Friday 12 August 2016

باگڙي برادري جا مسئل

 باگڙي برادري ۽ ان جا مسئلا.
هندو برادري سان تعلق رکندڙ باگڙي برادري پاڪستان سميت سنڌ جي هر ننڍي وڏي ضلعي ۾ صدين سان آباد آهي. باگڙي برادري جا ماڻهو پاڪستان ٺهڻ کان وڏي اڄ ڏينهن سنڌ ۾ رهندا پيا اچن. باگڙي برادري کي سنڌ جا اصل وارث به چوندا آهن، باگڙي برادري جي رهڻي ڪهڻي ، ثقافت  ۽ کائڻ پيئڻ سنڌ ۾ وسندڙ ٻين قبيلن ۽ برادرين کان مختلف آهي. هن بي حس سماج ۾ باگڙي برادري کي گهٽ سمجهيو وڃي ٿو ، جڏهن ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اهڙن قومن کي معزز ۽ معتبر قوم سمجهيو وڃي ٿو ، جهڙي ريت باگڙي برادري  کي عام شين جيان  مختلف تصور ڪيو وڃي ٿو تهڙي ئي ريت باگڙي برادري ماڻهن جو لهجو ۽ ڳالهائڻ جو انداز به ڪجه ائين ئي مختلف آهي. عام طور تي زيادتي ڪنهن تشدد ۽ ظلم  ،وغيره کي چيو ويندو آهي  ، پر هتي وڏي زيادتي اها هي آهي ته ان کي گهٽ ذات تصور ڪيو ويندو آهي، سروي موجب باگڙي برادري اها برادري آهي جيڪا  هڪ ئي وقت انيڪ مسئلن کي منهن ڏنو آهي.
باگڙي برادري ۽ ان جي رهڻي ڪهڻي.
صدين کان سنڌ ۾ آباد باگڙي برادري جي رهڻ جو انداز ئي پنهنجو آهي، باگڙي برادري جا ماڻهو هڪ سادي طريقي سان پنهنجي زندگي گذارن ٿا، خاص ڪري باگڙي برادري جا ماڻهو پنهنجا گهر ڪچا ۽ گهرن ۾ جهوپڙيوڻ ٺاهڻ پسند ڪن ٿا . سندن گهرن ۾ جهوپڙي نه هجي ته انهن جي گهر جي خوبصورتي ئي نامڪمل آهي. باگڙي برادري جا ماڻهو اڪثر ڪري هڪ شهر کان ٻئي شر ڏانهن لاڙو ڪندا رهندا آهن ته جيئن هو پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪري سگهن ، باگڙي برادري جي ماڻهن کي اڪثر ڪري خانو بدوش به چيو ۽ سمجيوويندو آهي،باگڙي اڪثر ڪري محنت ۽ مشڪلاتون ڏسي پنهنجي ٻچن جو گذر سفر ڪن ٿا، زماني سان گڏ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۾ به فرق نظر اچي ٿو پر هي قوم اڄ به ساڳئي ئي نموني سان زندگي گذاري رهي آهي.
باگڙي برادري سنڌ جي  هر ننڍي وڏي شهر ۾ آباد آهي. 
سنڌو ڌرياءِ آباد باگڙي برادري صدين کان حسين آباد ۾ آباد آهن پر اڄ به جديد زماني ۾ انيڪ مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. سروي موجب سنڌو ڪناري تي 150 کان وڌيڪ  خاندان آباد آهن جيڪي پاڪستان ٺهڻ کا اڳ جا آهن .باگڙي اڪثر ڪري سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ رهڻ پسند ڪن ٿا. حسين ۾ آباد ڪجه باگڙي برادري جا ماڻهو لڏپلاڻ به ڪري ويا. باگڙي اڪثر ڪري گهير واري شلوار ۽ ننڍڙي قميص پائڻ پسند ڪن. سندن پاڙن ۾ اڪثر گهر هڪٻئي سان جڙيل آهن سندن هڪٻئي جي تڪليفن کان واقف رهن ٿا، جڏهن ته اڪثر باگڙي شام جي وقت پاڻ ۾ گڏجي ڪچهري ۾ مصروف نظر ايندا آهن.
هن برادري تي باگڙي نالو ڪيئن پيو.
باگڙي برادري موجب باگڙي برادري جا ماڻهو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هتي آبا آهن جن جا وڏا اڪثر ڪري باغن ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪار ڪندا هئا. ان ڪري هن قوم تي باگڙي نالو پيو.۽ اهو ئي نالو هن قوم جي شناخت جو سبب بڻيو. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته هندوستان ۾ هڪ علائقي جا نالو باگڙ آهي ، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جيڪي ماڻهولڏپلاڻ ڪري هتي آيا انهن کي هتي پاڪستان ۾ باگڙي چيو وڃي ٿو. باگڙي برادري جا ماڻهو پان کي باگڙي سڏرائڻ ۾ خوشي محسسوس ڪن ٿا.باگري برادري جا ماڻهو سرڪاري نوڪرين ۾ نه هئڻ برابر آهن جنهن جو مثال اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. هڪ سروي موجب باگڙي برادري ۾ مالي پريشاني ۽ بيروزگاري سبب تعليم جي شرح 10 سيڪڙو کان به گهٽ آهن
باگڙي اڪثر علائقن مان لڏپلاڻ ڪندا رهندا آهن. 
باگڙي برادري اڪثر ڪري پنهنجي ٻچن جي پيٽ گذر جي ڳولا ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ ۾ مصروف رهندي آهي، عام ماڻهو اڪثر ڪري هن قوم کي خانه بدوش ۽  پينو فقير طور به سڏينداآهن.هن برادري جو تعلق هندو مذهب سان آهي.باگڙي پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿا ، سندن برادري ليول تي فورم به ٺهيل آهن پر فورم عملي طرح ڪجه نٿا ڪن. حڪومت کي هنن اهم مسئلن سان گڏ باگڙي برادري کي تعيلم ، صحت، روزگار، ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ مستقل بنياد تي منصوبابندي ڪرڻ گهرجي ڇو جو باگڙي تاريخ ۽ ثقافت جا حامل آهن.
سروي دوران باگڙي برادري جي هڪ  بزرگ لڇمڻ داس ٻڌايو ته  دنيا ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون ذاتيون آهن پر اسان پاڻ کي معاشري مطابق ننڍو سمجهونٿا. هن جديد دور ۾ باگڙي برادري جا ماڻهو ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. باگڙي برادري لاءِ ڪو به آواز اٿارڻ وارو ڪونهي اسان سنڌ کي پنهنجي ڌرتي ۽ پاڪستان کي پنهنجو گهر سمجهون ٿا. پر حڪومت ۽ اختيارين جي عدم توجه سبب نتيجا ڀوگڻ تي مجبور آهيون. باگڙي برادري جا ڪيترائي ئي خاندان مشڪلاتن باوجود اڃا سنڌ ۾ موجود آهن .

Practical work was carried out under supervision of Sir Sohail Sangi, at Media & Communication Department, University of Sindh 

No comments:

Post a Comment