Thursday 11 August 2016

فيچر زوهيب ڪمال پٺاڻ


Late
What was deadline for filing FIRST piece? are u filing this in due time? 
In feature, profile and interview foto is must
U had already wrote on this topic in last semester. U can not repeat it. This is wrong practice
جي ڇهون نمبر خوبصورت ڀنگ مسجد ( فيچر )
                                                زوهيب ڪمال پٺاڻ
     2k14/MC/122 (III)

پاڪستان ۾ خوبصورت تفريحي ماڳ ٻيا به آهن جتي ماڻهو قدرت جي خوبصورتي مان لطف انداز ٿيڻ لاءِ ڪهي ويندا آهن انهن ۾ جتي بادشاهي مسجد، شاهجهان مسجد، بحريا مسجد ۽ فيصل مسجد شاهوڪار ۽ دلڪش آهن اتي ڀنگ مسجد به انهن مان هڪ آهي صادق آباد اهو مشهور شهر آهي جيڪو تاريخي حوالي سان تمام گهڻو لکڻ جي لائق آهي بهاولپور جي نواب سر صادق خان عباسي 1939ع ۾ بهاولپور کي هڪ تحصيل جو درجو ڏنو هو ان وقت شهر جي حالت نها يت سٺي هئي صادق آباد جا ننڍا ننڍا ڳوٺ ڪنهن دور ۾ تجارتي ۽ سياسي لحاظ سان اهم شهرن ۾ شمار ٿيندا هئا ان جي ڀرسان تاريخي شهر احمد پور لمه آهي اهو احمد پور لمه جنهن کي حويلين قلعن ۽ کنڊرن جو شهر چيو ويندو آهي عباسي خاندان جي هڪ سردار 1775ع ۾ ڀته واهڻ جو نالو پنهنجي نالو احمد پور تي رکي هڪ نئون اصطلاح ٺاهيو. شهر جي چوڌاري 30فٽ ڊهي ديوار تعمير ڪرائي جيڪا هاڻي زمين سٺي ٿي پئي آهي احمد پور لمه 1939 تائين تحصيل جو درجو حاصل رهيو احمد پور لمه جي هڪ بستي رحيم آباد جي ڊيرا غازي خان جي لغارين آباد ڪيو هو ان ڳوٺ کان ڪراس ٿي ڀنگ ڳوٺ اچي ٿو جتي تاريخي مسجد واقعي آهي هيءِ مسجد اسلامي طريقي سان ٺهيل آهي بهاو لپور جي عباسي خاندان سان واسطو رکندڙ مرحوم سردار رئيس غازي خان 1932ع ۾ پنهنجي شاندار محل جي حويلي جي اڳيان هڪ خوبصورت مسجد تعمير ڪرائي مسجد جي تعمير جو سڄو خرچ انهن پاڻ برداشت ڪيو هو مسجد کي هڪ شاهوڪار ٺاهڻ پيو چاهي ان مسجد جي ڊزائين جي لاءِ هنڌوستان جي ماهرين جي مدد حاصل ڪئي.مسجد ڀنگ جو دروازو ٽقافت جي فن جو دلڪش نمونو آهي هي دروازو عام طور تي بند رهندو آهي پر ڪنهن وڏي شصيت جي اچڻ سان ان کي کوليو ويندو آهي مرڪزي دروازي تي حضور اڪرم ﷺ جو نالو تمام خوبصورت انداز ۾ لکيل آهي مسجد جو اندروني ۽ ٻاهريون منظر به بيمثال آهي مرڪزي هال واري ڇت تي شيشي ۽ سون جو ڪم ڪيو ويو آهي مسجد اندر ديوارن تي قل شريف سون سان چٽريل آهن جنهن جي چمڪ اڄ تائين برقرار آهي مسجد جي هڪ طرف وضو خانو ٺهيل آهي ۽ مدرسو به ڀرسان ئي آهي جنهن ۾ هر روز هزارين ٻار دين جي تعليم حاصل ڪندا آهن مسجد جي اڱڻ ۾ مغلن جي انداز جو خوبصورت باغ ۽ من موهيندڙ دلڪش ڦوهارا لڳل آهن اندرين ۽ ٻاهرين ديوارن تي تمام سهڻي نموني سان قرآني آيتون لکيل آهن مسجد جو معراب سوني جو تخت لڳندو آهي ۽ ماڻهو تمام پري پري کان مسجد جي خوبصورتي ڏسڻ ايندا آهن اسلامي فن تعمير جي ان مسجد کي20صدي جو شاهڪار قرار ڏنو ويو آهي بين القوامي تعمير جا ماهر ان مسجد کي دنيا جي ڇهين خوبصورت ترين مسجد قرار ڏنو آهي اهائي وجه آهي جو هي مسجد آغا خان ايوارڊ حاصل ڪري چڪي آهي مسجد جي تعمير ۾ ايندڙ خرچ جي باري ۾ علامه اجمل مرزا پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته مسجد جي تڪميل کان 6سال بعد ۾ مسجد جي چيف معمار المعروف استاد ملتاني سان ملاقات ٿي ته ان مسجد تي ٿيڻ واري خرچ جي باري ۾ معلوم ڪيو ته ان چيف معمار ( وڏي مستري )جواب ڏنو ته هيءِ دنيا جي واحد مسجد آهي جنهن جي تعمير تي ايندڙ خرچي جي ڪنهن کي به خبر ناهي هن ٻڌايو ته پهريون ڏينهن جڏهن آئون مسجد جي تعمير جي جارج سنڀالي ته مسجد جي باني مرحوم رئيس غازي خان نوٽن سان ڀريل هڪ ٿيلهو مونکي ڏنو ۽ مان سامان خريد ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ان سان گڏ بل به ٺهرائندو ويس ٽرڪن تي سامان لوڊ ڪيو ويو ۽ رئيس صاحب بلن وارا ڪاغذ ڏسي ڪري چيو هيءِ ڇا آهي مون چيو سائين هي مسجد جي سامان جو بل آهي رئيس صاحب انهن بلن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ چوڻ لڳو استاد صاحب مان پنهنجو نه بلڪي الله پاڪ جو گهر ٺهرائي رهيو آهيان مونکي شرم اچي ٿوته مان ان جو حساب ڪتاب وٺان ۽ مونکي قيامت جي ڏينهن ان جو حساب ڏيڻو پوي الله پاڪ مونکان سوال ڪري چئي ته مون توکي ڪروڙين روپيه ڏنا ڪنهن به حساب ڪتاب جي بغير ۽ تون منهنجي هڪ گهر ٺهرائڻ لاءِ ان جو حساب ڪتاب ورتو.ڪيئي سال گذرڻ جي باوجود اڄ به ڀنگ مسجد جي خوبصورتي ۾ ڪمي نه آئي آهي مسجد جي انتظاميه جي طرفان ان جو گهڻو خيال رکيو ويندو آهي مسجد جو ڪو حصو ٽٽي پوڻ تي ان جو فورن مسجد انتظاميه مرمت ڪرائيندي آهي عام ڏينهن جي مقابلي ۾ خاص ڏينهن تي وڏي رش هوندي آهي ۽ پري پري کان ماڻهو ان جي سونهن ڏسڻ لاءِ اچن ٿا ۽ ماڻهو ان جي وڏي تعريف ڪندا رهندا آهن

No comments:

Post a Comment