Tuesday 23 August 2016

رميز فیچر

رميز
2k14/mc/79
Feature

ڍير ڌڻي بادشاه

سنڌ اندر انيڪ اهڙا تاريخي ماڳ، جڳهيون ۽ درگاهون موجود آهن جيڪي سنڌ جي هر شهر ۾ پهنجو وجود رکن ٿيون ۽ سنڌ اندر جتي ڪٿي ڪا نه ڪا اهڙي جڳھ ضرور آهي جيڪا شهر جي نالي سان مشهور هوندي آهي يا وري شهر انجي نالي سان مشهور هوندو آهي اهڙي ريت بدين ضلعو انهنن شين ۾ ته گھڻو پٺتي آهي پر درگاهن جي حوالي سان ڏسجي ته بدين اهو واحد ضلعو آهي جتي درگاهن ۽ بزرگن جو سلسلو هن ضلعي سان وابسطه ملي ٿو اهڙي پر منفرد ۽ انوکي درگاھ ڍير ڌڻي بادشاھ آهي جيڪا بدين شهر کان 16 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي.
پري جا ماڻهو ته کڻي هن درگاھ تي پنهنجون مرادون کڻي ايندا آهن پر هتي جي ڳوٺ جي رهواسين لاءِ هي جڳھ هڪ بهترين ماڳ کان گهٽ ناهي ڇو ته هتي ماڻهو زيارت سان گڏ سير وتفريح به ڪري ويندا آهن ان جو سبب اهو ئي آهي ته اها درگاھ خوبصورتي جو هڪ اعليٰ مثال آهي ڇو جو ان جي مرمت انتهائي سٺي انداز ۾ ٿيل آهي ۽ وڻ ٻوٽا به پوکيل آهن جيڪي هن درگاھ جي نظاري کي خوبصورت بڻائڻ ۾ ڪا به ڪثر نٿا ڇڏين.
هن درگاھ جو تاريخي پسمنظر ڏسجي ته معلوم ٿيندو ته هن درگاھ جو باني ڍير ڌڻي بادشاھ عرف عبدالطيف جيڪي سنڌ جي مشهور نقشبندي سلسلي جي ولي حضرت خوجه محمد زمان جا والد آهن هي درگاھ 300 سال پراڻي آهي اتي جي بزرگن جو چوڻ هو ته ڍير ڌڻي بادشاھ وصيعت ڪئي هئي ته هن جي قبر کي پڪو نه ڪيو وڃي پر صرف هڪ مٽي جي ڍير وانگر رکيو وڃي ۽ ان تي مٽي جو جھوليون وجهجو .
اتي جي ماڻهن جو ايمان آهي ته هن فقير جي تربت تي جھوليون وجھڻ سان اسان جي دل جون مرادون پوريون ٿين ٿيونان جي ڪري اهي ست جھوليون مٽي جون کڻي قبر تي لاهيندا آهن ۽ پوءِ دعا گھرندا آهن جنهن جي ڪري پري پري کان ماڻهو پهنجون مرادون کڻي ايندا آهن ۽ گڏو گڏ اهي ان خوبصورت جڙيل درگاھ کي ڏسي لطف اندوز به ٿيندا آهن .
لواري شريف جا ماڻهو خوشين جي موقعي تي پارڪ يا گهمڻ وارين جڳهن تي نه پر ڍير ڌڻي بادشاھ تي ايندا آهن جتي ٻيا ماڻهو عيدن يا ڏيهاڙن تي پارڪ يا ميوزيم ڏسڻ ويندا آهن اتي لواري جا ماڻهو ڍير ڌڻي ويندا آهن ۽ اهو ئي انهن جو ماڳ آهي سندن چوڻ آهي ته هي درگاھ اسان کي گهمڻ سان گڏ پهنجي زيارت به ڪرائي ٿي ۽ هتي اسان کي گهمڻ سان دلي سڪون ملي ٿو اهو ئي سبب آهي ته اسان عيدن ۽ ڏيهاڙن تي ڍير ڌڻي بادشاھ ايندا آهيون ۽ زيارت سان گڏوگڏ تفريح به ٿي ويندي آهي ان حوالي سان بدين جي اها واحد درگاھ آهي جتي ماڻهو سال جا 12 مهينا ايندو رهي ٿو ۽ صرف زيارت نه پر گهمڻ ۽ تفريح ڪرڻ ۾ به هتي جي ماڻهن ۾ هن درگاھ جو نالو سڀ کان پهرين زبان تي ايندو آهي .
ڍير ڌڻي بادشاھ درگاھ بابت ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن درگاھ تيير ڌني نالو ئي مٽي جي ڍير ڪري پيو آهي ڇو جو هڪ ته سندس وصيعت هئي ته قبر مٿان ڍير قائم هجي ۽ ٻيو ماڻهن جي مرادون ست جھوليون وجھي وجھي هڪ وڏو ڍير ڪري ڇڏيو آهي تنهن ڪري ان تي ڍير ڌڻي بادشاھ نالو پئجي ويو آهي ان جو مطلب ته مٽي جي ڍير يا دڙي جو بادشاھ.
ڍير ڌڻي بادشاھ لواري شريف ۾ پهنجي انوکي حيثيت سان قائم آهي جنهن ۾ تاريخ جي گهري جهلڪ ملي ٿي ۽ ان جي دلچسپي غور ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي ۽ ٻيو آهو ته هتي ۽ آس پاس جا ماڻهو هن جڳھ جو چڪر لڳائيندا آهن جيڪا پڻ هڪ خاص ڳالھ آهي ۽ ان سان گڏو گڏ هن درگاھ جا مريد تمام گھڻي توجه ڏيندا آهن ايتري قدر جو هن کي خاص درگاھ بنائڻ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏي اٿن ڪڏهن ڪڏهن ته هي هن دگاھ جي لاءِ پهنجو ذاتي خرچ به ڪري ڇڏيندا آهن انهن جو چوڻ آهي ته اسان کي پهنجي مرشد سان سچي دل سان پيار آهي ۽ اسان ان جي درگاھ کي چمڪائڻ ۾ نه ڪا ڪثر ڇڏي آهي نه ڇڏينداسين.

هن درگاھ جي هڪ ته خاص ڳالھ اها آهي جو اتي ٻوٽا ۽ وڻ ٽڻ وڏي دل خوش انداز سان لڳل آهن جيڪي هن درگاھ جي سونهن بڻيل آهن ۽ ٻيو وري هن درگاھ جي سامهون سم واھ آهي جيڪا هن درگاھ جي سونهن ٻيڻي ڪري ڇڏيندي آهي زيارت کان پوءِ ماڻهو اڪثر سم به گهمي ايندا آهن . هي جڳھ اڃا به وڌيڪ خوبصورت تڏهن  لڳندي آهي جڏهن بارش جي موسم هوندي آهي ۽ جڏهن هن تي پاڻي پوندو آهي وڻ ٽڻ ٻُٽآ مهڪي پوندا آهن ته پوءِ هن درگاھ جي سونهن ايتري قدر دلڪش ٿي ويندي آهي جو اتي جا رهواسي بارش جي موسم ۾ هن کي ڏٺي بغير رهي نه سگهندا آهن.  

No comments:

Post a Comment