Sunday 21 August 2016

فريال عباسي, پروفائيل,

فريال عباسي
رول نمبر: 2k14/Mc/119
پروفائيل: سعيد منگي
دنيا جون ٻہ ٻوليون آھن جن کي خطن ، مذھبن ، قومن ۾ ورهائي نہ ٿو سگهجي انهن ۾ ھڪ آھي اشارن جي ٻولي ۽ ٻي آھي رنگن جي ٻولي رنگن جي ٻولي اشارن جي نصب وڌيڪ آسان ۽ جلد سمجهڻ ۾ سڃاڻڻ واري ٻولي هونئن بہ رنگن کي پنهنجي برش مان ڪا معنىٰ بخشي ٿو تہ ان جي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ٿي وڃي ۽ پو۽ اها تخليق شاهڪار بڻجي وڃي ٿي پر اهو طرور آھي تہ تخليقار تنهن ۾ آسپاس جي ماحول تخليقار تي اثر انداز ٿيندو آھي جنهن جو مثال سنڌ جي ان نوجوان آرٽسٽ جو آهي جيڪو درازا جي مٽئَ جو ماڻهو آھي پاڻ درازا جي شخصيت سچل سرمست جو آھي جنهن ٻاروئڻ ۾ تخليخ ڪيل پنهنجي پهرين تخليخ بہ سچل سرمست جي مقبري حضرت سچل سرمست ۽ ان جي تصوف بابت تصوير ٺاهڻ سان ڪئي ۽ ان جو عنوان هو `` جنهن دل پيدا عشق دا جام´´ ۽ اها تصوير اتفاق سان ايتري تہ مشھور ٿي جو هن آرٽسٽ کي ڏيهان ڏيھ مشھور ڪري ڇڏيو ۽ اهو مشھور ٿيل ان وقت جي ٻار اڄ جو وڏو ناليوارو آرٽسٽ سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ ڪميونيڪيشن شعبي جي سربراھ طور ذميواريون سرانجام ڏنئي ۽ اڄ هو سندالاجي ۾ ڊاريڪٽر جي ڪرسي سنڀالي رهيو آهي 
سعيد احمد منگي 4 جولائي تي 1969 ۾ خيرپور شھر ۾ تعليمي گهراڻي جي شخص محترم عنايت علي منگي جي گهر ۾ جنم ورٺندڙ سعيد احمد منگي کي آرٽسٽ ھجڻ جو فن وئي ۾ مليو پاڻ ڏاڏاڻي ۽ ناناڻي طرفان خانداني آرٽسٽ ثابت ٿيو . ڇاڪاڻ تہ سنڌ جو ناليوارا آرٽسٽ قيوم منگي ۽ قربان منگي سندس چاچا ۽ نثار منگي ماما ۽ فتاح منگي سندس سئوٽ ۽ بهترين دوست آھي . سعيد احمد منگي جي پهرين ڀيرو 30 تصويرون جي نمائشي 1982ع ۾ خيرپور شهر ۾ ڪل سنڌ ٻالڪ ميلي ۾ ڪرائي وئي جڏھن پاڻ اٺين درجي جو شاگرد هو ۽ 13 سالن جو ٻار هو هن جي ٻي نمائش 1984ع ۾ لڳائي وئي جنهم ۾ هن بهترين آرٽسٽ جو انعام بہ حاصل ڪيو 1990 ۾  سنڌ گريجويشن خيرپور طرفان نمائش ۾ پڻ سندس ٺاهيل تصويرون جي نمائش لڳائي وئيپنهنجي رگن ۾ آرٽسٽ جو رٿ سمائي هلندڙ صوفي منش سعيد منگي سونهن سان گڏ صوفي ازم جي سرهاڻ سچل سرمست ، شاه لطيف، شاه عنايت ، بيدل ،بيڪي جي ڪئليگرافي سان گڏ سچل جون تصويرن ۾ سنڌ راڻي محترم بينظير ڀٽو جي تصويرن کي ٺاھڻ ۾ پاڻ کي فخر محسوس ڪندو آهي. اهو ئي سبب جو هن جي اڪثر پينٽنگس ۾ سچل ۽ شھيد بينظير ڀٽو جي تصويرن جي آهي جيڪي پنهنجي وقت جو شاهڪار بڻيل آهي سندس دل ۾ ھڪ خواهش ھئي جيڪا ان پوري رهجي وئي تہ هن سنڌ راڻي بينظير ڀٽو کي سندس هن سنڌ راڻي بينظير ڀٽو کي سندس ٺاهيل تصوير پيش ڪري نہ سگهيو
محترم بينظير ڀٽو هي حڪومت طرفان 1990 ۾ ملڪ جي نوجوان آرٽسٽن جي همٿ افزائي لا۽  انهن جي تصويرن جي نمائش اسلام آباد ۾ لڳائي وئي هئي جنه ۾ سعيد منگي موجب سندس دوست سيد عابد علي شاھ ھڪ تصوير جيڪا ڪنهن اخبار ۾ شايع ٿي  هئي اها ڪٽنگ ڪري ان نمائش جي سليمن ڏانهن ڏياري موڪلئي جنهن کي بہ نهائش لگائيندڙ نمائش ۾ رکيو ۽ ان تصويرکي پوزيشن ملي ۽ اها تصوير هئي سچل سرمست جي صوفيت بابت ، ان کان علاوه ملڪ جي مڃيل ادارن طرفان هن وقت تائين سعيد احمد منگي جي ٺاهيل تصويرن جون عالمي سطع جون نمائش اسلام آباد ، لاهور ، ڪراچي ،حيدرآباد، لارڪاڻو، خيرپور، نوابشاھ ،ڄامشورو ،سکر،ڪوٽڙي ۽ ٻين شھرن ۾ لڳي چڪيون آھن جنهن ۾ کيس مڃتا طور سگا ايوارڊ ، صوفي ايوارڊ ، ۽ روڪ رقمون ملي چڪيون آھن گذريل 20 سالن کان حضرت سچل سرمست سان دلي لڳاءُ سبب ان جي هر عرس جي موقعي تي شايع ٿيندڙ ڪتابن رسالن جا ٽائيٽل تيار ڪندڙ سعيد احمد منگي سنڌ يونيورسٽي جي فائين آرٽس شعبي ۾ جڏھن ملڪ جو ناليوارو آرٽسٽ  اي آر ناگوري شعبي جو سربراھ ھو . تڏھن سعيد منگي اي آر ناگوري انجم جاويد پيرزادو  ۽ ٻين جي رهنمائي ۾ آرٽ جا وڌيڪ گُڻ سکيا . جتان هن 1990ع  ۾ بيچلر . 1994-93 دوران ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي جنهن کان پو۽ سنڌ جي مشھور اداري انسيٽيوٽ آف سندالاجي ۾ آرٽسٽ طور پنهنجي نوڪري جي شروعات ڪئي پر تڪڙو ئي لاهور جي نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۾وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لا۽ ويو جتان   هن ملٽي ميڊيا آرٽس ۾ ماسٽرس جي ڊگري فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ حاصل ڪئي جتي هن جي ٿيسز جو موضوع ڪارو ڪاري هو ۽ هن اُتي پهريون ڀيرو ڪارو ڪاري اردو زبان ۾ ڪارٽون فلم ٺاهي جنهن دنيا ۾ سٺو نالو ڪمايو سعيد منگي ٻيهر سنڌالاجي ۾ ايگزيبيوشن آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيون جتان ترقي حاصل ڪري ميوزم جو انچارج مقرر ٿيو ، ان دوران هو سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين بہ ڪم ڪندو رهيو ۽ پو۽  سينيئر استاد طور سرانجام ڏنئي.
سنڌ جي ناليوارن دوستن ۾ گهڻو حلفو سعيد احمد منگي جا هن وقت تائين سوين نوجوان شاگردن جي دائري ۾ موجود آهن جيڪي ڏيھ توڙي  پر ڏيھ ۾ پنهنجون خدمتون انجام ڏئي رهيا آھن .
سعيد احمد منگي جو چوڻ آھي تہ ، سنڌ سڄي سونهن آھي ۽ انهن سونهن تي جيترو ڪم ڪجي اوترو گهٽ آھي جنهن لا۽ حڪومت کي اڳتي اچي سنڌ جي ثقافت ۽  تحقيقي ذھنن کي بچائڻ لا۽ هر ضلعي ۾ اهڙا ثقافتي ۽ تحقيقي مرڪز قائم ڪرڻ گهرجن. ان کان علاوه سنڌ جي ڪاليجن ۾ پنجاب جيان فائين آرٽس جو مضمون شامل ڪيو وڃي . جنهن سان نہ رڳو اسان جي ثقابت نوجوان کي خبر پوندي پر فائيم آرٽس مان پڙھي نڪرندڙ نوجوان  کي روزگار جا موقعا پڻ فراهم ٿيندا .

No comments:

Post a Comment