Wednesday 10 August 2016

امام علي ڀلائي آرٽيڪل, مسئلن جو ڳڙهه ڄامشورو



مسئلن جو ڳڙهه ڄامشورو

 ڄامشورو ضلعو ٻن ميونسپل ڪميٽين، 6 ٽائون ڪميٽين ۽ 30 يونين ڪائونسلن وارن تڪن تي مشتمل آهي خيرن سان چونڊيل اميدوارن قسم به کڻي ورتو آهي، مٿان وري ضلعي اسيمبلي، ميونسپل ڪميٽين، ٽائون ڪميٽين جي چيئرمينن جي چونڊ به ٿيڻ واري آهي جنهن به بعد حڪمراني جا اختيار عوام جي چونڊيل اميدوارن ڏانهن منتقل ٿي ويندا، ڄامشوري جي چونڊيل نمائندن نه ملڪ کي ترقي ڏياري ۽ نه ئي پنهنجي ووٽر عوام جي اهنجن جو درمان بڻجي سگهيا، هن وقت به عوام بنيادي تعليم، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي، بجلي، گيس، روڊن، رستن، تفريح ۽ روزگار سميت بنيادي سهولتن لاءِ پريشان آهي اهڙي صورتحال ڄامشوري جي عوام سان به آهي،ڄامشوري جي جاگرافيائي حدن کي ڏٺو وڃي ته 1933ع کان اڳ ڪراچي ضلعي جو ۽ بعد ۾ دادو ضلعي جو حصو رهيو آهي، 2004ع کان قائم ڪيل ڄامشوري ضلعي جي عوام ٻه بلدياتي چونڊون، 3 عام چونڊون ۽ کوڙ ساريون ضمني چونڊون ڏٺيون آهن، انهن چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙن کي ڏٺو وڃي ته اهي هڪ، ٻن يا ٽن خاندان جا فرد رهيا آهن.  مختلف وقتن تي حڪمراني ڪندڙ انهن ماڻهن جا چهرا ته بدلبا رهيا پر ڄامشوري جي عوام جي قسمت نه بدلي ۽ ان عوام جا مسئلا جيڪي انهن جي سياسي پارٽين جي منشور جو حصو رهيا آهن، تازو ٿيل بلدياتي چونڊن ۾ تعليم، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي، بجلي، گيس، روڊن، رستن، نيڪاسي جي بهتر نظام کان ويندي بنيادي مسئلا ۽ ذاتي ڪم نه ٿيڻ، مرڻي پرڻي ۾ نه اچڻ، تڪليف ۾ ساٿي نه بڻجڻ واري شڪايتن سبب مايوس ٿي ويٺل ويچاري عوام کان ماضي جيان هن ڀيري به ڪوڙن ڪوڙن وعدن تي حرکائي سندن قيمتي ووٽ ورتو ويو، ڏٺو وڃي ته ڄامشوري ۾وڏو مسئلو آر بي او ڊي پروجيڪٽ آهي جنهن جو تعميراتي ڪم سالن کان جاري آهي جنهن جو مڪمل نه ٿيڻ سميت ان جي موجودگي ۾ ڄامشوري جي عوام لاءِ وڏي خطري جي گهنٽي پڻ آهي، ڄامشوري جي حدن مان گذرندڙ موٽر وي جي متاثرين کي حق ڏيارڻ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو طرفان مقامي ماڻهن کي تحفي طور ڏنل سنڌ جي وڏي ايراضي ۾ قائم ڪوٽڙي انڊسٽريز ۽ نوري آباد انڊسٽريز، يونيورسٽين، سرڪاري غير سرڪاري ادارن ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ، اتي موجود انڊسٽريز جي مالڪن کي سياسي، مذهبي، انتظامي توڙي پوليس جي ڀتا خوري کان آجو ڪرائڻ، ڄامشوري ضلعي جي اندر وڏي مقدار ۾ گيس ۽ تيل جي پيدوار هجڻ باوجود هتان جي عوام کي گيس جي فراهمي نه ٿيڻ، ضلعي اندر ٽن پاور هائوسن باوجود عوام کي بجلي جي فراهمي نه ٿيڻ، بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ بجلي جا سڙيل ٽرانسفارمر رشوت کان سواءِ تبديل نه ٿيڻ، ٽن يونيورسٽين واري ڄامشوري ضلعي اندر ٻه سئو جي قريب بند پيل سرڪاري اسڪولن کي کولرائڻ. صوبي جي وڏي ۾ وڏي ايل ايم يو اسپتال سميت ضلعي جي هڪ سول، 4 تعلقي اسپتال، سرڪاري رورل هيلٿ سينٽرن، بيسڪ هيلٿ سينٽرن، ڊسپينسرين ۾ ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل عملي ۽ دوائن جي کوٽ پورو ڪرڻ، عطائي ڊاڪٽرن مان عوام جي جان آجي ڪرائڻ، ميڊيڪل اسٽورن تي غير معياري صحت جي هاڃيڪار دوائن جي سرعام وڪري کي روڪڻ، ڄامشوري اندر سپر هاءِ وي، انڊس هاءِ وي، نوري آباد، ڪوٽڙي، ڪول مائينزجي انڊسٽريل علائقن توڙي سيوهڻ، ڄامشورو حبيب الله موڙ ۽ ٻين علائقن ۾ آباد غير قانوني ڌارين جي نيڪالي ڪرائڻ، ڌارين هٿان توڙي مقامي قبضا مافيا طرفان سرڪاري زمينن تي ٿيل قبضا خالي ڪرائڻ، ڪچي جي زمينن ۽ ٻيلن تي وڏيرن جا ٿيل قبضا ختم ڪرائڻ، ڪوٽڙي شهر ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڀرسان قائم ريلوي ٽريڪ مٿان بار بار بجيٽ جي منظوري باوجود پل جو تعميراتي ڪم نه ٿيڻ. ضلعي جا ٿاڻا  ۽ پوسٽون ٺيڪي تي ڏيڻ، وڌندڙ بدامني، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ، اسڪولن، ڊسپينرين سميت فلاحي ادارن تي قبضن، نوجوانن جي تباهي واري ثمر منشيات جي سرعام واهپي سميت ڪيترائي مسئلا ڄامشوري جي عوام طرفان ضلعي جي حڪومت، هتان جي چونڊيل نمائندن لاءِ سوال بڻيل آهن ايترن سارن مسئلن جي موجودگي مان لڳي ٿو ته عوام جو الله ئي واهي آهي پر الله سائين پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو ته جيڪا قوم پنهنجو پاڻ نه ٿي سڌاري ان قوم کي آئون نه ٿو سڌاري سگهان، ان ڪري ان ڪري هاڻ وري به عوام کي، سڄاڻ ڌرين کي پنهنجو پاڻ جدوجهد ڪرڻي پوندي انهن سمورن مسئلن ۽ عوام جي اهنجن جي حل لاء،ِ انهي چواڻي ته ” واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو“

نالو: امام علي ڀلائي
رول نمبر 114 بيچ سال 2014






No comments:

Post a Comment