Poor, No concrete facts and figures, ref of reports., . Intro should be from some current event, news etc.
Who are stakeholders in this case? what are alternatives? why they are not being taken? .
نويد احمد
Who are stakeholders in this case? what are alternatives? why they are not being taken? .
نويد احمد
2k14 /mc/160
ڪوٽڙي جي صنعتڪاري ماحول کي گدلو بڻائي
ڇڏيو
دنيا جتي آبادي ڏينهن و ڏينهن وڌندي پئي وڃي ۽
ترقي ڪندي پئي وڃي جتي اسان ترقي جا فائدا رسي رهيا آهن اتي ان جا نقصان به آهن
مطلب ته هر شيءَ جا ڪجھ منفي اثرات ۽ مثبت اثرات
هوندا آهن ان حوالي سان ڪوٽڙي شهر جي ڳالھ ڪجي ته ڪوٽڙي شهر ۾ صنعت ڪاري
نظآم جا فائدا ته پهنجي جاءِ تي انهي جا ڪجھ نقصان به آهن .
ڪوٽڙي شهر جنهن جي 5 لک کان وڌيڪ آبادي آهي هڪ
تحقيق مطابق ڪوٽڙي شهر جا ماڻهوبنسبت ٻين
شهرن جي ماڻهن کان وڌيڪ بيمار نظر اچن ٿا ان جو سبب انهي جو ماحولياتي گدلاڻ چئي
سگھجي ٿو ڇو ته ڪوٽڙي شهر جي آبهوا هن 5 لک ماڻهن کي تمام گھڻو متاثر ڪري ٿي.
صنعت ڪاري نظآم ڪيترن ئي حوالي سان گندگي ڦيلائي رهيو آهي پاڻي جي
حوالي سان ائين ته ڪوٽڙي سائيٽ ۾ جيڪي به فيڪٽريون آهن اهي پنهنجو ذايع ٿيل مال
ڪراچي واه ۾ ڇوڙ ڪنديون آهن جنهن سان پاڻي ڪيميڪل وارو ۽ زهريلو ٿي ويندو آهي ۽
اهو پاڻي ڪوٽڙي شهر ۽ ڪوٽڙي سائيٽ جي عوام ان پاڻي کي استعمال ڪري ٿي.
هڪ تحقيق مطابق سنڌ جي سڀني صنعتي زونن مان
ڪوٽڙي زون جا ماڻهو سڀ کان وڏيڪ بيمار رڪارڊ ٿين ٿا ان جو سبب ٻيو ڪجھ نٿو ٿي سگهي
فقط فيڪٽرين جو ذايع ٿيندڙ ڪيميڪل پئيڻ جي پاڻي ۾ اڇلائڻ ئي ٿي سگھي ٿو.
ڪوٽڙي شهر ۽ سائيٽ جي ماڻهن ۾ اڪثر ڪري جيڪي بيماريون نظر اچن ٿيون انهن مان سڀني
کان عام دمي(ساھ ٻوساٽجڻ) جي بيماري آهي ۽
اها فيڪٽرين مان نڪرندڙ دونهن جي ڪري ٿئي ٿي ان کان علاوه پيٽ جي سور جي بيماري
آهي جيڪا پڻ فيڪٽرين جي ڪري يعني فيڪٽريون جيڪي پهنجو زهريلو ڪيميڪل پاڻي ۾ نڇوڙ
ڪن ٿيون ان جي ڪري چمڙي جي بيماري به عام بڻيل آهي .
ڪوٽڙي شهر جنهن کي پئرس هوئڻ گھرجي اڄ اهو
زبون حالت ۾ آهي جنهن جو سبب انڊسٽري لاءِ گذرندڙ وڏا ٽرالر ۽ ٽرڪون جيڪي تمام
وزني هونديون آهن انهن ڪوٽڙي شهر جو نقشو بغاڙي ڇڏيو آهي
سائيٽ ايريا جا ماڻهو ڪراچي واه جو گندو پاڻي
به پئسن سان خريد ڪري پئين ٿا ڇو جو انڊسٽرين لاءِ هلندڙ وڏا ٽرالر جنهن پئيڻ جي
پاڻي واري لائين ٽوڙِ ڇڏي آهي ۽ ڪوٽڙي شهر
جا ماڻهو صاف پاڻي پيئڻ کان محروم آهن.
ٻئي پاسي فيڪٽرين خلاف لڳندڙ ڌرڻا به اتي جي شهر واسين لاءِ عّذاب بڻيل آهن ڇو جو
فيڪٽرين جو ملازمن کي پگھار وقت تي نه ملڻ ڪري اهي ڌرڻا هڻندا آهن ان جي ڪري روڊ
ڪلاڪن جا ڪلاڪ بلاڪ رهندا آهن جنهن ڪري عام عوام تمام گھڻو متاثر رهندي آهي آهي
مهنجي خيال سان اڄ تائين مون ناهي ڏٺو ته
انڊسٽريز جي ڏنل ٽيڪس مان ڪنهن آسائيشن تي ذرو به خرچ ڪيو هجي جيڪڏهن ٿورو به خرچ
ٿي هان ته ڪوٽڙي سنڌ جي سونهن بڻجي پوي
هان. حڪومت کي التجا آهي ته ٿورو ڌيان ڏي ته فيڪٽرين مان خارج ٿيندڙ گدلاڻ کي ٻئي
هنڌ منتقل ڪرڻ جو نظام بحال ڪري جي ڪڏهن
حڪومت ٿورو به غور ڪندي ته ڪوٽرڙي شهر واقعي پئرس بڻجي سگهي ٿو.
No comments:
Post a Comment