Wednesday 17 August 2016

جمشيد علي ڪنڀر ????????????

ٿيليسيميا  هڪ وڌندڙ مرض
جيئن ته انسان جي جسم جا سڀ سرشتا ۽ جوڙجڪ ماءُ ۽ پيءُ جي جين مان جُڙي عمل ۾ اچن ٿا جنهن جي بُنياد تي ئي جسم جا اندروني عمل توڙي ظاهر بناوت انحصار ڪن ٿا. جيڪڏهن عورت يا مرد ٻنهي مان ڪنهن جي جسم ۾ معمولي قسم جو مسئلو آهي جنهن سان سندن جسم ۾ رت جي ٿوري گهڻي کوٽ (Anemic) رهي ٿي ته ان کي ٿيلسيميا ڪيريئر يا مائنر چيو وڃي ٿو. اليڪٽروفوريسز ٽيسٽ سان اها خبر آساني سان پئجي وڃي ٿي ڪو ماڻهو مائنر ٿيلسيميا جو شڪار آهي يا نه؟ جيڪڏهن زال يا مڙس ٻنهي مان ڪو مائنر آهي ته ان سان ڪو ايڏو مسئلو ناهي پر جيڪڏهن ٻئي مائنر آهن ته پوءِ انهن جي ٻارن ۾ به هيموگلوبن ٺاهڻ واري جين جي منتقلي ٿي سگهي ٿي جنهن سان رُپئي مان چار آنا پڪ سان چئي سگهجي ٿو سندن ٻار ٿيلسيميا ميجر جو شڪار هوندو. جنهن جي جسم ۾ رت ٺهڻ جي قوت نه هوندي ۽ سندس علاج بس ايترو ئي ته هو پرائي رت تي جيئندو رهي جيسين حياتي آهي
مختلف بيمارين جيان ٿيليسيميا هڪ اهڙو مرض آهي جنهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جيڪو انساني ذندگي جي لاءِ موت جو سبب بڻيل آهي  جنهن جو شڪار ٿيڻ سان جسم ۾ ايبنارمل هيموگلوبن ٺهڻ لڳندي آهي جنهن سان رت ۾ آڪيسجن جي رسد تي منفي اثر پون ٿا ۽ رت جا ڳاڙها جزا سڙڻ لڳن ٿا جن لاءِ آڪسيجن جو هڪ مخصوص مقدار لازمي هوندو آهي .
هن بيماريءَ جي  تاريخ  تمام گهڻي پراڻي ڏسجي ٿي. قديم زماني ۾ يونان ۾ هي بيماري عام رهي آهي.بنيادي طرح ٿيلسيميا    اکر به يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي. جيڪو لفظ موجوده وقت ۾ ميڊيڪل سائنس ۾ به مروج ٿي ويو آهي. هن يوناني اکر جو ڇيد ڪبو ته ٿيندو “THALASS” ٿلاس لفظ جي معنيٰ آهي سمنڊ ۽ “AEMIA” ايميا معنيٰ ”رت جي وروڌي حالت ، جنهن جو مطلب ٿيندو ته ”رت جي تمام گهڻي بگڙيل حالت جيڪو عام طور ٻارن ۾ هوندو آهي.
پاڪستان ۾ هيءَ بيماري هڪ سروي مطابق ملڪ جي سڄي آدمشماريءَ2.5
 ملين آهي، جنهن ۾ هي به ڄاڻ حاصل ٿي ته هن مرض جو شڪار وڌ کان وڌ 25 سالن تائين ذنده رهي سگھي ٿو، دنيا جي ٻين ملڪن جيان پاڪستان ۾ به اهو مرض ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڄي.
ٿيليسميا جا قسم
عام ٿيليسميا هن قسم جي ٿيليسميا گھڻي ڀاڳي جنياتي ٿيندي آهي هن قسم جي ٿيليسميا کي نرماد واري ٿيليسميا پڻ چئبو آهي هن قسم جي ٿيليسميا جيتوڻيڪ ٻار سان سڳي ذندگي گڏ هلندي آهي پر گھٽ نقسان ڪار هوندي آهي، مهلڪ ٿيليسميا هن قسم جي ٿيليسميا ٻار کي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن خد بار جي پنهنجي رت ۾ خلل هوندو آهي هن قسم جي ٿيليسميا تمام گھڻي مهلڪ هوندي آهي جنهن ۾ ٻار پنهنجي زندگي وڃائي ويهندا آهن.
ٿيليسميا جون علامتون
 
ٻار کي رت جي گهٽتائي، ٻارَ جو منهن ڦڪو ۽ ڦلڙو ٿي ويندو آهي ۽ منهن تي آموس هوندي آهي.، ٻار جي بُک مُئل هوندي آهي، ٻار جي منهن جي هڏن ۾ سور ٿيندو آهي، ڪيترن ٻارن جي منهن جا هڏا وڌي يا ٽيڏا ٿي ويندا آهن.، ٻار جي تِري وڌيل، سڳل هوندي آهي. ڪيترن ٻارن جي تريءَ ۾ سور هوندو آهي. جڏهن هيءَ بيماري مهلڪ بڻجي ويندي آهي ته مريض ۾ هي علامتون ظاهر ٿينديون آهن،ٻار جي جسم جون مشڪون ڪمزور ٿي سُسي وينديون آهن. تنهنڪري ٻارَ جو جسم ڦلڙو، ٻانهون ۽ ٽنگون سنهيون ٿي وينديون آهن. ڪيترن ٻارن جون ٽنگون ڦري وينديون آهن، تِري پنهنجو قدرتي فعل ڇڏي ڏيندي آهي، ٻار جي تِري وڌي وڃڻ ڪري ۽ پنهنجو قدرتي فعل نه ڪرڻ ڪري دل ۽ جيرو وڌي ويندا آهن، ٻار کي پيشاب ڳوڙهي رنگ جو ايندو آهي. جنهن ۾ تمام گهڻي پروٽين (البيومين) ايندي آهي،
ان مرض ۾ مبتلا ٻارن جو تعداد  وڌيڪ آهي حڪومت کي گهرجي ته ان مرض جا ٿيليسميا جا سينٽر قائم ڪيا وڃن ته انهن ٻارن کي ان مرض جي آزاب کا بڇايو وڃي جيڪي ٻين جي بلڊ جا محتاج بڻيل آهن   پاڪستان جهڙي غريب ملڪ ۾ هي مرض ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي  ۽ ڪيترن ئي گلن جهڙن معصوم  ٻارڻ جون  ذندگيون  گھڙڪائي پيو ۽ هي خطرناڪ مهلڪ مرض ڏينهون  ڏينهن وڌڻ سبب پاڪستان ۾ ان جو علاج ناممڪن ٿي ويو آهي، ان ڪري پاڪستان حڪومت کي جترو جلد ٿي سگھي هن مهلڪ مرض تي ظابطي آڻڻ جي ڪوشش ڪجي ته جئين ان مرض کان انساني زندگي کي بچائيو وڃي ته جئين ٻارن جي ذندگي ۽ ملڪ جي مستقبل جيڪو ٻار آهن اهي محفوظ رهي سگھن.

جمشيد علي ڪنڀر
بي ايس پارٽ ٿري
2K14-MC-135 

Practical work was carried out under supervision of Sir Sohail Sangi, at Media & Communication Department, University of Sindh


No comments:

Post a Comment