Sunday 21 August 2016

ذوالفقار کوسو پروفائيل

ذوالفقار کوسو
2k14/mc/108
profile
ٿر جو آواز نوجواان صحافي سنجي ساڌواڻي

هڪ سچو ۽ ذميوار صحافي جتي پنهنجي آسپاس ٿيندڙ ڏاڍ، ظلم، سماجي براين ۽ لاقانونيت خلاف قلم ۽ زبان ذريعي جنگ وڙهي ٿو. اتي پنهنجي تهذيب ، تمدن، ثقافت ۽ تاريخ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوشان هوندو آهي. اهڙن ذميوار صحافين ۾ ٿر سان  تعلق رکندڙ نوجوان صحافي سنجي ساڌواني به شامل آهي سندس تعلق سنڌ جي ان علائقي سان آهي جتي روز گلاب جي گلن جهڙا ٻارڙا پنهنجي زندگي جي جنگ هاريو وڃن ٿا.
صحراءُ ٿر جي سرزمين تي جنم وٺندڙ هن نوجوان ڪردار صحافت جي دنيا ۾ پنهنجو نالو پاڻ ٺاهيو آهي ٿر جي ڪردارن پنهنجي فن ذريعي سڄي دنيا ۾ ٿر توڙي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي.
هن کي ٿر جي مورن سان به پيار آهي ته سيوڻ جي ستايل عوام جو احساس به جيڪي پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن.
ٿر جي سونهن هرڻن جي شڪار جو مسئلو هجي يا اتان جي نمائيندن جي ڪرپشن، ٿر ۾ ڏڪار هجي يا ڪامورن جي بدانتظامي هن ان عمل کي سچي دل ۽ ايمانداري سان ٿر جي مظلوم عوام جو آواز وس وارن تائين پهچايو آهي

اليڪٽرانڪ مِيڊيا ۾ هي ٻيو اقليتي صحافي آهي جيڪو خبرن پويان ايئن هوندو آهي جيئن ماکيءَ جون مکيون گلن تان رس پويان هجن  هو ڪڏهن ٿر جي حسن مورن جي خبر "سب سي پهلي سماءِ پر" ۾ نظر ايندو ته ڪڏهن حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ايڪسٽرا جڊيشلي ڪلنگ جي مسئلن کي اعلي ايوانن ۾ پهچائڻ لاءِ مصروفِ عمل نظر ايندو .

سنجي جو جنم  26 جولائي 1996 ۾ هڪ پورهيت دليپ لوهاڻي جي گهر ۾ ٿيو.
هن بنيادي تعليم پنهنجي اباڻي شهر مٺي مان، ميٽرڪ هاءِ اسڪول مٺي ۽ انٽر ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪئي.
 کيس صحافت جو شوق ميٽرڪ واري دور کان ئي  هيو، هن صحافت جي شروعات 2012 ۾ هڪ سنڌي اخبار کان ڪئي، سنجي ساڌواني جي چوڻ مطابق  جنهن وقت هو صحافتي دنيا ۾ شامل ٿيو ته ان وقت هن کي نه خبر ٺاهڻ ايندي هئي ۽ نه ڳالهائڻ ايندو هو. صرف اخبار پڙهڻ جي شوق  کيس صحافت جي سمنڊ طرف ڇڪي آيو، سندس والد هن کي صحافت جي ميدان ۾ اچڻ  کان سخت اعتراض ڪندو هيو، پر امڙ جو هٿ هميشه سنجي جي مٿي تي رهيو. اهو ئي سبب آهي جو امڙ جي دعائن  سنجي کي اڄ ڪاميابي جي اعلي مقام تي پهچايو.
 2013 واري اليڪشن ۾  جڏهن سماءِ ٽي وي کي عارضي رپورٽر جي ضرورت هئي تڏهن انهن جون اکيون هن نوجوان تي پيون ۽ هن کي اليڪشن جي ڪوريج ۾ هڪ مهيني جي لاءِ عارضي نمائيندو رکيو ويو، ان کان پوءِ هن ڪجھ وقت جيو نيوز تي ڪم ڪيو پر سماءِ جي ساٿين کي هن جي رپورٽنگ ايتري ته وڻي جو هن کي 4 سيپٽمبر 2014 تي مستقبل طورتي ڊسٽرڪٽ رپورٽر طور رکيو ويو. ان دوران هن ٿر جو آوازبڻجي ڪڏهن ٿر جي سونهن هرڻ جي شڪار بابت ايوانن جون اکيون کوليون ته ڪڏهن وري ٿر جي ٻالڪ آواز زوار حسين جو آواز دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو.
اداري کي هن جو ڪم ۽ محنت ايتري  ته وڻي وئي جو  هن کي 27 سيپٽيمبر 2015 تي حيدرآباد جي لاءِ ذميواريون سونپيون ويون ۽ هو هن وقت اتي ئي بيورو چيف طور ڪم ڪري رهيو آهي.
سندس صحافي دوستن جو چوڻ آهي ته سنجي صحافتي فرض ۾ هميشه اڳڀرو ۽ ذميوار نوجوان صحافي آهي اهو ئي سبب آهي ته هن ٿورڙي عرصي ۾ مقبوليت ماڻي آهي سندس لاءِ مشهور آهي ته جتي خبر اتي سنجي .

هن جو چوڻ آهي ته جڏهن آئون ٿر جي وارياسي سرزمين تي معصوم ٻارن کي ڪريل ۽ ستل ڏسندو آهيان تڏهن مونکي انهن وزيرن ۽ مشيرن جي ڳالهين تي تعجب ايندو آهي ته جو هو چوندا آهن ته ٿر جي سرزمين کي اسان دبئي ٺاهيو آهي.
سنجي ساڌواڻي جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ محنت ۾ ئي عظمت آهي  سنڌي صحافت کي اڳتي آڻڻ لاءِ صحافين کي سچائي ۽ ايمانداري جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي


Practical work carried out under supervision of Sir Sohail Sangi

No comments:

Post a Comment