Wednesday 10 August 2016

روي شنڪر مالهي آرٽيڪل

             Feature is always reporting based.  u should have talked  pix are dull.with some  people of old age and some experts  etc
. line spacing in ur composing is not proper.
روي شنڪر مالهي
2k14/MC/80
فيچر
             ميرپورخاص ۾ باغ ۽ وڻڪاري جو وجود

                           وڻڪارا انسانن ۽ هر ساهه وارن جي جياپي ۽ زندگي سان لاڳاپيل آهن.ماهرن جو چوڻ آهي ته بيمارين جو خاتمو ۽ انسان جو تندرست رهڻ وڻن مان نيڪال ٿيندڙ آڪسيجن سان آهي، ڇو ته اُهي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪن ٿا.
                        ميرپورخاص ضلعو جيڪو زرخيز زمين ۽ باغ باني جي ڪري پوري سنڌ ۾ مشهور ته آهي ئي پر “ سنڌڙي انب” جي ڪري پوري ايشيا ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ آهي، ان سان گڏوگڏ ميرپورخاص شهر جو اڌ حصو وڻڪاري ۽ انبن جي باغن تي ٻڌل آهي، انهي ڪري هن شهر کي “مينگو سٽي” به چيو ويندو آهي.
                        نمُن جي گهاٽن وڻن ۽ مٺن انبن جي شهر ميرپور خاص جي خاص هئڻ جي هڪ خاصيت اها به آهي ته ماضي ۾ شهر جي مختلف پاڙن ۽ علائقن ۾ ننڍا ننڍا سهڻا باغ هوندا هئا ۽ عام گذرگاهه جي روڊن سان نمُن جا گهاٽا­- ساوا وڻ هوندا هئا، جتي مسافر ۽ ٻهراڙي کان ايندڙ ويندڙ ويهي آرام ڪندا هئا، جن جو هينئر وجود ناپيد ٿيندو پيو وڃي.
                                   ميرپورخاص شهر جي سونهن باغن ۽ وڻن سان آهي، شهر جي داخلي رستي حيدرآباد روڊ جي ٻنهي پاسن کان گهاٽا نمُن، انبن ۽ يوڪلپٽس جا وڻ آهن، جيتوڻيڪ شهر ۾ خاص تفريحي ماڳ نه هئڻ جي ڪري شهري هن روڊ جو رخ ڪندا آهن، جتي اهي وڻ شهرين جي روح کي سڪون بخشيندا آهن، انهي حيدآباد روڊ تي موجوده جيم خانه ڪلب وارو ’’باغ’’ جنهن جو بنياد جمڙائو واهه جي کوٽائي ڪرائيندڙ انجينئير ’’´جما ڊائو بوٽ’’ جي ڪوشش سان پوکيو ويو. هيئنر ڪافي وڻ سنڀال نه هئڻ ڪري گهٽجي ويا آهن، جڏهن ته زرعي تحقيقاتي اداري جي سنڀال هيٺ فروٽ فارم باغ تي وڏو انبن جو باغ آهي، جتي مختلف قسمن جا وڻ به آهن. انهي روڊ تي ڊي سي آفس، آمريڪن اسپتال جو پارڪ، بلديه پارڪ، ايس ايس پي هائوس ۽ اليڪشن آفيس به آهي جنهن کي “ڀوت بنگلو” جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي، پر اصل ۾ هن بنگلي جو نالو “ بوٽ بنگلو” آهي، جيڪا جمڙائو واهه جي کوٽائي ڪرائيندڙ انجينئير “جما ڊائو بوٽ’’ جي رهائش گاهه هئي، جيڪا انهي جي نالي سان منسوب هئي.



                           دلڪش آبهوا جي شهر ميرپورخاص جي ڏاکڻي پاسي ميرالهبچايو ڪالوني لڳ خانصاب گُل محمد جو وڻندڙ باغ هوندو هو. اُتي هيئنر به بنگلي جو هڪ حصو ۽ سائن بورڊ لڳل آهي ۽ اُن باغ جو وڏو حصو هارٽيڪلچر فروٽ فارم حوالي آهي، جتي شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان هڪ وڏو هال ٺهيل آهي، جتي هر سال انبن جي نمائش ٿيندي آهي.
                       اهڙي طرح 1943 تائين ميرپورخاص ۾ راجا ميرزمان بس اسٽينڊ (ميرواهه بس اسٽينڊ) وارو علائقو سيٺ ريواچند لوهاڻي جو“ ريواچند گارڊن” هوندو هو، جتي نار (هُرلا) هلندا هئا ۽ ڪافي ناريلن جا وڻ به هوندا هئا، پر افسوس هاڻي اُنهي علائقي ۾ ڪٿي به وڻ نظر نٿو اچي.
                          ساڳي ريت اڳوڻي ايم اين اي سيٺ ڪشنچند پارواڻي جي خاندان جي سيٺ لالچند جو وڏو باغ هوندو هو. جتي 1940ع تائين هڪ حصي تي ڀاڄيون به پوکيون وينديون هيون، پر هيئنر اُهو شاهوڪار ماڻهن جي بنگلن وارو علائقو ته آهي، پر ڪٿي به سائو وڻ نظر نٿو اچي، اُنهي برابر ايراضيءَ ۾ سندس ڀاءُ سيٺ جهامن داس جي رهائش ۽ ٻني هوندي هئي، هيئنر اهو گنجان علائقو ٻن فيزن جمناداس فيز-1 ۽ فيز- 2  تي مشتمل آهي.
                       ياد رهي ته شهر ۾ راڄڙ ڪالوني ۽ ٿامس آباد انگريز دور ۾ ايس ايل ڊي (SLD) ڪاٽن فيڪٽري جي مالڪ ’’ سر راجر ٿامس’’ جو شڪار گاهه هو، جتي مختصر وڻڪار به هوندي هئي، هينئر هڪ حصو ’’راجر’’ نه پر ’’راڄڙ’’ ڪالوني ٿي سڏجي ۽ ٻيو حصو ٿامس آباد ٿا سڏين، پر هاڻي هنن علائقن جي ڪنهن به روڊ تي وڻ ناهي.
                                    موجوده نواب ڪالوني کان پاڪ ڪالوني جي اُڀرندي وارو حصومرتضيٰ ڪالوني تائين لڪياري سادات سيد ڄامن شاهه جي ٻني هئي ۽ هڪ پاسي باغ هو. هيئنر اهي علائقا مصروف رهائشي ڪالونيون آهن.
                              جرواري چوڪ لڳ ڊاڪٽر احمداڻي جو مختصر باغ هوندو هو. جتي هينئر هڪ طرف مسرت شادي هال، هڪ پاسي ڌوٻي گهاٽ ۽ باقي ٽڪري تي بلديه جو پارڪ جڙيل آهي.
                                ويجهڙائي ۾ شهر جي الهندي طرف حاجي حسين بخش مري جو باغ آهي، جيڪا زمين هُن شيرواهه جي ٽالپر خاندان کان ورتي، سندس نالي ’’ تعلقو حسين بخش مري به آهي’’ انهي باغ جا ڪافي وڻ بچيل آهن.
                                  ميرپورخاص شهر ۾ اسٽيشن روڊ توڙي غريب آباد روڊ تي وڏا وڏا وڻ هوندا هئا، جيڪ وڍجي ويا. ساڳي ريت هِن شهر ۾ خوبصورت پارڪ به نه رهيا. پوسٽ آفيس ويجهو ’’ٽِه ڪُنڊو پارڪ’’ هوندو هو جتي هينئر پان-سوپاري ( هلال مارڪيٽ) آهي. انهي پارڪ ۾ 1944ع ڌاري ڀارت جو ليڊر نهرو لال ميرپورخاص آيو هو ته انهيءَ هنڌ خطاب ڪيو هئائين، ۽ هينئر جتي سول اسپتال آهي اتي به هڪ وڏو پارڪ هوندو هو، جتي هينئر به نشاني طور سول اسپتال ۾ مسجد جي سامهون ننڍڙو پارڪ موجود آهي.
                        ايئن قيصر راڄڙ ۽ فقير ۾محمد مڱريي جا فروٽ فارم ۽ پارڪ هوندا هئا، جتي شهري تفريح لاءِ ايندا هئا ۽ گڏوگڏ شڪور مهاجر جو گُلن جو پارڪ به مشهور هو جيڪي هينئر ختم ٿي ڪالونين ۾ تبديل ٿي ويون آهن جنهن جو نالو ابراهيم ڪالوني آهي.
                                   ميرپورخاص شهر ۾ وڻڪار، پارڪن ۽ باغن جو خاتمو ڇو آيو؟! اُن جا ­ڪيئي ڪارڻ آهن، البته وڻ جي واڍي هن شهر جي ئي ناسمجهه ۽ ذاتي مفاد حاصل ڪندڙ ادارن هن شهر جي رونق ۽ خوبصورتي گهٽائڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، انهي مجرمانه ڪوتاهي جي نتيجي ۾ ميرپورخاص جي شهر ۾ ماضي ۾ جيڪي ننڍا وڏا باغ، ڇانوءِ ڏيندڙ وڻ ۽ ٻهڪندڙ پارڪ هوندا هئا، اُهي هينئر ناپيد ٿي ويا آهن، پر شهر جي چوڌاري اڃا به وڏا باغ آهن جنهن جي ڪري به ميرپورخاص شهر جي آبهوا ٿڌي رهي ٿي، پر اڃا به ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته فاريسٽ کاتو، بلدياتي ادارو ۽ پڻ شهري انتظاميا ميرپورخاص جي اڳوڻي رونق بحال ڪري ته جيئن شهري پُر فضا ماحول ۾ رهي پُر سڪون زندگي بسر ڪري سگهن.
 Ravi Shankar Malhi
 Mirpurkhas city of gardens and greenery 
 


   

10 comments:

  1. eset-nod32-antivirus-license-key-full the list of features of Bitcoin Monitoring, Banking Protection, and Control. ESET's user interface is better and newer this season. We think last year's version is more.
    new crack

    ReplyDelete
  2. https://mahamsindhi.blogspot.com/2017/03/blog-post_11.html?showComment=1621247736010#c2659383017080029312

    ReplyDelete
  3. https://newcrackkey.com/revo-uninstaller-pro-crack/
    Revo Uninstaller pro 4.4.5 crack is an ingenious removal system them source user to removal redundant organize or remove successfully unpleasant estimate institute on user Macintosh.

    ReplyDelete
  4. I am very impressed with your post because this post is very beneficial for me and provide a new knowledge to me.

    Autobahn Police Simulator 3 Crack
    beatskillz samplex crack

    ReplyDelete
  5. Bus Simulator crack is a transport test system game created by Stillalive Studios and distributed by Astragon Entertainment furthermore, the brilliant game is more practical than the past transport test system titles and feels astounding the designs are excellent.
    EaseUS Todo Backup is as smooth as checking my e-mail Inbox for the day-by-day receipt, smooth installation adequate for person report backup, however now no longer for machine photograph backup.
    FoneLab Crack is here helping such type of misconduct between data when a user feels during its use. A powerful layout has the maximum best ways to solve the issue relating to lost, stolen, accidental data formation.

    ReplyDelete
  6. SigmaKey Box 2.41.05 Crack is the utility programming that opens the gadgets. It will peruse every one of the codes of the gadget and afterward create the codes that will open the gadget without any problem.
    SigmaKey Crack

    CypeCAD Crack is planning supporting and steel comprised of sections? There are various shells, dividers, and composite a key to progress.
    cypecad crack

    CypeCad Crack Torrent is architecting, planning, doing advancement for everyone including an unprecedented and distinctive development to you.
    cypecad crack

    Origin Pro came from the OriginLab industrial tool used for data mining to approach and analyze the graphing
    Origin Pro Crack

    Avocode 4.15.6 Crack is a handy software for making awesome designs making, sharing, discussing, and coding your websites.
    Avocode Crack


    Easeus Data Recovery Wizard Crack can solve various data loss scenarios and recover files,
    regardless of size, from a single Office Word document to many photos that you store on a Mac.
    Easeus Data Recovery Wizard Crack

    ReplyDelete
  7. Thank you, I’ve recently been searching for information about this subject for a long time and yours is the best I have found out so far.

    ReplyDelete