Un edited
Pawan Kumar
Kirshna Kolhi
ننگر پارڪر جي ڳوٺ ڏانا ڳام ۾ جنم وٺندڙ ڪرشنا ڪولهي جو والد جگديش عرف جگنو هاري هو جڏهن بادل ٿر تي وسندا هئا تڏهن هي کيڙيندو هو ،گذر سفر خاطر هڪ ڳوٺ کان ٻي ڳوٺ ڏانهن لڏپلاڻ ڪري هن ڪيتريون ئي مشڪلاتون ڏٺيون.اتي ڪرشنا کي تعليم پرائڻ ۾ مشڪلاتون پئي درپيش آيون تنهن هوندي به ڪرشنا پنهنجي تعليم جاري رکي،نبي سر ويجهو هن ٽالي شهر ۾ تعليم پرائڻ حاصل ڪئي . ان کانپوءِ هن چمبڙ ويجهو آباد بشير آباد شهر ۾ اٺين ڪلاس تائين تعليم پرائي ته هن جي شادي لالچند نالي نوجوان سان ٿي وئي،ڪرشنا ڪولهي جي ننڍي عمر ۾ شادي ٿي پر ان پوءِ به تعليم جاري رکي ۽ منزل ماڻڻ ۾ سوڀاري ٿي . جڏهن ته اڄ هن دور ۾ ڪرشنا ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي ، هو پنهنجي نالي کان سڃاڻي وڃي ٿي ، جڏهن ته ڪرشنا پنهنجي علائقي جي ۽ ڳوٺ جي پڙهي لکي تسليم ڪئي وڃي ٿي. جڏهن ته سندس ڪيل جدوجهد جي ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي انصاف ملڻ سان گڏوگڏ تمام گهڻو لاڀ مليو آهي. ڪرشنا موجب سندس مڙس شادي کانپوءِ تمام گهڻو سپورٽ ڪيو. سندس والد جگديش وٽ کير وٺڻ جيترا به پئسا نه هوندا هئا ۽ هو سليماني چانهه سان ماني کائيندا هئا ۽ سندس والد انتهائي غريب هجڻ باوجود ڪتاب وٺي ڏيڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪندو هو .پاڻ پڙهائي سميت ڪيتريون ئي مشڪلاتون ڏٺيون،کين زندگي ۾ وڏو ڏک اهو آهي ته سندس ٻيون ڀيڻون نه پڙهي سگهيون . سندن ڀائر به تمام گهڻا پڙهيا لکيا آهن جن جا نالا ويرجي ۽ مولچند آهن. ڪرشنا موجب سندس والد هارپي ۽ روزگار لاءِ مختلف هندن تي لڏپلاڻ ڪندو رهيو آهي اتي کين ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيش ايندي ڏٺيون کين اهي شيون اڄ به هن کي چنگي ريت ياد آهن ،ڪرشنا والد سان گڏ ڦٽيون به چونڊيون لابارا به ڪيا ۽ ڪمند جي پٽائي به ڪئي ، اهي ڏينهن ۽ علائقا ڪرشنا کي اڄ به ياد آهن.هاڻي هنن جو انهن علائقن ڏانهن نٿو وڃڻ ٿئي ڇاڪاڻ ته اتي انهن جا مائٽ نٿا رهن.پنهنجي ثقافت جي حوالي سان ڪرشنا اسلام آباد، ڪراچي، لاهور سميت ڪيترن ئي شهرن جا پنڌ ڪري چڪي، هو سماجي حوالي سان جدوجهد ڪندي ڪيترن ئي سياسي سماجي اڳواڻن سان به ملڳ چڪي هن پنهنجي جدوجهد جي شروعات پنهنجي تنظيم ذريعي 2007 کان شروع ڪئي ، ڪرشنا موجب هو مشهور شخصيت نالي واري سماجي عورت اڳواڻ ڊاڪٽرفوزيه سعيد کان تمام گهڻو متاثر ٿي جنهن جو تعلق پنجاب سان آهي. ۽ فوزيه ئي ڪرشنا کي سماجي سرگرمين ڏانهن اڳتي وڌايو، ان قدم کانپوءِ ڪرشنا ۽ ڊاڪٽر فوزيه سعيد ملي ڪري عورتن جي حراسمينٽ واري قانون لاءِ جدوجهد ڪئي ، هنن انهي ئي حوالي سان عورت سياستدان ڊاڪٽرفهميده مرزا سان 2010 ۾ به ملاقات ڪئي .هي هندو ميريج بل جي حوالي سان راڌا ڀيل ۽ پشپا ميگهواڙ سان گڏ اسلام آباد ب وئي ڪرشان موجب دريائن جي عالمي ڏهاڙي ته جڏهن هو درياءَ بادشاه کي ڀيٽا پيش ڪرڻ اتي ويون ۽ اهي تصويرون جڏهن مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيون ته ان تي سندس ڳوٺ جي ماڻهن اعتراض واريو . ۽ تمام گهڻي ناراضگي جو اظهار ڪيو ، هن اهڙن حوالن سان ڪيتريون ئي مشڪلاتون تعنا ڏٺا پرهن پنهنجا پير پٺتي نه ڪيا ۽ حوصلي سان اڳتي وڌن جي عزم کي ورجائيندي رهي ، موسيقي سان پيار ڪندڙ ڪرشنا وانڌڪائي جي وقت ۾ شهنيلا علي ، احمد مغل ۽ لتا مگينشڪر جي ڳائڻي وٺندي آهي.ڪرشنا موجب هن کي اها تمام سٺي ڳاله لڳي ٿي ته اڄ جي دور ۾ هن جي ڳوٺ جون ڇوڪريون پڙهن ٿيون جيڪا هن لاءِ تمام وڏي خوشي جهڙي ڳالهه آهي، ڪرشنا جي شادي ته ارينج ميريج آهي پر اڄ ڪلهه هو حيدر آباد ۾ رهندڙ ۽ پنهنجي زندگي سٺي ۽ خوشحال نموني سان گذاري رهي آهي. کيس اولاد ۾ 3 ڌيئرون آهن جن ۾ سونيا ، پوجا ۽ نيريجرا آهن ۽ هڪ پٽ چندن لال آهي، ڪرشنا کي کاڌي ۾ پالڪ جي ڀاجي تمام گهڻي پسند آهي مر غي به شوق سان کائيندي آهي ۽ وري مٺائي وري جليبيون تمام گهڻيون وڻن ٿيون هن کي گلاب جي گل جي خوشبو تمام گهڻي وڻندي آهي. هو پنهنجي والد ۽ امڙ کي آئيڊيل طور تسليم ڪري ٿي ڇو جو سندن مائٽن ئي ان جي زندگي بدلائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. سياستدانن م هو شهيد محترم بينظير ڀٽو کان تمام گهڻي متاثر رهي .فلمن ۾ شاه رخ جي اداڪاري به تمام گهڻي پسند آهي، ڪرشنا موجب گهر ۾ سندس مڙس کان جهيڙو ٿيندو آهي ته هو پنهنجي مڙس لالچند کي پرچائڻ ۾ دير نه ڪندي آهي.ننڍپڻ ۾ سندس والدين گهر جوڪم ڪار نه ڪرڻ ڏيندا تنهن ڪري هو شادي کانپوءِ رڌپچاءُ جي ڪم ۾ ڀڙ ٿي. سندس زندگي ۾ يادگار واقعو جڏهن هو اسلام آباد ويل هئي ته ان سان گڏ سندس برادري جو 5 ڇوڪريون به گڏ هيون واپس موٽڻ مهل ان جي ريل گاڏي نڪري وئي، پريشاني جي غالم ۾ هنن هتان کان 5 هزار روپين ۾ ٽيڪسي ڪرائي تي ڪرائي ۽ ٽيڪسي ڊرائيور ٽيڪسي کي تمام گهڻو تيز ڊوڙايو هنن جو اهڙن علائقن مان گذر ٿيو جيڪو خوف هن کان اڄ ڏينهن تائين نٿو وسري هو جڏهن لاهور توڙي اسلام آباد ۾ دراوڙ نارين جي حوصلات لاءِ رٿيل پروگرامن ۾ ويندي آهي ته تمام گهڻي مڃتا ملندي آهي.هن پيغام ڏيندي چيو ته ماڻهو کي پاڻ تي ڀروسو ۽ حوصلو رکڻ گهرجي انهن کي اهو احساس هجڻ گهرجي ته اسان ڪنهن کان گهٽ ناهيون.جيڪو ڪجه ٻيا ماڻهو ڪري سگهن ٿا اهو اسان به ڪري سگهون ٿا.
Practical work carried out under supervision of Sir Sohail Sangi

No comments:
Post a Comment