Sunday 21 August 2016

نويد احمد فیچر

Spelling mistakes
 Foto is required
نويد احمد
2k14/mc160
feature
ڪوٽڙي ۾ 1800ع وارا گھر اڄ جي گهرن کان وڌيڪ خوبصورت ۽ مضبوت
تاريخ جي دري ۾ هڪ نظر ڦرائي ڏسون ته سنڌ جي تاريخ اسان کي قديم نظر ايندي ۽ تاريخ ۾ پهرين پني تي سنڌ جو نالو ڏسڻ ۾ ايندو ان جي ڪري جو اسان جي هي عزيم ڌرتي پراڻي ، قديمي ۽ تاريخي حيٿيت رکي ٿي چو ته ان ۾ ڪافي اهڙيون شيون موجود آهن جيڪي سوهڻي سنڌ کي تاريخ جي پنن ۾ سنهري الفاظن ۾ لکراين ٿيون . موهن جو دڙو جيڪو دنيائي سطح تي ڪافي پراڻي تهذيب جو مالڪ آهي اتي جي گهرن  ۽ نظام جي ڳالهين ۽ تريقن حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آهي ته اهي ڪهڙي زماني جا ماڻهو هئا جو اهڙن پڪن گھهرن ۾ موجود بهترين ۽ صاف نظام ۾ پنهنجي زندگي بسر ڪري ويا . اهڙي طرح سنڌ جي دل ڄامشوري جي شهر ڪوٽڙي جي ڳالھ ڪجي ته اتي به اسان کي گهڻيون پراڻيون نه پر سهڻيون ۽ بهتر شيون ڏسڻ لاءِ ملنديون جئين ڪوٽڙي شهر جا 1800 صدي وارا گهر ڪوٽڙي شهر ۾ زينت بڻيل آهن.
ڪوٽڙي شهر ۾ اهي گهر پهنجي رونق ايتري قدر برقرار رکيو ويٺا آهن جو اسان کي انهن گھرن جي شڪل ۽ وري جهڙي مهارت انهن گهرن مان ظاهر ٿئي ٿي سا موهي وجهي ٿي ايترا پراڻا گھر هئڻ باوجود به اهي گهر پهنجي مظبوتي ۽ خوبصورت نظارو قائم رکي وٺا آهن اها ڳالھ دراصل انوکي پن جو احساس ڏياري ٿي  ته 1800ع واري دور کان جيڪي به گهر ٺهندا آيا ۽ ڊهندا آيا پر ڪوٽڙي شهر ۾ اهي گهر اڃا به قائم آهن ان جون سبب اهو ئي آهي ته اهي گهر انگريزن جي دور ۾ ٺآهيا ويا ۽ انهن جي مرمت ۾ اهڙي ڌاتو استعمال ڪئي وئي جنهن انهن گهرن کي شاندار بڻائي ڇڏيو آهي .
ڪوٽرڙي شهر جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهي گهر ته ان زماني جا آهن پر انهن جي ڪا ريگري تي انگريزن تمام گهڻي محنت ڪرائي ڇو ته هنن گهرن جو نقشو انهن پاڻ ٺاهيو پر انهن نقشي تي عمل گهڻا زور ڀرائي ڪرايو ۽ وري نقشي جي ڳالھ ڪجي ته اهڙي انداز سان ٺهيل آهي جو گهرن جا ڪمرا هوا داررهن ٿا ۽ سياري ۾ گرم ته اونهاري ۾ مٽ جي پاڻي جيان ٿڌا پوءِ ڀلي بجلي به نه هجي ڪمري ۾ موجود ماڻهو کي ذري جي به گرمي محسوس نه ٿيندي ۽ نه وري برسات جي موسمن ۾ پاڻي جو کٽڪو ته ڇت ٽمندي يا پاڻي بيهندو مطلب ته اهڙو نقشو واقعي انهن گهرن کي بين گهرن کان منفرد بڻائي ٿو. اتي جي رهواسين جي مطابق اهي گهر ڪافي راضن نقل ڪري ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر مڪمل طرح سان ٺاهي نه سگھيا ۽ نه ئي ان نقشي کي اڄ تائين ڪو راضو سمجهي سگهيو آهي ان  جو سبب ان م استعمال ٿيل سامان ٿي سگهي ٿو يا وري اهڙي ٽيڪنيڪ ٿي سگهي ٿي جيڪا هتي جي راضن جي سمجھ کان مٿي آهي

ڪوٽڙي جي انهن گهرن جي زينت اڃا وڌي ويندي آهي جڏهن بارش پوندي آهي ۽ اهي گهر تمام گهڻا خوبصورت ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ اتي جي رهواسي انهن گهرن کي برسات جي موسمن ۾ ڏسندا آهن اهي گهر برسات جو پاڻي پوڻ لڳڻ سبب ٽهڪي پوندا آهن مطلب ته انهن جو هڪ ته رنگ عاليشان ۽ نقشو بهترين ڏسڻ ۾ ايندو آهي  جنهن ڪري اهي گهر ڪوٽڙي شهر جي سونهن ٿي ويندا آهن

No comments:

Post a Comment