوءِ ان کي وري هٿ سان پڻ ڳوهبو آهي ۽ ان ڳوهيل مٽي کي سٿڙين ۾ الڳ الڳ ٺاهيو ويندو آهي. 
چڪ تي چاڙهڻ:
 چڪ هڪ گول ڦيٿي وانگي هوندو آهي جنهن تي مٽي جا سٿڙ رکبا آهن ان چڪ کي هيٺيان ڪاريگر پيرن سان هلائيندو آهي ۽ جڏهن اهو چڪ ڦرڻي وانگي ڦرڻ شروع ڪندو آهي ته ڪاريگر مٿي رکيل ڳهيل مٽي جي سٿڙ کي هٿن ۽ آنڱرين جي مدد سان پنهنجي مهارت سان ان جي شڪل يا ڊزائين ٺاهيندو آهي، هر  ٿانو لاءِ مٽي جو مقدار الڳ هوندو آهي، ان دوران ڪاريگر پاڻي جو به استعمال ڪندو ويندو آهي جيئن هن کي ڊزائين ٺاهڻ ۾ آساني ٿي. 
ٿانون کي سڪائڻ:
 جڏهن ٿانو چڪ مان تيار ٿي لهندا آهن ته اتي ڪاريگر وڏي مهارت سان ان ڪچي ٿانو کي ٻاهر ڪنهن ڪشادي جڳهه تي سڪائڻ لاءِ رکندا آهن، ڇو جو اهي ڪچا ٿانو ننڍي چر پر سان پنهنجي شڪل وڃائي وهندا آهي جنهن جو نقصان ڪنڀر کي ٿيندو آهي، ۽ تقريبن اهو ٿائون سڪڻ ۾ هڪ کان مٿي ڏينهن لڳندا آهي ڇو جو انهي شئ جو دارومدار موسم جي صورتحال تي آهي. اڪثر ڪري گرمي جي موسم ۾ هڪ ڏينهن ۾ ٿانو سڪي ويندا  آهن. هڪ ڏينهن سڪائڻ بعد ان جي گهڙائي وارو مرحلو اچي ٿو هن لاءِ به الڳ ڪاريگر مختص هوندو آهي شروعاتي نموني بعد هن جي گھڙائي ڪري وري مجهي (ڪاٺ جي ٽهيل پٽي) هڻدا آهن ۽ ٻيهر هڪ ڏينهن لاءِ  سڪائيندا آهن، جيئن ٿانو سهڻو لڳي.

ٿانو کي پچائيڻ: 
مختلف ٿانو جهڙوڪ دلو، مٽ، گگهر، چاڏي، نادي، پاٽوڙو گهڙو جهڙا وڏا ٿانو هوندا آهن اهي جڏهن سڪي ويندا آهن ته انهن کي الڳ سان بٺي ۾ پچايو ويندو آهي، پر ننڍا ٿانو، جنهن ۾ ڪوپ، گلاس، ڪنورو، ڪنڊيون، ۽ ٻارن جا رانديڪا وري الڳ سان پچايا ويندا آهن ڇو جو ڳڏيل پچائڻ سان ننڍا ٿانو سڙي ڪارا ٿي ويندا آهي ۽ پوءِ اهي پنهنجي خاصيت وڃائي ويندا آهن، بٺي ۾ بوهه، ڪٽ، ۽ توتڙ وغيره استعمال ٿيندو آهي. جڏهن پچي تيار ٿيندو آهي ته  ڪاريگر ان کي بٺي مان ڪڍي ٻي هند قطار سان لڳائندو آهي ۽ واري واري هر هڪ ٿانو کي ڪپڙو هڻدا آهن جيئن اندر يا ٻاهر ڪاراڻ مٽجي سگهي ۽ اهو ٿانو لسو ٿي سگهي. ٿانو پچائڻ کان پهريان ٿانو جو رنگ ڀورو هوندو آهي پر پچائيڻ بعد ٿانو پنهنجو رنگ تبديل ڪندو آهي پر جوهي ڪاڇو ۽ اترين علائقن جي مٽي جي ٿانو پچائڻ بعد ايترو رنگ تبديل گهٽ ڪندا  آهن ۽ ميٽوڙو  رهندا آهن جڏهن ٻين سنڌ جي ٻين علائقن اڪثر ڪري ٿانو پچڻ بعد ڳاڙهو هوندا آَهن.
نتيجو:
 ڪنڀار ڪو ڪم قديمي هنر ليکيو ويندو آهي جيتوڻيڪ هن ڪم ۾ مختلف مرحلا درپيش ايندا آهن. هر مرحلي ۾ اتي الڳ ڪاريگر مختص هوندو آهي، هر مرحلي ۾ مهارت سان گڏ محنت ۽ لڳن شامل هوندي آهي.




ڪنڀرن جي حالت زندگي:
ممتاز علي جمالي: 159
ڪنڀار اصل هڪ هنر جو نالو آهي ۽ ڪافي ڪنڀرن جو اصل تعلق پنجاب سان آهي جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان زندگي بثر ڪرڻ لاءِ اچي هتي  سنڌ ۾ آباد ٿيا. سنڌ ۾ رهندڙ ڪنڀارن جي اڳ کان زندگي هاڻي اڃا وڌيڪ اجيرن بڻجي وئي آهي، جيترو هن جو خرچو آهي ايتري هنن جي آمدني ناهي، ڏسجي ته هن هنر ۾ مهارت جي ضرورت هوندي آهي پر ان ماهرن کي ان پورو اجرو نٿو ملي.
مزدور ۽ ڪاريگر:
هي ڪم مرحلي وار آهي هر مرحلي ۾ الڳ ڪاريگر مختص هوندو آهي جيئن مٽي ڳوڏڻ تي، چڪ هلائڻ، ۽ ٿانو بچائڻ کان وٺي هر ڪم ۾ ڪاريگر الڳ هوندو آهي.
هنن جي آمدني: اڄ جو جديد دوُر بجلي جو دوُر سڏيو ويندو آهي  پهريان جتي پاڻي ٿڌي ڪرڻ لاءِ مٽ استعمال ٿيندو هو اتي اڄ فرج ۽ برف ماڻهو استعمال ڪندا آهن، ائين ئي ٺڪر جي نادي جي جڳه تي پلاسٽيڪ جي بالٽي، ٺڪر گلاس جي جڳهه تي شيشي ۽ پلاسٽڪ استعال ٿيندو آهي انهي جي ڪري ڪنڀرن جي ٺهيل جي شين جي خريدو فروخت تقريبن ختم ٿي ويو آهي انهي جي ڪري هنن جي آمدني گهٽ ٿي وئي آهي.  ٻي طرف وڏا واپاري هنن کان گهٽ قيمت تي شيون خريد ڪري مهانگي اگهه ۾ فروخت ڪندا آهن،  سروي ۾ اها خبر پئي آهي ته هڪ مٽ جنهن جي قيمت بازار ۾ 50  رپيا آهي ته ڪاريگر کي وڃي 15 رپيا نصيب ٿيندا آهن جنهن ۾ هو مزدورن جو اجرو ڪڍي ته هن کي وڃي هڪ مٽ مان صرف 4 رپيا بچندا آهن، انهي سڄي معامري کي ڏسجي ته ڪاريگر پنهنجو پيٽ گزر ڪرڻ ۾ ئي پورا آهن، عام طور هن صنعت ۾ سڀ کان وڌيڪ فائدو دڪان دار ۽ واپاري کي ملندو آهي. اڪثر ڪري جڏهن سياري جي موسم هوندي آهي ته هن شين جي خريد و فروخت تمام گهٽجي ويندي آهي ته واپاري بازار ۾ موڙي پيدا ڪندا آهن جنهن ۾ واپاري فائدو وٺي وڏي پيماني تي شيون خريد ڪري اسٽور ڪندا آهن ۽ گرمي جي موسم ۾ انهن کي فروخت ڪندا آهن. 

هنن جي حالت زندگي:
انسان جي زندگي جيئڻ جو سڄو دارومدار ان جي ڪاروبار سان ۽ ان جي آمدني سان هوندو آهي، جيئن ڪنڀارن جو جيڪي پنهنجي پوري زندگي مٽي سان کيڏندي گزارن ٿا ۽ ماڻهن جي سک لاءِ نهائين جي گرمي ۽ سختي برداشت ڪن ٿا. هنن جي حالت زندگي لاءِ خود شاهه عبدالطيف فرمايو آهي ” سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري“ هن مان مراد ته سڄو ڏينهن  محنت ڪرڻ باوجود ڪنهن کي شڪايت ناهن ڪندا نه ئي ڪنهن جي در وڃي فرياد ڪندا آهن، هنن جا گهر ڪکائون هوندا آهن جيڪي وڏي برسات  ۾ پاڻي به روڪي ناهن سگهندا نه ئي سياري ۾ سئ ۽ گرمي ۾ سيج جي تپش روڪي سگهن ٿا. ڪنڀر صبح جي ماني کائيندا آهن ته منجهد جي ماني قسمت تي ڇڏي ڏيندا آهن، انهي جي ڪري ڪافي ڪنڀرن اهو خانداني ڪم ڇڏي ٻيو ڪاروبار ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ڏسجي ته اڪثر ڪري اهي ٿانو ٺاهيندڙ ڪنڀر جي اولاد به پير سنڀباليندي ئي هن ڪم سان لڳي ويندا آهن ۽ پڙهي ناهن سگهندا. سماج ۾ طبقاتي نظام جي ڪري هنن کي ماڻهن ڪم تر سمجهندا آهن انهي جي ڪري ڪافي ڪنڀر پاڻ کي ٻي ذات وارو سڏائڻ تي مجبور پڻ آهن. 
ڪنڀرن جو مستقبل:
 عام طور اهو موقف پڻ اختيار ڪيو ويندو آهي ته ڪنڀار ڪو ڪم سنڌ جي ثقافت آهي پر ڏسجي ته هنن کي هاڻي نه ثقافتي تور استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ نه ئي وري حڪومتي ستح تي هنن جي ڪا مالي مدد ٿيندي آهي. جديد اليڪٽرانيڪ شيون اچڻ جي ڪري هنن جي شين جي خريد و فروخت تمام هاڻي گهٽجي ويو آهي. ۽ اها صورتحال رهي ته هن ڪم جو مستقبل ۽ هنن جي ڪاريگرن جو مستقبل به تباهه آهي.
نتيجو:
 ڪنڀارن جيڪي قديمي تهذيبن ۾ به هنن جا آثار ملن ٿا جنهن کي تاريخ ۾ به ڳوليو ويو آهي پر جديد اليڪٽرانيڪ دور جي ڪري هنن جي اهميت گهٽجي وئي آهي، 100 مان 95 ڪاريگر قرضائي ٿي ويا آهن ۽ ايتري قدر ڪٿي ڪٿي هنن پاڻ کي ۽ پنهنجي اولاد کي به گروي ڪري رکي ڇڏيو آهي.

Outline 
انويسٽيگيشن رپورٽ:
آئوٽ لائين.
موضوع: ڪنڀار ڪو ڪم.
1: ڪنڀار ڪو ڪم جو طريقو (تفصيلي جائزو)
2: ڪنڀار ڪو ڪم مان ٺهندڙ شين جا قسم ۽ ان جي خاصيت 
3: ڪنڀار ڪو ڪم مان ٺهندڙ شين جي خريد و فروخت 
4: ڪنڀارن ڪي ڪم مان ايندڙ آمدني ۽ ان جي حالت ءِ زندگي
5: ڪنڀار ڪي ڪم  جو ماضي 
6: ڪنڀار ڪو ڪم جو حال 
7:ڪنڀار ڪي ڪم جو مستقل 


ميمبر: ممتاز علي جمالي
راجيش ڪمار
سيدا ثناء شاهـه
سمبل
اقصيِٰ قريشي

تظمين رحمنٰ


No comments:

Post a Comment