Wednesday 10 August 2016

ڪارٽون ۽ ٻارن جي سکيا رميز لاکو آرٽيڪل(corrected and old pieces)

Corrected Article
Practical work carried out under supervision of Sir Sohail Sangi
رميز لاکو
Bs Part 3
2k14/mc/79
Article

ڪارٽون ٻارن جي سکيا تي ڪهڙو اثر وجھن ٿا  ؟

جيڪڏهن ڪنهن ٻار کان پڇبو ته هو ٽي وي تي ڇا ڏسندو آهي ته يقينن ان جو جواب ڪارٽوم هوندو ۽ جيڪڏهن پڇبن ته پسنديده ڪارٽون ڪهڙا اٿو ته ٻڌائيندي دير ئي ڪون ڪندا ڪو چوندو ٽوم اينڊ جيري ڪو چوندو اوگي يا ڇوٽا ڀيم يا وري بين ٽين اهو معمول نه صرف ٻارن جو آهي پر وڏن توڙي بالغ نوجوانن کان پڇبو ته جواب ساڳيو ملندو ائين کڻي چوجي ته ٻارن طوڙي وڏن کي ڪارٽون ڏسڻ ۾ تمام گھڻي خوشي ملي ٿي. ڪارٽون ذريعي شاگردن جي ذهنن کي ٿيوريٽيڪل کان هٽي عملي طور تي تيار ڪيو وڃي ٿو ته جئين شاگرد ڪلاس جي مخصوص وقت ۾ ڪافي شيون حاصل ڪري سگهي ۽ سندن علم حاصل ڪرڻ جو طريقو به کين پسند اچي هن عمل جي سٺي ڳالھ اها آهي ته شاگرد کيڏندي کيڏندي علم حاصل ڪندو آهي ۽ ڪارٽون ذريعي ٻار ڪلاس مشغلن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي ٿو ۽ ڪلاس ۾ بيزار به ڪونٿو ٿئي.
ڪارٽون جو وجود اڄ کان 80 سال اڳ ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اهو ٻارن طوڙي وڏن ۾ مقبوليت ماڻي ويو ڪارٽون ڪردار جهڙوڪ مِڪي مائوس، ٽوم اينڊ جيري ، ڊونلڊ ڊڪ وغيره وغيره اهي غير معمولي ڪردار آهن جن کي شايد ئي اڄ جي والدين پهنجي ننڍ پڻ ۾ انهن ڪردارن جا ڪارٽون شوق ما نه ڏٺا هجن . هر دور پهنجي پاڻ سان نيون نيون شيون کڻي ايندو آهي ڪڏهن ڪڏهن ته ڪجھ شين جي ڪري اهي دور انهن پويان سڃاتا ويندا آهن جئين 1960 جو دور ڪمپيوٽر جي دور سان سڃاتو ويندو آهي 1990 جو دور انٽرنيٽ جي دور سان سڃاتو ويندو آهي ائين ئي 2000  ۾ ڪارٽون ٽيڪنيڪ به ساڳي مقبوليت حاصل ڪئي آهي .
ڪيتريون ئي تحقيقون جيڪي سڌريل ملڪن ۾ پر پاڪستان اندر سنڌ ۾ به شهري علائقن ۾ ٿيون آهن  جنهن جو موضوع ڪارٽون ۽ ان جو ٻارن جي سکيا تي پوندڙ اثر آهي ۽ انهن جا نتيجا گھڻي حد تائين مثبت رهيا آهن. هڪ ڪراچي جي ٻارن جي سکيا واري اداري جي رپورٽ مطابق هر سئو گھرن مان سٺ گھرن ۾ ڪارٽون ڪثرت سان ڏٺا ويندا آهن ۽ ڪارٽون ڏسندڙن ۾ پري اسڪول گوئنگ ٻارن کان وٺي 16 سالن جا ٻار شمار آهن.
سنڌ اندر تيزي سان ماڻهو ٻهراڙي مان شهري زندگي ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن ۽ هن دور ۾ ٽيڪنالاجي جي نسبت سان هر سهولت ٻهراڙي ۾ پڻ موجود آهي جئين موبائيل فون ، انٽرنيٽ ، ٽي وي ۽ ڊش ڪيبل وغيره جهڙيون سوهلتون موجود آهن جيڪي شايد اڳ ۾ شهري زندگي تائين محدود هيون ٽي وي ڏسڻ ته جئين اڄ جي ماڻهو جي اهم ضرورت بڻجي وئي آهي هتي اسان وٽ سنڌ اندر شهري ٻار هجي يا ٻهراڙي جو ٻار هجي اهو ڪارٽون ڏسڻ کي فوڪيت ڏئي ٿو انهن ڪارٽونن جو ٻارن جي ڳالھ ٻولھ اٿڻ ويهڻ ۽ روين تي ڪافي اثر محسوس ڪيو ويندو آهي ڪارٽون چينل هڪ استاد وانگر گهرن ۾ موجود ٻارن کي دنيا ۾ مختلف شين يا سندن ئي نصاب جي مضمون جهڙوڪ سائنس ،آرٽ ۽ ٽيڪنالاجي وغيره تي بهترانداز ۾ سکيا ڏئي ٿو . اڄ جو ٻار گذريل جنريشن جي ڀيٽ ۾ ٽيڪنالاجي سان وڌيڪ هم آهنگ آهن ۽ اڄ جي ٻار جو آئي ڪيوبه گذريل جنريشن جي ٻار کان بهتر آهي . اڄ جو 6 ، 7 سالن جو ٻارانهن موضوعن کي ڀلي ڀت سمجهي ۽ انهن بابت ڄاڻ رکي ٿو جهڙوڪ سولر سسٽم ، ايلين ،ٽائم مشين وغيره جهڙا موضوع جن جي باري ۾ شايد اسان ميٽرڪ تائين ته بڌو ئي ڪو نه هئو سين ۽ انهي کان هٽي ڪري ٻارن جي ٻولي تي گرفت پڻ بهتر نظر اچي ٿي .
ڪارٽون جو ٻارن تي ڪافي مثبت اثر پوي ٿو ٻار ڪارٽون کي ڏسندي ڏسندي اهڙن منجهيل موضوعن کي سمجهو وڃي جو شايد رسمي طريقن تحت ٻارن کي انهن موضوعن تي سمجڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ها. ڪارٽون جا ڪجھ منفي پهلو جهڙوڪ ڪارٽون ڏسڻ ڪري ٻارن ۾ هائپر ٿيڻ جولاڙو وغيره نظر اچي ٿو.
قالم نگار سلا زاهد پهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو   آهي ته اهو مڪمل طور ڪارٽون جي اسٽوري تي دارومدار رکي ٿو اسان ٻارن کي ڇا ڏيکارڻ چاهيون ٿا مار ڌار سان ڀرپور اسٽوري يا سبق آميز ڪارٽون اسٽوري جنهن سان ٻارن جي ڪردار تي بهتر اثر پوي .
ڪارٽون جي ميدان ۾ غير ملڪي ڪارٽون چينل ڪافي سرگرم آهن انهن جي سرگرمي سبب ڪجه خدشه جنم وٺي رهيا آهن جن کي وائکوڪرڻ ضروري  آهي پاڪستان ۾ جيڪي به ڪارٽون چينل هلي رهيا آهن سي اسان جي پاڙيسري ملڪ جي عنايت آهن اهي جيڪي چاهن نشر ڪري سندن ملڪ سان گڏ اسان جي ملڪ جي ٻارن کي به انهي تي قائل ڪري هڪ مخصوص مائينڊ سيٽ پهنجي طرز جو بڻائي رهيا آهن ظاهري طور ته هو پهنجي ملڪ جي ثقافت، ريتن رسمن ۽ تهوارن جي موضوع سان ڪارٽون جون ڪهاڻيون نشر ڪري رهيا آهن پر اسان وٽ ڪارٽون چينلن جو وجود ئي ڪو نه آهي ۽ ان جي نه هجڻ جي ڪري اسان جي پاڙيسري ملڪ جا ڪارٽون ڪثرت سان ڏٺا پيا وڃن اهو ئي سبب آهي جو اسان جو ٻار اسان جي ثقافت ، تهزيب ۽ تهوارن کان بلڪل اڻڄاڻ آهي پر پاڙيسري ملڪ جي هر رسم ُ روايت کان چڱي طرح واقف آهي انهن ڪارٽون جي چينلن جي ڪري اسان جي ٻولي جي بقا به خطري ۾ پئجي وئي آهي.
اسمه اشرف چلڊرين سائيڪولاجسٽ جي چوڻ مطابق ٻار جيڪي ڪارٽون ڏسندا آهن انهن جي ذهني صلاحيت عام ٻارن کان تيز هوندي آهي ڇو ته ڪارٽون ٻار دلچسپي سان ڏسندا آهن جنهن ڪري تمام مشڪل شيون به سکي پوندا آهن ۽ پهنجي ذهن کي استعمال ڪرڻ جي صلاحيت به پيدا ڪري وٺندا آهن.
چوندا آهن ته ٻار جيڪو ٻڌندو سو ئي ڳالهائيندو جئين ته ٻار ڪارٽون چينل ۾ اڪثر هندي زبان ۾ ٻڌي ٿو ته ظاهر آهي  انهن لفظن کي ئي استعمال ڪندو سان جي حڪومت جيڪڏهن هن ٽيڪنالاجي مان فائيدو وٺڻ گھري ٿي ته جلد پهنجي مخلصي ڏيکاريندي ۽ ڪارٽون چينل متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي .

ڪارٽون جو ٻارن جي ذهن تي ڪافي گھرو اثر پوي ٿو جنهن سان ٻار ڪافي نيون نيون شيون جلد سکي وٺي ٿو جيڪي فائدو رسائي سگهن ٿيون جيڪڏهن پاڪستان يا سنڌ اندر تعليمي نظام ۾ ڪارٽون ٽيڪنيڪ استعمال ڪئي وڃي ته يقينن ٻار ان ۾ دلچسپي وٺندا ۽ تعليم ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندا.  
old
رميز لاکو
Bs Part 3
2k14/mc/79
Article

No specific  reference of report, or opinion of experts psychologists, educationists etc. Intro is un attractive. Give some recent reference regarding cartoon

ڪارٽون ٻارن جي سکيا تي ڪهڙو اثر وجھن ٿا  ؟
رميز لاکو- آرٽيڪل

اڄ جي دور جي ڳالھ ڪريون ته معلوم ٿيندو دنيا گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي سائنس ٽيڪنالاجي ايتري ترقي ڪئي آهي جو هر ميدان ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو اٿس پوءِ ڀلي ڪيمسٽري هجي فزڪس بائيولاجي هجي يا جيولاجي هر شعبي ۾ نيون ايجادو استعمال ٿين ٿيون ۽ تعليم جي ميدان ۾ به ٽيڪنالاجي اٿل پٿل آڻي ان کي وڌيڪ آسان بڻائي ڇڏيو آهي جتي رسمي تريقن جي جاءِ هاڻي جديد ۽ تحقيق تي اڌاڙيندڙ ٽيڪنيڪس ولاري ڇڏيون آهن شاگردن کي رسمي تريقن کان هٽائي ڪري  ڪمپيوٽر ، ملٽي ميڊيا پروجيڪٽز ۽ سائونڊ سسٽم ذريعي عملي طور شاگردن کي علمي ميدان ۾ ڏنو ٿو وڃي . دراصل ڪارٽون به انهن ئي جديد ٽول ۽ ٽيڪنيڪس مان هڪ اهم ٽول طور گذريل ٻن ڏاهاڪن ۾ اڀري سامنهون آيو آهي ، ڪارٽون ذريعي شاگردن جي ذهنن کي ٿيوريٽيڪل کان هٽي عملي طور تي تيار ڪيو وڃي ٿو ته جئين شاگرد ڪلاس جي مخصوص وقت ۾ ڪافي شيون حاصل ڪري سگهي ۽ سندن علم حاصل ڪرڻ جو طريقو به کين پسند اچي هن عمل جي سٺي ڳالھ اها آهي ته شاگرد کيڏندي کيڏندي علم حاصل ڪندو آهي ۽ ڪارٽون ذريعي ٻار ڪلاس مشغلن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي ٿو ۽ ڪلاس ۾ بيزار به ڪونٿو ٿئي.
ڪارٽون جو وجود اڄ کان 80 سال اڳ ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اهو ٻارن طوڙي وڏن ۾ مقبوليت ماڻي ويو ڪارٽون ڪردار جهڙوڪ مِڪي مائوس، ٽوم اينڊ جيري ، ڊونلڊ ڊڪ وغيره وغيره اهي غير معمولي ڪردار آهن جن کي شايد ئي اڄ جي والدين پهنجي ننڍ پڻ ۾ انهن ڪردارن جا ڪارٽون شوق ما نه ڏٺا هجن . هر دور پهنجي پاڻ سان نيون نيون شيون کڻي ايندو آهي ڪڏهن ڪڏهن ته ڪجھ شين جي ڪري اهي دور انهن پويان سڃاتا ويندا آهن جئين 1960 جو دور ڪمپيوٽر جي دور سان سڃاتو ويندو آهي 1990 جو دور انٽرنيٽ جي دور سان سڃاتو ويندو آهي ائين ئي 2000  ۾ ڪارٽون ٽيڪنيڪ به ساڳي مقبوليت حاصل ڪئي آهي .
ڪيتريون ئي تحقيقون جيڪي سڌريل ملڪن ۾ پر پاڪستان اندر سنڌ ۾ به شهري علائقن ۾ ٿيون آهن  جنهن جو موضوع ڪارٽون ۽ ان جو ٻارن جي سکيا تي پوندڙ اثر آهي ۽ انهن جا نتيجا گھڻي حد تائين مثبت رهيا آهن. هڪ تحقيق مطابق هر سئو گھرن مان سٺ گھرن ۾ ڪارٽون ڪثرت سان ڏٺا ويندا آهن ۽ ٻي تحقيق مطابق ڪارٽون ڏسندڙن ۾ پري اسڪول گوئنگ ٻارن کان وٺي 16 سالن جا ٻار شمار آهن.
سنڌ اندر تيزي سان ماڻهو ٻهراڙي مان شهري زندگي ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن ۽ هن دور ۾ ٽيڪنالاجي جي نسبت سان هر سهولت ٻهراڙي ۾ پڻ موجود آهي جئين موبائيل فون ، انٽرنيٽ ، ٽي وي ۽ ڊش ڪيبل وغيره جهڙيون سوهلتون موجود آهن جيڪي شايد اڳ ۾ شهري زندگي تائين محدود هيون ٽي وي ڏسڻ ته جئين اڄ جي ماڻهو جي اهم ضرورت بڻجي وئي آهي هتي اسان وٽ سنڌ اندر شهري ٻار هجي يا ٻهراڙي جو ٻار هجي اهو ڪارٽون ڏسڻ کي فوڪيت ڏئي ٿو انهن ڪارٽونن جو ٻارن جي ڳالھ ٻولھ اٿڻ ويهڻ ۽ روين تي ڪافي اثر محسوس ڪيو ويندو آهي ڪارٽون چينل هڪ استاد وانگر گهرن ۾ موجود ٻارن کي دنيا ۾ مختلف شين يا سندن ئي نصاب جي مضمون جهڙوڪ سائنس ،آرٽ ۽ ٽيڪنالاجي وغيره تي بهترانداز ۾ سکيا ڏئي ٿو . اڄ جو ٻار گذريل جنريشن جي ڀيٽ ۾ ٽيڪنالاجي سان وڌيڪ هم آهنگ آهن ۽ اڄ جي ٻار جو آئي ڪيوبه گذريل جنريشن جي ٻار کان بهتر آهي . اڄ جو 6 ، 7 سالن جو ٻارانهن موضوعن کي ڀلي ڀت سمجهي ۽ انهن بابت ڄاڻ رکي ٿو جهڙوڪ سولر سسٽم ، ايلين ،ٽائم مشين وغيره جهڙا موضوع جن جي باري ۾ شايد اسان ميٽرڪ تائين ته بڌو ئي ڪو نه هئو سين ۽ انهي کان هٽي ڪري ٻارن جي ٻولي تي گرفت پڻ بهتر نظر اچي ٿي .
ڪارٽون جو ٻارن تي ڪافي مثبت اثر پوي ٿو ٻار ڪارٽون کي ڏسندي ڏسندي اهڙن منجهيل موضوعن کي سمجهو وڃي جو شايد رسمي طريقن تحت ٻارن کي انهن موضوعن تي سمجڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ها. ڪارٽون جا ڪجھ منفي پهلو جهڙوڪ ڪارٽون ڏسڻ ڪري ٻارن ۾ هائپر ٿيڻ جولاڙو وغيره نظر اچي ٿو.
تحقيق مان ظاهر ٿيو آهي ته اهو مڪمل طور ڪارٽون جي اسٽوري تي دارومدار رکي ٿو اسان ٻارن کي ڇا ڏيکارڻ چاهيون ٿا مار ڌار سان ڀرپور اسٽوري يا سبق آميز ڪارٽون اسٽوري جنهن سان ٻارن جي ڪردار تي بهتر اثر پوي .
ڪارٽون جي ميدان ۾ غير ملڪي ڪارٽون چينل ڪافي سرگرم آهن انهن جي سرگرمي سبب ڪجه خدشه جنم وٺي رهيا آهن جن کي وائکوڪرڻ ضروري  آهي پاڪستان ۾ جيڪي به ڪارٽون چينل هلي رهيا آهن سي اسان جي پاڙيسري ملڪ جي عنايت آهن اهي جيڪي چاهن نشر ڪري سندن ملڪ سان گڏ اسان جي ملڪ جي ٻارن کي به انهي تي قائل ڪري هڪ مخصوص مائينڊ سيٽ پهنجي طرز جو بڻائي رهيا آهن ظاهري طور ته هو پهنجي ملڪ جي ثقافت، ريتن رسمن ۽ تهوارن جي موضوع سان ڪارٽون جون ڪهاڻيون نشر ڪري رهيا آهن پر اسان وٽ ڪارٽون چينلن جو وجود ئي ڪو نه آهي ۽ ان جي نه هجڻ جي ڪري اسان جي پاڙيسري ملڪ جا ڪارٽون ڪثرت سان ڏٺا پيا وڃن اهو ئي سبب آهي جو اسان جو ٻار اسان جي ثقافت ، تهزيب ۽ تهوارن کان بلڪل اڻڄاڻ آهي پر پاڙيسري ملڪ جي هر رسم ُ روايت کان چڱي طرح واقف آهي انهن ڪارٽون جي چينلن جي ڪري اسان جي ٻولي جي بقا به خطري ۾ پئجي وئي آهي.
چوندا آهن ته ٻار جيڪو ٻڌندو سو ئي ڳالهائيندو جئين ته ٻار ڪارٽون چينل ۾ اڪثر هندي زبان ۾ ٻڌي ٿو ته ظاهر آهي  انهن لفظن کي ئي استعمال ڪندو سان جي حڪومت جيڪڏهن هن ٽيڪنالاجي مان فائيدو وٺڻ گھري ٿي ته جلد پهنجي مخلصي ڏيکاريندي ۽ ڪارٽون چينل متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي .

ڪارٽون جو ٻارن جي ذهن تي ڪافي گھرو اثر پوي ٿو جنهن سان ٻار ڪافي نيون نيون شيون جلد سکي وٺي ٿو جيڪي فائدو رسائي سگهن ٿيون جيڪڏهن پاڪستان يا سنڌ اندر تعليمي نظام ۾ ڪارٽون ٽيڪنيڪ استعمال ڪئي وڃي ته يقينن ٻار ان ۾ دلچسپي وٺندا ۽ تعليم ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندا.  

No comments:

Post a Comment