Tuesday 16 August 2016

رميز لاکو اياز پروفائيل

رميز لاکو
پروفائيل
2k14/mc79


شاگردن جي اعتماد کي زنده ڪندڙ سائين اياز دانش شيدي

اڄ جي هن نفسا نفسي دور ۾ هر ماڻهو صرف پهنجي آسائش ۽ فائدو ڳولهي ٿو اتي وري ڪجھ اهڙا ماڻهو به هوندا آهن جنهن جي دلين ۾ انسانيت جو درياءَ وهندو آهي جيڪي انسان دوست ٿيندا آهن ۽ جيڪي انسانيت جي فائدي کي پهنجو فائدو سمجهندا آهن جنهن جي دلين ۾ ڪا به تفريق ناهي هوندي دراصل اهڙن ماڻهن کي اگر انمول هيري جو لقب ڏجي ته غلط نه هوندو . بلڪل اهڙي ئي قسم جو ماڻهو سائين اياز دانش شيدي بدين جي سرزمين تي رهندڙ آهي  جيڪو
مٿين سمورين خاصيتن سان  معاشري جي شاگردن جي خدمت ۾ رڌل آهي.
ساائين اياز دانش جيڪو هڪ استاد آهي جنهن پهنجي تعليم سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي ما ن پرائي  آهي هي هڪ اهڙو استاد آهي جيڪو شاگرد جي زندگي جي هر پهلو کي چڱي طرح پرکي ويٺو آهي ڪنهن به شآگرد کي پرکڻ هن جي لاءِ ڪو وڏو مسئلو نه آهي پر هي چاهيندو آهي ته شاگرد پهنجي عملي زندگي کي سڃاڻي پئي ته ان کان بهتر ٻي کالھ ناهي  ۽ جيڪي شيون هن پهنجي شاگردي واري زندگي ۾ ڏکيون محسوس ڪيون انهن کان شآگردن کي آگاھ ڪندو آهي . سائين اياز دانش شاگردن جي هميشه کان مدد ڪندو آيو آهي خاص ڪري انهن جو اعتماد جاڳائڻ ۾ هن پهنجون صلاهيتون استعمال ڪيون آهن ۽ شاگرن کي ڳالهائڻ، سوچڻ، سمجهڻ لائڪ بڻايو ڇڏي هن جا جيڪي به شاگرد ٿي گذريا آهن اگرانهن سان ڳالھ ٻولھ ڪري ڏسبي ته اهو جوهر ڏسڻ لاءِ ملندو ۽ ان شاگرد وٽ فڪري ذهن ۽ استعمال لاءِ اهي دلڪش الفاظ ٻڌڻ لاءِ ملندا جيڪي سائين اياز جي وجود جو ثبوت ڏيندا . سائين اياز دانش وٽ هر فن جي معلومات آهي هي هر ميدان ۾ سرگرم رهي ٿو شاعري ، ادب، بحث مباحثي ۽ تقرير ۾ هن جو ڪو جواب ناهي ۽ جڏهن وري هي ڪنهن شاگرد کي شاعري جي مقابلي يا تقرير جي مقابلي لاءِ تياري ڪرائيندو آهي ته هو شاگرد جي اندازي بيان تي تمام گھڻو زور ڀريندو آهي سنڌ ليول تي سائين جا شاگرد هميشه پهرين  پوزيشن ماڻيندا آهن پوءِ  ڀلي تقريري مقابلو هجي بحث مباحثو هجي يا شاعري جو مقابلو هجي.
سائين اياز دانش کي ننڍي هوندي کان ڪنهن به ڄاڻ کي سکي سيکارڻ جي فن ۾ دلچسپي هوندي هئي ڪا به ڄاڻ هوندي هئس ته اهڙي انداز سان سيکاريندو هو جو ٻڌندڙ جي ذهن ۾ ڪو به سوال باقي نه رهندو 7 اهو ئي سبب آهي جو هن پهنجي دلچسپي واري شعبي کي پنهنجي فطرت سمججي قبوک ڪيو آهي ۽ هن جهڙو استاد شايد ئي ڪٿي پيدا ٿيو هجي . هن جو چوڻ آهي ته سيکارڻ لاءِ لازمي آهي ته توهان کي پوري طرح سکڻ اچي ۽ جيڪڏهن توهان کي مڪمل طرح سکڻ اچي ويو ته سکجي ڪئين ته پوءِ اهوان لاءِ سيکارڻ ڪو مسئلو نه رهندو ڇو ته سکڻ ۾ وڏي زهني صلاحيت استعمال ڪرڻ جي صرورت هوندي آهي ۽ جنهن ۾ اها صلاهيت اڻکٽ هوندي آهي اهو ڪيتري قدر شاگردن کي سيکاري سگھي ٿو . سائين اياز ظاهري طور تي ته ڪا خاص شخصيت نه آهي پر اٽي ۾ لوڻ جيان هن جو وجود آهي محسوس نٿو ٿئي غور طلب ڳالھ اها آهي ته جيڪي نسلون پهنجو منزلون وڃائي ويٺيون آهن پهنجو شوق، اعتماد تباھ ڪري ڇڏيو اٿن صرف غير سنجيده سرگرمين لاءِ اهڙين نسلن جي اعتماد کي آسمان تي پهچائڻ ۾ ڪيتري محنت ۽ دل لڳي جي صرورت آهي اهو ته اهو ئي سمجهي سگهي ٿو   جنهن وٽ سيکارڻ جي قابليت اڻٿڪ هجي.
مون ڏٺو ته اهڙا شاگرد جن ڪڏنهن سوچيو به نه هو ته هو ايترا چست ٿي اعتمادي مقابلن  ايتري دلچسپي سان حصو وٺندا ۽ وري پوزيشن ماڻيندا اهڙا شاگرد جن کي ڪڏهن صحيح طريقي سان ڳالهائڻ نه ايندوهو اڄ سائين اياز کان ٽرينڊ ٿي ڪري ڪنهن به معاملي ۾ ڳالهائيندي ٿڪبا ئي ناهن ، احساس ڪمتري ۾ مبتلاشاگرد سائين وٽ اچڻ کان پوءِ حيرت ۾ پئجي ويندا آهن ته اسان پهرين ڪهڙا ۽ هاڻي ڪهڙآ آهيون . هڪ شاگرد جنهن ملڪي سطح تي تقريري مقابلي ۾ پهرين پوزيشن ماڻي جو چوڻ هو ته آئون پهرين لفظن جي ادائيگي ۾ لڙکڙائيندو هئس، گهٻرائيندو هئس ڪنهن سان نه ملندو هئس ۽ گهڻو سوشل به نه هئس پر مهنو گرو سائين اياز دانش مون ۾ اهڙي قابليت ڏٺي جو هو روز مونکي هدايت ڪندو هئو مهنجي خوف کي مٽائي وڌيڪ ڳالهائڻ جي صلاحيت پيدا ڪئي ساڳي طرح ڪافي اهڙا شآگرد آهن جن کي سائين اياز دانش عملي طريقي سان سندن زندگي سڌارڻ ۾ مددد ڪئي.

جنهن وٽ اعتماد جي کوٽ آهي اهو پهنجي زندگي  ۾ کوڙ سارا موقعا وڃائي وهي ٿو  ڪو وري ڊپريڊن جو وڃي ٿو نه ڪنهن سان ڳالهائڻ جو سليقو نه ڪنهن سان اٿڻ ويهڻ جي ڄاڻ ، ڄڻ زندگي عذاب بڻجي پئيس  پر ساڳي طرح اگر ڪنهن وٽ ڀرپور اعتماد آهي  ته سماج ۾ ئي نه پر جتي هو ويندو اتي پهنجو نالو چورائيندو ۽ ڪڏهن به ڪنهن موقعي کي هٿن مان وڃڻ نه ڏيندو ۽ سائين اياز دانش وٽ قدرت جي طرفان مليل هي انمول تحفو آهي جيڪو ڪيترن ئي گھرن کي بک جي باھ کان بچائي ٿو يعني سائين اياز دانش قطع ئي نه ڏسندو آهي ته ڪنهن کي تربيت ڏيڻ سان هن جو ڪهڙو فائدو ٿيندو پر هي ته اهڙن غريبن کي به تربيت ڏيندو آهي جنهن جي گھرن ۾ مشۡ: شآڻ ٻن وقتن جي ماني پچندي آهي . سائين اياز دانش جيڪو پهنجا فرائص بطور هڪ پرنسپل شاه لطيف پبلڪ اسڪول ۾ بخوبي ادا ڪري رهيو آهي ۽ جهڙي به اسڪول ۾ هي ويندو آهي ان اسڪول جي رونق ٺهي پوندي آهي ڇو ته ٻارن جا والدين چاهيندا آهن اسان جا ٻار هن وٽ پڙهن . سائين اياز دانش معاشري جي ان رجحان کي سختي سان ناپسند ڪندو آهي جتي ٻارن کي زور ڀريو ويندو آهي ته توکي ڊاڪٽر ٿيڻو آهي يا انجينئير ٿيڻو آهي ان سان مائٽن جو ٻارن تي پڙهائي جو پريشر وڌي ويندو آهي ۽ ڪي ٻار ته نفسياتي مريض ٿي پوندا آهن پر جيڪي ٻار ڊاڪٽر يا انجنئير ٿي به ويندا آهن شوق نه هئڻ جي ڪري هميشه زندگي مان بيزار هوندا آهن ۽ جيڪڏهن ان جي بجاءِ ٻار کي ان طرف ڌيان ڏيارجي جنهن طرف ان جي دلچسپي هجي ته پوءِ ان جهڙو بهتر تخليقار ڪير به نه ٿي سگهندو هن جو چوڻ آهي ته ٻارن کي ڊاڪٽڙ يا انجينئير ٿيڻ تي زور نه ڀريو وڃي ڇو ته  ڊاڪٽڙ يا انجينئير ٿيڻ ڪا وڏي ڳالھ نه آهي پر هڪ بهتر انسان ٿيڻ واقعي وڏي ڳالھ آهي.

No comments:

Post a Comment