Thursday 4 August 2016

رلي: سنڌي ثقافت جي سونهن - مشتاق جمالي

Unedited
فيچر: 

مشتاق علي جمالي
2k14/mc/142

رلي: سنڌي ثقافت جي سونهن

سنڌ شروع کان ڪپڙي جي واپار ۽ صنعت جو مرڪز رهي آهي، نه رڳو هتي جا مرد هنر مند ۽ ڪاريگر آهن، پر زالون به سگهڙ ۽ سڄاڻ آهن، هوءَ گھر جي ڪم ڪار  سان گڏ ڀرت به ڀرينديون آهن ۽ هر قسم جي ٽوپي جو ڪم ڪنديون آهن، جن مان نور نچوئي ٺاهيل رليءَن کي سنڌ جي ثقافت طور مڃتا حاصل آهي. سنڌ جي ٻهراڙي جون عورتون رنگ برنگي ڪپڙي جي ٽُڪرين کي وڏي مهارت سان ڳنڍي هڪ وڏي چادر جنهن کي مقامي ٻولي ۾ "رليءَ" ڪري سڏيو ويندو آهي تيار ڪنديون آهن. رليءَ اُتي جي  مقامي لفظ "رلانا" مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ آهي "ڳنڍڻ"۔ رليءَ خاص سنڌ جي سوکڙي آهي، رليءَون ٻهراڙيءَ جي گهرن جو سينگار آهن، سگهڙ عورتن جي هٿ جو هنر ۽ سندن ڪاريگريءَ جو شاهڪار آهن.
 رليءَون پاڪستان جي ڏکڻ وارن علائقن جهڙوڪ سنڌ، بلوچستان ۽ چولستان سحرا سان گڏ انڊيا جي راجستان ۽ گُجرات وارن علائقن ۾ پڻ تيار ڪيون وينديون آهي. مختلف ذاتين، قبيلن، ڳوٺائي مايون توڙي خانه بدوش عورتون گھرن ۾ ويهي رليءَءَ جو ڪم ڪنديون آهن. رليءَءَ جو استعمال هنڌ يا بستري طور ٿيندو آهي، ٻهراڙي ۾ اڪثر ماڻهو مهمانن کي کٽ تي رليءَ وڇائي خاطر توازا ڪندا آهن. ان کان علاوه نياڻي جي ڏاج رليءَ بنا اڌوري سمجهي وڃي ٿي. رليءَ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ هڪ خاص ثقافت طور سڃاتي وڃي ٿي. 
سنڌ جي سگھڙ عورتن جي هن خوبصورت شاهڪار کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ نمائش طور پيش ڪيو ويو. آمريڪا جي ڪيترن ئي عجائب گھرن ۾ پڻ نمائش طور پيش ڪيو ويو، اوهان کي ٻڌائيندا هلون ته سڀ کان پهرين رليءَ جي نمائش سن 2003 ۾ آمريڪا جي شهر هوسٽن ۾ هڪ ميلي ۾ لڳائي وئي، آمريڪا جي "نيبراسڪا لنڪن" نالي يونيورسٽي ۾ رليءَ جا تقريبن 150 مختلف قسم موجود آهن. رليءَ جو هنر سڄي سنڌ ۾ آهي، مٽياري ضلعي جي ٽنهي تعلقن نيوسعيدآباد ، هالا، مٽياري جي ٻهراڙين اڏيرو لعل اسٽيشن، سيکاٽ، ڀٽ شاه موري، هالا ، نيو سعيدآباد ، بکر جمالي، ۽ جان محمد جمالي سميت ڪيترن علائقن ۽ ڳوٺن ۾  به سگھڙ عورتون هٿ سان خوبصورت رليون ٺاهن ٿيون. انهن جي بيهڪ، ڊزائن ۽ ٽوپو ڏسي، حيرت وٺي ويندي آهي.
رليءَ جا قسم  
سنڌ ۾ انيڪ قسمن جون رليون ٺهن ٿيون، جنهن ۾ ٽڪ واري رليءَ تمام گھڻي مشهور آهي، جنهن کي تيار ڪرڻ ۾ نه صرف وڌيڪ محنت گھربل آهي پر ان سان گڏ وڌيڪ خرچ ۽ وقت گھربل آهي. رليءَ جي ٻين قسمن ۾ ڇهن دٻلن واري، سورهن چنڊن واري، سٺ دٻلن واري، کوهه ڦيري واري، اڌ ٽڪ واري، پکي واري، نانگ ڦڻ، نور پڇي، ڦڻيءَ ڪور، فرشي، پتاشي، ٽڪ واري وغيره  شامل آهن،پر مختلف قومون پهنجي ريتن رسمن پٽاندڙ مختلف قسمن واريون رليون ٺاهينديون آهن، ان بنياد تي انهن جا نالا به مختلف هجن ٿا.
رليءَ ٺاهڻ جو طريقو.
سنڌي عورتون پراڻن ڪپڙن مان ڏاڍا ٽڪر ڪڍي، گڏ ڪنديون وينديون آهن. جڏهن ڪافي اڳڙيون گڏ ٿي وڃن، تڏهن انهن کي جدا جدا رنگ ڏيئي رڱينديون آهن. انهن مختلف رنگين ٽڪرين مان چورس، ٽڪنڊن، مستطيل شڪلين ۾ اڳڙيون ڪتري، ٽڪريون ٺاهينديون آهن. اهي ٽڪريون پاڻ ۾ ڳنڍي، جدا جدا ڊزائينون تيار ڪنديون آهن. هر هڪ ڊزائين کي ”چنڊ“ چئبو آهي. هن نموني سان تيار ٿيل رليءَ کي ”ٽڪرين واري رليءَ“ چئبو آهي. ڪي زالون وري اٽڪل هڪ گرانٽ هم چورس اڳڙيءَ جي ٽڪرن کي ڪئنچيءَ سان ٽڪينديون آهن. ان ٽڪيل ڪپڙي کي ٻي ڪپڙي جي مٿان سئيءَ سان جڙي، چنڊ تيار ڪنديون آهن. ٽڪ وارا چنڊ تيار ڪرڻ لاءِ گهڻي محنت ۽ ڄاڻ جي ضرورت هوندي آهي، اهڙيءَ رليءَ کي ”ٽڪ واري رليءَ“ چئبو آهي.
ٽڪ يا ٽڪرين مان تيار ڪيل چنڊن کي ڳنڍي، ڏيڍ ميٽر ويڪرو ۽ سوا ٻه ميٽر کن ڊگهو تہـ تيار ڪيو ويندو آهي، ان تهه جي چو طرف مختلف رنگن جون پٽيون ۽ ڪنگريون يا گڏيون لڳايون وينديون آهن، اهڙيءَ طرح هڪ تهہ تيار ڪرڻ بعد هڪ ٻيو لسو تهه به تيار ڪيو ويندو آهي.
تهن ٺاهڻ کان پوءِ لسو تهه وڇائي، ان جي مٿان پراڻي ڪپڙي مان صاف ڪيل اڳڙين جا ٻه ٽي تهه ترتيب سان سٿيا ويندا آهن. ان بعد ٽڪرين يا ٽڪ وارو تيار ٿيل تهه ان جي مٿان رکي، پاسن کان ٽوپو ڏنو ويندوآهي. تهن کي پاسن کان ٽوپي ڏيڻ بعد، ٿوريءَ ٿوريءَ وڇوٽيءَ تي ٽوپا ڏنا وينداآهن. انهن ڇڊن ٽوپن کي ”دوڳڻ“ چئبو آهي. رليءَ جي دوڳڻ جو اهو مقصد هوندو آهي ته تهن جي وچ ۾ سٿيل اڳڙيون اڳتي پوئتي ٿي ڳنڍا ڳوڙها نه ٿي پون. دوڳڻ کان پوءِ هر هڪ دوڳ جي وچ ۾ گهاٽا ٽوپا ڏنا ويندا آهن. اهڙيءَ طرح سڄي رليءَ تيار ڪئي ويندي آهي. ٽوپا ڏاڍي خبرداريءَ سان ڏنا ويندا آهن، ۽ انهن جا کڻ گهڻو ڪري هڪجيڏا ۽ هڪجهڙا هوندا آهن. انهي ڪم دوران عورتون پنهنجي پيارن جي لاءِ دعائيا سحرا به ڳائينديون آهن.
اڄڪلهه رليءَ جي ٺهڻ ۽ استعمال ۾ به نواڻ ۽ جدت آئي آهي. مثال طور اڄوڪي زماني ۾ اڪثر ماڻهو ڪپڙي جي هڪ وڏي تهه کي مشينري سان مختلف رنگين ٽڪرين جي شڪلن ۾ ڇاپي يا وري گلن ۽ ٻين قسمن جا ڇاپا هڻي ان تهه کي بنا ڪنهن دوڳڻ ۽ ٽوپو ٽاڙي جي کٽن تي وڇائيندا آهن. ان سان گڏوگڏ شهري ماڻهو به گهرن ۾ ان قسم جي رليءَ کي ڊرائينگ روم جي سجاوٽ ۾ ڪتب آڻين ٿا. انهي جدت کي ٻهراڙي ۾ به قبوليو ويو. اتان جي سگھڙ عورتن جو چوڻ آهي ته اسان اهي تهه خريد ڪري انهي کي رليءَ جي ساڳي مرحلي مان گذاريندا آهيون، ان سان  ٽڪريون ڳنڍڻ وارو وقت بچي پوي ٿو. 
رلي سنڌي ثقافت جي مهندار آهي سنڌ جي تاريخي قصن، لوڪ ڪهاڻين ۽ ڪلاسيڪل شاعري ۾ به رلي جو ذڪر ملي ٿو. سنڌ جو ڀلوڙ شاعر حسن درس به پنهنجي محبوب جي لاءِ زندگي جي رلي وڇائي ٿو.
زندگي ڀلي اهڙي، ٽڪ تي رلي جهڙي
آئون وڇايان تون نه ويهين، ان کان ويڙهيان کڻي
نور نچوئي رليون ٺاهيندڙ سگھڙ عورتن جو چوڻ آهي ته هڪ رلي ٺاهڻ ۾ گھٽ ۾ گھٽ مهيني جو وقت لڳي ويندو آهي، ان حساب سان ڏسجي ته اجورو گھٽ ملي ٿو، هڪ رلي مارڪيٽ ۾ ٻن هزارن کان پنج هزارن ۾ وڪامجي ٿي. هن مهانگائي جي دور ۾ پنج هزارن مان ٻن ويلن جي ماني جو انتظام به ناهي ٿيندو. ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته هن هنر کي ڇڏي ڏيون گذر سفر لاءِ ڪو ٻيو هنر ڪيون. “رلي سنڌي ثقافت جي سونهن آهي”  انهي جملي يا خوش فهمي سان ڀلا پيٽ ته نه ڀرجي سگھندو، جيئڻ جي لاءِ ٻن ويلن جي ماني ته ضروري آهي نه.
 جيڪڏهن سگھڙ عورتن هن هنر کي ڇڏي ڏنو ته پوءِ شايد رلي جو ذڪر مستقبل ۾ ڪتابن ۾ ئي ملندو، سنڌ سرڪار توڙي ثقافت کاتي کي گھرجي ته ثقافت جي هن اهم حصي کي بچائڻ جي لاءِ خاطرخواه قدم کڻي، رڳو رلي کي ٻاهرين ملڪن جي مارڪيٽن ۾ پهچائڻ جي لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن ته ان سان رليون وڏي تعداد ۾ ايڪسپورٽ ٿينديون، جنهن سان قيمتن ۾ به مناسب اضافو ٿيندو ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ به سنڌي ثقافت اجاگر ٿيندي.

No comments:

Post a Comment