Thursday 4 August 2016

پاڪستان ۾ ٻارن جو اغوا- فريال عباسي

Un-Edited  فريال عباسي
رول نمبر :2k14/MC/119
ڪلاس: بي-ايس III

آرٽيڪل 

پاڪستان ۾ ٻارن جو اغوا ٿيڻ عام ٿيندو نظر اچي ٿو

اغوا نائيجيريا ، آمريڪا ، ميڪسيڪو، پاڪستان سميت   دنيا جي ٻين حصن ۾ هڪ عالمي ۽ تاريخي مسئلو آهي دنيا ۾  ڪامياب حڪومتون اُھي ڳڻيون وڃن ٿيون ، جيڪي اغوا ۽ ٻين سماجي برائين خلاف هڪ رٿابندي ۽ سڀ ترقي جنگ جوڻينديون آھن .
گذريل ڇهن سالن جي اندر پاڪستان  ۾ 6793 ٻار اغوا ڪيا ويا هئا جنهن مان 6654 ٻارن کي بازياب ڪرايو ويو . پوليس جي رپورٽ مطابق 2015 ۽ 2016 جي وچ ۾ 1808 ٻارن کي اغوا ڪيو ويو جنهن مان 1715 نابعلغ  ٻارن کي بازياب ڪرائي مائٽن جي حوالي ڪيو ويو باقي 93 ٻارن جي ڳولا جاري آهي . پوليس جي ٻي رپورٽ مطابق 2016 جي پهرين مهني جنوري ۾ 767 ٻارن کي اغوا ڪيو ويو جنهن مان 717 ٻارن کي بازياب ڪرايو ويو جنهن کي انساني سملنگ جي لا۽ استعمال ڪيو ويو باقي 53 ٻارن جي ڳولا جاري آهي . ڪجھ ڏيهن ۾ 10 ٻارن جي اغوا جا ڪرس داخل ٿيا آھن جنهن ۾ ڏھنهن سالن جو شعيب ڪاشف جيڪو لاھور جي نشتر ڪالوني مان اغوا ڪيو ويو ۽ جڏھن تہ  يارنهن سالن جي طوبىٰ کي ريلوي ڪالوني مان اغوا ڪيو ويو ،
طوبىٰ جي مائٽن جو چوڻ آھي تہ طوبىٰ 27 جولائي 2016 اربع جي ڏينهن ٻنپهرن جو گهر کان ٻاهر دڪان تي وئي ۽ گهر نہ موٽي .
پنجاب ۾ ٻارن جي اغوا واري واقعن ۾ تيزي ٿي رهي آهي گذريل پندرهن ڏينهن جي اندر لاهور ۾ ٻارن جي اغوا ۾ تشويش ناڪ اضافو ٿي رهيو آھي . گذريل  ڪجھ ڏينهن جي پهرين ٽن سالن جي جنت حيات کي انارڪلي بازار مان اغوا ڪيو ويو ، رپورٽ مطابق جنت پنهنجي والدين سان گڏ انارڪلي بازار ۾ خريداري جي لا۽ وئي هئي  تہ اچانڪ هو گهروارن جي اکين اڳيان غايب ٿي وئي انهي ڏينهن ٻہ ٻيا ٻار اغوا کان بازياب ڪرايا ويا چار سالن جي نور فاطمہ ۽ ست سالن جو حيدر ڪجھ ھفتو پهرين پنجان جي مختلف علائقن مان اغوا ڪيا ويا . پوليس جي مطابق حيدر ۽ نورفاطمہ کي 31  جولا۽ 2016 تي بازياب ڪرائي مائٽن جي حوالي ڪيو ويو . 
پنجاب کان علاوه سنڌ ۾ بہ اغوا جا واقعا پيش آيا  هڪ مهني جي اندر 10 کان پندراھ ٻارن جي اغوا واري رپورٽ تيار ڪئي وئي جيڪي ڪراچي جي علائقي لياري ، شڪارپور ، حيدرآباد ، سميت ڪجھ ٻين علائقن مان ٻارن کي اغوا ڪرو ويو . ٻہ سال پهرين ڪراچي جي علائقي ڊفينس مان ٻارنهن سالن جو مصطفىٰ  کي سوشل ميڊيا فيس بوڪ جي ذريعي اغوا ڪيو ويو ، مصطفىٰ هڪ اڻڄاڻ ڇوڪري ارسلان سان دوستي رکي ۽ 24 جولا۽ 2014 تي ارسلان سان ملهڻ ويو جٿي ارسلان جي وڏي ڀائر تحمور ۽ انهم جي دوستن گڏجي اغوا ڪيو ۽ مصطفىٰ جي پئُ کان اڌ ڪڙوڙ جي گُهر ڪئي مائٽن دير نہ ڪئي ۽ اوڏي مهل پوليس کي سڄو واقعو ٻڌايو ۽ ٻن ڏينهن جي اندر پوليس مصطفىٰ کي بازياب ڪرائي مائٽن حوالي ڪيو ۽ تحمور کي گرفتار ڪري جيل جي ڪارر ڪوٽي ۾ قيد ڪيو ويو .
پاڪستان ۾ تيزي سان وڌنڌر ڏوھ  ۽ اغوا پاڪستان جي عوام کي خوف ۽ حراس ۾ وجهي ڇڏيو اُھي ٻارن کي ڪنهن بہ جڳھ تي محفوظ ھئڻ نٿا سمجهن چاهي ٻاهر تفري جي ڪا جڳھ هجي يا گهر يا وري اسڪول هنهن جو چوڻ آھي تہ اسان جتي پنجنهي ٻارن جو مستقبل ٺاهڻ چاهيون ٿا پر اغوا جي ڊپ سري اسان ٻارن کي ڪنهن بہ جڳھ تي محفوظ نٿا سمجهون ٻارن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي هنهن چيو اسان جي امڙ ادان کي ٻاهر کيڏڻ کان روڪي ٿي شاپنگ هجي يا وري ڪا تقريب مائٽ اسان کي نٿا وٺي وڃن نہ هي ڪنهن اڪٽوٽي ۾ حصو وٺڻ ڏين ٿا. جيڪو ادان جي ملڪ جي مستقبل جي ٻارن لا۽ تمام.گهڻو نقصان ڪار آھي .
چيف جسٽس ثاقب نثار چيو :
اها ڳالھ نمايان ڪئي آھي تہ جئين اغوا جي پويان مقصد جنسي تشدد child abuse ، ٻنائڻ ، دهشتگردي ۽ ٻين مقصدن لا۽ آھي ، تہ ڪنهن بہ صورت اهڙي وڏي پيماني تي اغوا ۾ آھي تہ جلد ئي مختصر عرصي ۾ پوليس جا اعلىٰ آفيسرن کي الرٽ ڪيو ويندو ۽ جلد ئي سڀني ٻارن کي بازياب ڪرائي ڏوھين کي سخت سزا ڏني ويندي.
ٻارن جي اغوا ۾ مختلف مافيايون ملوث آهن . ٻارن کي اغوا ڪرڻ جي پويان گهڻا مقصد ٿي سگهن ٿا . دھشتگرد بنائڻ لا۽ پڻ ٻارن کي اغوا ڪيو ويندو آھي ٻارڙا انساني سملنگ ۽ جبري پورهئي لا۽ پڻ اغوا ڪيا ويندا آهن ڪن ٻارڙن کي جنسي تشدد لا۽ استعمال ڪري ڇڏي ويندا آھن يا پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ جي ڪري ٻارن کي وڪرو ڪري ڇڏين ٿا . ڪجھ کي پئسن لا۽ اغوا ڪيو ويندو آهي جيڪڏھن اهو ٻا امير خاندان سان تعلق رکي ٿو ، ڪجھ ٻار ذاتي دشمني جي ڪري بہ اغوا ڪيا وڃن ٿا تہ جئين انهي ذريعي بدلو وٺهي سگهجي .
اغوا کان بچڻ لا۽ ٻارن کي گهرجي تہ :
انهن کي گهر جو پتو پنهنجو نالو پئُ جو نالو ذات ۽ فون نمبر ياد هجي ، ڪهڙي بہ مشڪل جي صورت ۾ ھيلپ لائن تي فون ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي گم ٿيڻ جي اطلاح ڏيڻ گهرجي، اگر اوهان کي ڊپ لڳي تہ اوهان ڪنهن حفاظتي واري جڳھ ڏانهن تيز ڊوڙ وجهو ، هڪ ٺيڪ راز ۽ ٺيڪ نہ راز جي وچ ۾ فرق معلوم ڪريو جيڪو اوهان پنهنجي والدين کان علاوه ٻئي ڪنهن سان نٿا ڪري سڳهو، فون يا دروازي تي اوهان ڪنهن کي نہ ٻڌايو تہ اوهان گهر ۾ اڪيلا آهيو ، توهان ڪنهن مال ۾ گم ٿي وڃو تہ مدد جي لا۽ قريب جي دڪان تي دڪاندار يا وري سيڪيورٽي گارڊ کان مدد گهرو جيستائين اوهان جي مائيٽن کي اوهان ملي نٿا وڃو ، اگر ڪير اوهان تي بُري نظر وجهي رهيو آھي جيڪا اوهان کي پسند نہ آھي يا انهن جو هٿ لڳائڻ يا ڳالهائڻ سان اوهان صحيح محسوس نٿا ڪريو تہ اوهان پنهنجي مائٽن سان اها ڳالھ ڪريو ، شارٽ ڪٽ واري رستن کان پرهيز ڪريو، پنهنجي مائٽن کي ٻڌايو اگر ڪو وڏو يا ڪير نا معلوم ماڻهو اوهان کي ڪو غلط ڪم ڪرڻ جي لا۽ چوي ٿو ، ڪير اوهان کي ڊپ ڏياري تہ اوهان پنهنجي پئُ کي نہ ٻڌايو ۽ اوهان سان بدتميزي سان پيش اچي تہ اوهان انهي کي لت هڻي پري ڪريو جيتري بہ اوهان ۾ طاقت آهي ۽ زور سان چڪ هڻي جيترو بہ تيزي سان بڄي سڳهو اوترو تيز بڄي ڪنهن حفاظت واري جڳھ تي پهچو ۽ پنهنجي گهر ڏانهن وڃو ۽ اوھان جي ماء پيء کي ٻڌايو  .
ٻارن کي اغوا کان بچڻ جي لا۽ مائٽن کي گهرجي تہ  اوهي پنهنجي ٻارن تي پورو ڌيان ڏين انهن سان ڪچهري ڪن وقت گذارين انهن کي پڙهائي ۾ هر ڪم ۾ گڏ ھجن ٻارن جي هر هڪ شئَ جو خيال رکن ڪيڏاهن وڃي رهيا آهن يا ڪٿي مجود آھن ، ٻار کي ڪڏهن بہ ڪنهن گادي ۾ اڪيلو نہ ڇڏڻ گهرجي چاهي گاڏي کليل هجي يا بند ، توهان کي خبر هجي تہ اوهان پنهجي ٻار کي ڪٿي ڳلهي ۽ ڪانٽيڪٽ ڪري سڳهو ٿا ، پنهنجي ٻارن جي سرگمين ۾ هڪ سرگرم ڪردار ادا ڪريو ، پنهنجي ٻار تي پُر اعتماد ۽ يقين رکڻ گهرجي جيڪو ڪجھ هو ٻڌائن ٿا هو سچ آھي ، پنهنجي ٻارن کي اغوا بابت ٻڌايو ۽ ڪنهن بہ جڳھ تي اڪيلو وڃڻ يا وري ڪنهن اڻسڃاڻپ ماڻھو سان ڳالهائڻ يا ڪا شئَ وٺڻ کان پاسو ڪن اگر ڪير زور ڪري تہ جلد ئي گهر اچي پنهنجي مائيٽ سان اها ڳالھ ڪن ، اگر ڪير اوهان جي ٻارن ۾  غير معمولي  دلچسپي ڏيکاري رهيو آھي تہ اوهان انهن کان سوال ڪريو ۽ نظر رکيو .
اغوا جي واقعن کي روڪڻ ۽ ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لا۽ هڪ سيڪيورٽي ٽيم تيار ڪئي وڃي جيڪا ٻارن جي تفري  واري جڳھ تي موجود هجي ۽ اسان جي سماج کي گهرجي تہ اُهي اغوا واري معاملي کي ڪاميابي سان منهن ڏيڻ لا۽ گهري مزور ۽ قابل ماڻهن کان سکيا وٺن .
پوليس کي بروقت اغوا جي اطلاح ڏين ۽ حڪومت کي گهرجي تہ اغوا ڪندڙ ڏوهارين کر سخت سزا ڏني وڃي تہ جئين آئيندا ڪنهن جي همت نہ ٿئي جو اُهي ٻارن کري اغوا ڪري سڳهن ۽ حڪومت کي گهرجي هر شھري جي لا۽ نوڪريو عام ڪيون وڃن خاص طور تي اسان جي نوجوان نسل جي لا۽ تہ اُ ميد آھي آئيندا مستقبل ۾ اغوا ۽ ٻيون برائيو بہ گهٽجي سگهن ٿيون .
ٻارن کي اغوا ڪرڻ ھڪ وڏو معاملو بڻجي چڪو.آھي . ٻارن جي اغوا سان ٻارن ۽ انهي جي مائيٽن تي خراب اثر ٿئي.ٿو اُھي خوف ۽ هراس ۾ اچي بار بار پنهنجي رهائش بدلائين ٿا انهي ڊپ ۽ خوف وچان تہ هاڻي ڪنهن جي واري آهي .
اسان جي پاڪستان جي حڪومت کي گهرجي تہ هو هر اسڪول کي تاڪيد ڪري تہ   هر اسڪول ۾ ٻارن کي پنهنجي بچاؤ بابت سکيا ڏني وڃي ھر ٻار کي سٺي ۽ خراب جي سکيا ڏني وڃي اهڙي صورت ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي  اُهي سڀ ڳالهيوبئن سيکاريون وڃن  ۽  اِن معاملي کي سنجيده وٺڻ  ۽ ڪو سخت قدم کڻڻ گهرجي  . ايئن نہ ٿئي جو دير ٿي وڃي ۽ اسان جي ملڪ جا گُل مرجائي وڃن . اسان جي ملڪ جو مستقبل هنن گلن جهڙن ٻارن سان آهي ، جيڪڏهن  حڪومت ۽ سماج سڀ گڏجي پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڪرپشن کي خت ڪري انهن ڏوهارين کي پڪري ۽ سخت سزا ڏئين تہ پاڪستال جو مستقنل ۽ ماضي کي بچائي سگهجي ٿو 


Faryal Abbasi, Article: Kidnapping of children on rise 

Department of Media and Communication Studies, University of Jamshoro, 
 .

No comments:

Post a Comment