Wednesday 10 August 2016

خالد حسين شيخ آرٽيڪل (corrected and old piece)

CORRECTED

                  
     سنڌ جي ڪاليجن ڏانهن ڌيان ڏيو!!
دنيا ۾ انسان زنده رهڻ لاءَ مختلف  شين جي ضرورت پئي محسوس ڪئي آهي.جيڪي سندس زندگي ۾ وقت سر پاڻ ئي سامھون ايندويون رهنديون آهن. ائين ته ضرورتون کوڙ ساريون ۽ مختلف قسمن جون ٿينديون آهن. جن ۾ ڪجھ ضرورتون ضروري ته ڪجھ غير ضروري ٿين ٿيون. ضروري ضرورتن ۾ انسان لاءَ کائڻ پيئڻ،سمھڻ،روزگار،۽ لکڻ پڙهڻ اچي وڃن ٿيون. جڏهن ته غير ضروري ضروتن ۾ جهڙڪو مھانگا موبائيل سيٽ وٺڻ،پارٽيس ڪرڻ،گهڻو کائڻ وغير. تعليم انسان جي بنيادي ضرورتن مان هڪ اهم بنيادي ضرورت سمجھي ويندي آهي جيڪا انسان جي ذهني نشورنما لاءَ تمام اهم هوندي آهي. جنهن جي حاصل ڪرڻ کانپوءَ آدم صحيح  معني ۾ انسان بڻبو آهي.
تعليم جي سلسلي ۾ جيڪڏهن سنڌ جي ماضي قريب جا ورق ورائبا ته اسان کي سنڌ جي تعليم ماڳن تائين ماڻهن کي مائل ڪندي محسوس ٿيندي پر افسوس ته اڄ  سنڌ جي تعليم جو حال ان دورءَ جي بلڪل ابتڙ آهي.
آءُ ڳاله ڪندس  اڄ سنڌ جي ڪاليجن جي دنيا ۾ ڪاليج تعليم جي حوالي سان هڪ اهم ادارا  رهيا آهن  ڇو جو ميٽرڪ جي امتحان کانپوءَ  شاگرد يارهين ۽ ٻارهين  پڙهڻ لاءَ  ڪاليجن جو ئي رخ ڪندا آهن. ڪاليج جنهن کي ميئچوئر ليول جي شروعات وارو پهريون قدم چئي سگهجي ٿو. جنهن ۾ شاگرد کي ضرورت هوندي آهي ڪنهن مسيع،ڪنهن رهنما،ڪنهن سچي  ساٿي ۽ دوست جي جنهن کي هي ٻڌي ۽ ٻڌائي سگهي ۽ ٻڌندڙ هن کي زندگي ۾ ايندڙ ڏکن سکن،تڪليفن کان نه صرف آگاه ڪري پر انهن کان بچڻ جا اپاءَ پڻ ٻڌائي  ۽ اندازن دنيا ۾ ائين ئي ٿيندوآهي. جٿي شاگردن ۽ استاد جي وچ ۾ رشتو هوندو آه بي ڊڄي ۽ دوستي جو  ۽ انهي رشتي جي قائم ٿيڻ جي ڪري ان شاگرد جي ايندڙ زندگي خوشگوار بڻجي پوندي آهي.
جنهن جو مثال يورپ جي ملڪن مان لڳائي سگهجي ٿو.
سنڌ جي اسڪولن کان وٺي ڪاليجن تائين تباهي جو هڪ اهڙو ڄار وڇايو ويو آهي جنهن کي هٽائڻ جي هر ڪوشش ناڪام بڻجي چڪي آهي.جي ها آءُ ڳاله پيو ڪيان سنڌ جي ڪاليجن جي جيڪي توهان ۽ اسان کي هڪ روشن مستقبل ڏيڻ جا ضامن هوندا آهن. پر افسوس ته سنڌ جي تعليمي نظام کي اهڙي نموني سان بگاڙيو ويو آهي جنهن ۾ اوهان ڪنهن به شعوري آفتاب جي آڏو ڪاليج جو نالو کڻندا ته ان ماڻهو جي ذهن ۾ ڪاليج جو هڪ عجيب ۽ غريب خاڪو تيار ٿي ويندو جيڪا جڳه خالي بيڪار  ڪتن گڏهن ۽ گھوڙن سان ڀريل جاءَ جو ڏيک ڏيندي.
صوبي جي تعليم واري بجيٽ هر سال جي ڀيٽ ۾ وڌائي پيش ڪئي پئي وڃي جئين سال2014 ۾ تعليم جي لاءَ بجيٽ 134.37 بلين مان سال 2015.16 ۾ وڌائي ڪري 144.67 بلين ڪئي وئي جنهن جو مطلب صوبي جي ٽوٽل بجيٽ مان 22 سيڪڙو صرف تعليم تي  خرچ ڪيو پيو وڃي. پر افسوس ته ايترو پئيسو خرچ ڪرڻ کانپوءَ به تعليمي نظام ۾ ڪنهن به قسم جو بدلاءَ نه آيو آهي.
سنڌ جي هر ڏهن ڪاليجن مان چار ڪاليج بند هجڻ جي ئي شاباسي حاصل ڪن پيا ۽ باقي بچي ويل ڇھ ڪاليجن ۾ تدرسي عمل نه هجڻ جي برابر ئي هوندو آهي. جنهن جو اندازو هر وقت سياسي سماجي، دنشورن جي احتجاجن مان لڳائي سگهجي ٿو.سنڌ جي ڪنهن به ضلعي جي سرڪاري ڪاليجن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو جنهن ۾ ضلعو قمبر شهداد ڪوٽ جا ڪاليج،شڪارپور،ضلعو بدين، ٺٽو،دادو ۽ ٻيا کوڙ سارا اهڙا ڪيترا ئي ضلع آهن. جنهن جي مسئلن کان اوهان ۽ اسان سٺي نموني واقف آهيون.
سنڌي شاگرد جيڪو ڪاليج وارن ڏهاڙن ۾ ڪاليج ڏانهن ٻن سالن جي دوران مشڪل سان  ست يا ڏُھ دفعا ويندو هجي. جيڪو داخلا وٺڻ کانپوءَ وري امتحانن ڏيڻ لاءَ ئي ڪاليج جو رخ ڪندو آهي. پهريون دفعو وڄڻ مهل هو اهڙو ڇا  محسوس ڪندو آهي جيڪو ٻيهر وڃڻ مناسب ئي نه  سمجهندو آهي. هو ڏسندو آهي استادن جي بي خيالي،لاعلمي،بي وسي،بي همٿي پوءَ کڻي اوهان ان کي دنيا جو ڪهڙو به نالو ڏيو پر ان جو آخري نالو ناڪامي ئي هوندو آهي.شروع ۾ ئي هو اهڙن ته ٿڪل ۽ زنگ لڳل استادن سان ملندو آهي جيڪو مڪمل طور تي زندگي جي هر رخ کان مايوس نظر ايندو آهي. هڪ شاگرد صبح جو جڏهن ڪاليج پهچندو آهي ته سڀ کان پهريون ڪاليج جي ڪجه ساٿين سان ملندو آهي جنهن جو تعداد تقريبن نه هجڻ جي برابر ئي هوندو آهي جيڪو شاگرد کي  نا  اميدن جو ڳالهيون ئي ٻڌائيند آهن ان  کانپوءَ  شاگرد جو هيٺين طبقي سان ئي ملڻ ٿيندو آهي. جنهن کي سنڌي ۾ صفائي يا استاد صاحبان جي چانھ تيار ڪرڻ وارو چئي سگهجي ٿو. ته به ڳاله ساڳي بيهندي اهو نه شاگرد سان ايتري ڪريل زبان استعمال ڪندو آهي. ڄڻ شاگرد سندس سان ڳالھائي ڪو گناهي عظيم ڪيو هجي. ان کانپوءَ اسٽاپ روم ۾ ويٺل استاد ڏانهن شاگرد وڃڻ کان پهريون پنجاھ دفعا ضرور سوچيندو آهي. اگر ڪو همٿ  ڪري سندن ڏانهن ويندو آهي ته اهو هڪ عجيب قسم جي مسئلي ۾ مبتلاءَ ٿي ويندو آهي.  ڄڻ ڪو گناه ڪيو هجي.جڏهن استاد وٽ پهچي استاد کان سوالي انداز ۾ پڇا ڪندو آهي ته سائين اوهان جي ڪلاس جو وقت ٿي ويو آهي وٺندو ڇا؟  جڏهن ته اهو سڀ ڪم پرنسپال جو هوندو آهي ته استادن کي ڪلاس وٺڻ جو پابند بڻائي پر هتي ته سڄو ڪم ئي الٽو هوندو آهي پرنسپال پاڻ سڄي مهيني ۾ مشڪل سان هڪ يا ٻه دفعا ڪاليج جو رخ ڪندو آهي سو اهو استاد کي ڇا سيکاري ته وقت تي پابنده ڪيئن ٿئبو آهي. شاگرد جي انهي سوال کانپو استاد صاحبان جو اڪثر اهو ئي جواب هوندو آهي ته آءُ ته هن وقت مصروف آهيان.(ها مصروف هوندو آهي اجائي حوال ڪرڻ چانھ پئيڻ  يا چانھ جو انتظار ڪرڻ ۾ ) يا وري چوندو آهي ڪيترا ٻار آيا آهن؟  شاگرد جي جواب کانپو اهي ته صفا ٿورڙا آيا آهن. سو اوهان ائين ڪيو  جو اڄ ڪلاس نه پيا وٺون  اوهان باقي دوستن کي آگاھ ڪيو اهي به اچن ته ڪلاس پوءَ وٺنداسين.
تاريخ جو ڪيڏو وڏو الميو آهي ته سنڌ جي ڪاليجن ۾ چانھ پيئڻ هڪ انتهائي اهم ڪم سمجهي ان کي سرانجام ڏنو ويندو آهي ۽ پڙهڻ لاءَ  آيل ٻارن کي مختلف قسم جا ڪوڙا بهانا ٻڌائي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي ٿو. اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته اوهان ايتري ساري پگهار کڻو پيا. اها ان ئي هڪ شاگرد جي ڪري کڻو پيا. اوهان ڪڏهن اندازو به هنيو آهي ته اگر اهي ٻار اچڻ بند ٿي وڃن ته اوهان جو ڇا ٿيندو؟
استاد بابا سائين جڏهن اوهان جو ڪم پڙهائڻ ئي آهي ته پوءَ پڙهايو نه باقي اهي اجائي جا حوال ته ڀائي  ٻار آهن ٻار ناهن سڀ اچن  ته پوءَ ڪلاس وٺنداسين  بابا سائين اوهان جي ڪاليج جو ڪورس مٿان طئي ٿيل آهي اوهان هڪ ڏينهن جو رهيل ڪم  ٻئي ڏينهن پورو نٿا  ڪري سگهو ته پوءَ سڀاڻي سڀاڻي ڇا جي؟ ڪنهن  تمام خوبصورت لفظ چيا آهن ته، ناڪام ماڻهو کي  ڪم  نه ڪرڻ لا صرف هڪ بهاني جي  ضرورت هوندي آهي ۽ ڪامياب ماڻهو کي هزارين مشڪلاتن هجھڻ باوجود بس هڪ بهانو کپندو آهي ڪم ڪرڻ لاءَ
اسان اهو سڀ مڃون ٿا ته ان سڀ جو صرف استاد ئي ذميوار ناهي شاگرد به پڻ ايترو ئي ذميوار آهي  پر گهڻي ذميواري استاد جي مٿان  ئي آهي. ڇو جو شاگرد هڪ نئي زندگي ۾ قدم رکندو آهي  نيون شيون اهان کان  سکڻ ايندو آهي. اوهان جي حڪم جي تابعيداري ڪرڻ لا تيار هوندو آهي.  اوهان هن کي  هڪ دفعو شيون  سيکارڻ جي ڪوشش ته وٺو ان کانپوءَ  به اگر هو نه سکي ته هن کي ڇڏي ڏيو. باقي  خدارا هن جو دماخ ان ڳاله تي نه  سيٽ ڪيو ته ڀائي سال ۾ ڪاليج جي طرف صرف ٻه دفعا ئي رخ ڪرڻو آهي هڪ داخل محل ۽ ٻيو امتحان محل اوهان استاد  آهيو  اسان کي سمجهايو ۽ سهي رستي ڏانهن رائيگان ڪيو..

خالد حسين شيخ.

Change its intro. make it current.  its very  old fashioned.
No figures facts, number of colleges, number of students etc, reference of report, etc.  this all seems personal opinion. 
U should know where to write byline and ur class, roll No                     
 سنڌ جي ڪاليجن ڏانهن ڌيان ڏيو!!!
خالد حسين شيخ.
سنڌ جيڪا اڄ کان پنج هزار سال پراڻي تهذيب جي رکي ٿي جڏهن ته دنيا جي باقي قومن اڃان پاڻ کي ڌڪڻ به نه سکيو هيو ته سنڌي ماڻهو ماڻهن ڪپڙو تيار ڪرڻ سکي ورتو هيو ۽ جڏهن ماڻهن هلڻ سکيو هيو ته سنڌي ماڻهن بار ڍوئڻ لاءَ جانورن کي استعمال ڪري دنيا جي باقي قومن کي ڏندي آّڱريون ڏئي ڇڏيون هيون  سنڌ جيڪا صدين کان آرٽ،تاريخ،ڪلچر،ڪاروبار۽ تعليم ۾ دنيا جي باقي قومن کان اڳرئي ئي رهي آهي.جنهن جي ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهن سنڌ ڏانهن ئي رخ ڪيو ۽ هتان علم جي فيض پرائي پنهنجي قومن کي وڃي ان سان مالا مال ڪيو.ماڻهن جي انهي تعليمي حاصلات جي ڪري سنڌ ماضي ۾ تعليم جو هڪ بهترين مرڪزه رهي آهي.
آءُ ڳاله ڪندس  اڄ سنڌ جي ڪاليجن جي دنيا ۾ ڪاليج تعليم جي حوالي سان هڪ اهم ادارا  رهيا آهن  ڇو جو ميٽرڪ جي امتحان کانپوءَ  شاگرد يارهين ۽ ٻارهين  پڙهڻ لاءَ  ڪاليجن جو ئي رخ ڪندا آهن. ڪاليج جنهن کي ميئچوئر ليول جي شروعات وارو پهريون قدم چئي سگهجي ٿو. جنهن ۾ شاگرد کي ضرورت هوندي آهي ڪنهن مسيع،ڪنهن رهنما،ڪنهن سچي  ساٿي ۽ دوست جي جنهن کي هي ٻڌي ۽ ٻڌائي سگهي ۽ ٻڌندڙ هن کي زندگي ۾ ايندڙ ڏکن سکن،تڪليفن کان نه صرف آگاه ڪري پر انهن کان بچڻ جا اپاءَ پڻ ٻڌائي  ۽ اندازن دنيا ۾ ائين ئي ٿئي پيو جٿي شاگردن ۽ استاد جي وچ ۾ رشتو آهي بي ڊڄي ۽ دوستي جو  ۽ انهي رشتي جي قائم ٿيڻ جي ڪري ان شاگرد جي ايندڙ زندگي خوشگوار بڻجي پوندي آهي.
جنهن جو مثال يورپ جي ملڪن مان لڳائي سگهجي ٿو. يورپ کي ڇڏيو اهو ته ايشياءَ کان سوين نه بلڪي هزارين سال اڳڀرو آهي اسان هتي ڳاله ٿا ڪيون ايشيائي ملڪن جي جهڙوڪ ملائيشيا،سريلنڪا،انڊيا، بنگلاديش جهڙا ملڪ آهن انهن ملڪن کي به اگر ڇڏيو پنهنجي ملڪ جي صوبي پنجاب جي ڳاله ڪجي ته اهو به سنڌي ڪاليجن کان تمام گهڻو اڳڀرو آهي  جٿي ڪاليجن ۾ آيل نوجوانن  کي ايندڙ وقت جي ضمانت سمجهي  ان جو ڪنهن ايماندار ماڻهو وٽ رکيل ضمانت  وانگر خيال ڪندا آهن. اهي ڪاليج ۾ آيل نوجوان کي ايترو ته پيار ۽ نرمي سان پيڇ ايندا آهن جو جڏهن اهو ٻوٽو وڌي وڻ ٿيندو آهي ته پنهنجي آس پاس واري ماحول کي  پنهنجي تازي خوشبو سان ٽمٽار ٻڻائي ڇڏيندو آهي ۽ اهو ئي وڻ ايترو ته سٺو ۽ مٺو ميوه ڏيندو آهي جنهن جي حاصلات لاءَ معاشري جو هر شعوري آفتاب فرد طلبگار هوندو آهي.
سنڌ جي اسڪولن کان وٺي ڪاليجن تائين تباهي جو هڪ اهڙو ڄار وڇايو ويو آهي جنهن کي هٽائڻ جي هر ڪوشش ناڪام بڻجي چڪي آهي.جي ها آءُ ڳاله پيو ڪيان سنڌ جي ڪاليجن جي جيڪي توهان ۽ اسان کي هڪ روشن مستقبل ڏيڻ جا ضامن هوندا آهن. پر افسوس ته سنڌ جي تعليمي نظام کي اهڙي نموني سان بگاڙيو ويو آهي جنهن ۾ اوهان ڪنهن نه شعوري آفتاب جي آڏو ڪاليج جو نالو کڻندا ته ان ماڻهو جي ذهن ۾ ڪاليج جو هڪ عجيب ۽ غريب خاڪو تيار ٿي ويندو جيڪا جڳه خالي بيڪار ۽ ڪتن ۽ گڏهن جو ڏيک ڏيندي.
سنڌي شاگرد جيڪو ڪاليج وارن ڏهاڙن ۾ ڪاليج ڏانهن ٻن سالن جي دوران مشڪل سان  ست ڏُھ دفعا ويندو آهي جيڪو داخلا وٺڻ کانپوءَ وري امتحانن ڏيڻ لاءَ ئي ڪاليج جو رخ ڪندو آهي. پهريون دفعو وڄڻ مهل هو اهڙو ڇا  محسوس ڪندو آهي جيڪو ٻيهر وڃڻ مناسب ئي ناهي سمجهندو. اهو سڀ آءُ ٿو اوهان کي ٻڌايان ته هو ڇا محسوس ڪندو ۽ ڏسندو آهي. هو ڏسندو آهي استادن جي بي خيالي،لاعلمي،بي وسي،بي همٿي پوءَ کڻي اوهان ان کي دنيا جو ڪهڙو نه نالو ڏيو پر ان جو آخري نالو ناڪامي ئي هوندو آهي.شروع ۾ ئي هو اهڙن ته ٿڪل ۽ زنگ لڳل استادن سان ملندو آهي جيڪو مڪمل طور تي زندگي جي هر رخ کان مايوس هوندو آهي. هڪ شاگرد صبح جو جڏهن ڪاليج پهچندو آهي ته سڀ کان پهريون ڪاليج جي ڪجه ساٿين سان ملندو آهي جنهن جو تعداد تقريبن نه هجڻ جي برابر هوندو آهي جيڪو شاگرد کي  نا  اميدن جو ڳالهيون ئي سيکاريندا آهن ان سڀ کانپو جڏهن شاگرد ٿڪل قدمن کڻڻ کانپو ڪاليج جي هيٺين طبقي سان ئي ملڻ ٿيندو اٿس جنهن کي سنڌي ۾ صفائي يا استاد صاحبان جي چانھ تيار ڪرڻ وارو چئي سگهجي ٿو ته به ڳاله ساڳي بيهندي اهو نه شاگرد سان ايتري ڪريل زبان استعمال ڪندو آهي ڄڻ شاگرد سندس سان ڳالھائي ڪو گناهي عظيم ڪيو هجي. ان کانپوءَ اسٽاپ روم ۾ ويٺل استاد ڏانهن شاگرد وڃڻ کان پهريون پنجاھ دفعا ضرور سوچيندو آهي ۽ اگر ڪو همٿ  ڪري ويندو آهي ته اهو هڪ عجيب قسم جي مسئلي ۾ مبتلاءَ ٿي ويندو آهي  ڄڻ ڪو گناه ڪيو هجي.جڏهن استاد وٽ پهچي استاد کان سوالي انداز ۾ پڇا ڪندو آهي ته سائين اوهان جي ڪلاس جو وقت ٿي ويو آهي وٺندو ڇا؟  جڏهن ته اهو سڀ ڪم پرنسپال جو هوندو آهي ته استادن کي ڪلاس وٺڻ جو پابند بڻائي پر هتي ته سڄو ڪم ئي الٽو هوندو آهي پرنسپال پاڻ سڄي مهيني ۾ مشڪل سان هڪ يا ٻه دفعا ڪاليج جو رخ ڪندو آهي سو اهو استاد کي ڇا سيکاري ته وقت تي پابنده ڪيئن ٿئبو آهي. شاگرد جي انهي سوال کانپو استاد صاحبان جو اڪثر اهو ئي جواب هوندو آهي ته آءُ ته هن وقت مصروف آهيان.(ها مصروف هوندو آهي اجائي حوال ڪرڻ چانھ پئيڻ  يا چانھ جو انتظار ڪرڻ ۾ ) يا وري چوندو آهي ڪيترا ٻار آيا آهن؟  شاگرد جي جواب کانپو اهي ته صفا ٿورڙا آيا آهن. سو اوهان ائين ڪيو  جو اڄ ڪلاس نه پيا وٺون  اوهان باقي دوستن کي آگاھ ڪيو اهي به اچن ته ڪلاس پوءَ وٺنداسين.
تاريخ جو ڪيڏو وڏو الميو آهي ته سنڌ جي ڪاليجن ۾ چانھ پيئڻ هڪ انتهائي اهم ڪم سمجهي ان کي سرانجام ڏنو ويندو آهي ۽ پڙهڻ لاءَ  آيل ٻارن کي مختلف قسم جا ڪوڙا بهانا ٻڌائي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي ٿو. اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته اوهان ايتري ساري پگهار کڻو پيا. اها ان ئي هڪ شاگرد جي ڪري کڻو پيا. اوهان ڪڏهن اندازو به هنيو آهي ته اگر اهي ٻار اچڻ بند ٿي وڃن ته اوهان جو ڇا ٿيندو؟
استاد بابا سائين جڏهن اوهان جو ڪم پڙهائڻ ئي آهي ته پوءَ پڙهايو نه باقي اهي اجائي جا حوال ته ڀائي  ٻار آهن ٻار ناهن سڀ اچن  ته پوءَ ڪلاس وٺنداسين  بابا سائين اوهان جي ڪاليج جو ڪورس مٿان طئي ٿيل آهي اوهان هڪ ڏينهن جو رهيل ڪم  ٻئي ڏينهن پورو نٿا  ڪري سگهو ته پوءَ سڀاڻي سڀاڻي ڇا جي؟ ڪنهن  تمام خوبصورت لفظ چيا آهن ته، ناڪام ماڻهو کي  ڪم  نه ڪرڻ لا صرف هڪ بهاني جي  ضرورت هوندي آهي ۽ ڪامياب ماڻهو کي هزارين مشڪلاتن هجھڻ باوجود بس هڪ بهانو کپندو آهي ڪم ڪرڻ لاءَ
اسان اهو سڀ مڃون ٿا ته ان سڀ جو صرف استاد ئي ذميوار ناهي شاگرد به پڻ ايترو ئي ذميوار آهي  پر گهڻي ذميواري استاد جي مٿان  ئي آهي. ڇو جو شاگرد هڪ نئي زندگي ۾ قدم رکندو آهي  نيون شيون اهان کان  سکڻ ايندو آهي. اوهان جي حڪم جي تابعيداري ڪرڻ لا تيار هوندو آهي.  اوهان هن کي  هڪ دفعو شيون  سيکارڻ جي ڪوشش ته وٺو ان کانپوءَ  به اگر هو نه سکي ته هن کي ڇڏي ڏيو. باقي  خدارا هن جو دماخ ان ڳاله تي نه  سيٽ ڪيو ته ڀائي سال ۾ ڪاليج جي طرف صرف ٻه دفعا ئي رخ ڪرڻو آهي هڪ داخل محل ۽ ٻيو امتحان محل اوهان استاد  آهيو  اسان کي سمجهايو ۽ سهي رستي ڏانهن رائيگان ڪيو..

خالد حسين شيخ.

No comments:

Post a Comment