Wednesday 17 August 2016

NOMAN MEER JAMALI profile



سنڌ جو اربيلو راڳي منظور سخيراڻي
NOMAN MEER JAMALI
2K14/MC/75
سنڌ ڌرتي ۾ڪيترا ئي اهڙا فنڪار پيدا ٿيا آهن جن موسيقي واري شعبي ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي ۽ راڳ کي عبادت سمجهي ڳايو اهڙن ئي لاجواب فنڪارن مان سنڌ جو سهڻو ۽ سريلو فنڪار منظور سخيراڻي به آهي. منظور علي ولد بهادر علي سخيراڻي تاريخ 4 اپريل 1959ع دادو ۾ پيدا ٿيو. هن جو والد صاحب روينيو کاتي ۾ ملازم هو. منظور سخيراڻي پرائمري کان وٺي ڪاليج تائين تعليم دادو ۾ حاصل ڪئي ۽ وري قدرت هن کي آواز جي اهڙي ڏات سان نوازيو جو هن جي سڃاڻپ ئي هڪ فنڪار طور تي ٿي. هن جي والد صاحب جي به اها خواهش هئي ته منهنجو پٽ (منظور سخيراڻي) پڙهي لکي سٺو انجنيئر ٿيندو ليڪن هن کي ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق هيو. ۽ اسڪول واري زماني ۾ استادن ۽ شاگردن کي ڪلام ڳائي ٻڌائيندو هيو ۽ پوءِ اسڪول ۽ ڪاليج جي ننڍن وڏن پروگرامن ۾ هن کي گهرايو ويندو هو هن فن جي باقائده سکيا استاد قدرت الله خان کان ورتي، جنهن هن کي راڳ جا مڪمل گر سيکاريا ۽ هي هڪ سٺو راڳي بڻجي ويو. ان کان علاوه استاد بخاري به هن جي گهڻي رهنمائي ڪئي. جڏهن هي 13 سالن جو هو ته پائليٽ هاءِ اسڪول ۾ ”لطيف  ڊي“  فنڪشن ۾ پهريون نورجهان ۽ رونا ليلا جا ڪلام”صدقي صدقي لعل قلندر “ ۽ ٻيو تيري لئي جاني جان لاکهه ستم اٺائين گين“ ڪلام ڳايا ته ڀرپور داد مليس ۽ پوءِ جڏهن هو 17 سالن جو ٿيو ته ريڊيو تي پهريون ڪلام ”مون ڏي نيڻ نه کڻ دنيا ڏاڍي ساڙولي ٿئي ڏيندئي ڪا نه ڏسڻ“ ۽ ٿوري ئي وقت کان پوءِ هن ٽيليوزن تي پهريون ڪلام ”دوست ڪياسين دلداري لئي ڪن ٿا دل آزاري“ ڳايو ته هن سڄي سنڌ ۾ مقبوليت ماڻي ورتي منظور سخيراڻي قوميت جا به ڪلام ڳايا جن ۾ رستي روڪ نه ڪر ۽ ٻيو ڪلام ايڏو نه ٿي جذباتي ۽ ٻيا قومي ۽ انقلابي ڪلام ڳايا جنهن کان پوءِ جنرل ضياءَ الحق منظور سخيراڻي جي ڳائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي پر جڏهن حيدرآباد ۾ جنرل ضياءَ الحق جي موجودگي ۾ هڪ پروگرام ڪري رهيو هو ته عوام هن کي ڀرپور موٽ ڏني ۽ ونس مور ونس مور جا نعرا هنيا ته ضياءَ الحق مجبور ٿي پابندي ختم ڪئي ان وقت غوث علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير هو جنهن ضياءَ الحق کي معاملي کان آگاهه ڪيو ته هي عوام جنهن کي چاهي ٿو اهو اهوئي منظور سخيراڻي آهي جنهن جي ڳائڻ تي پابندي لڳل آهي پوءِ ضياءِ الحق انهي وقت اعلان ڪيو هن هن تي جيڪا مان پابندي هنئي هئي اها اڄ مان ختم ٿو ڪريان. منظور سخيراڻي جا ٻيا ڪلام به تمام گهڻو مشهور ۽ مقبول ويا جن مان (1) ها مان تنهنجي بنا ڪجهه به نه آهيان (2) مان ڇو به رنو آهيان پر يار رنو آهيان (3) هلي آ پير ڀري هلي آ (4) زندگيءَ تي ناهي ڪو ئي ڀروسو حسن کي پوڄي وٺو (5) چانڊوڪي رات ۾ سو سينگار ڪري ۽ ٻيا ڪيترا ئي ڪلام سندس شامل آهن. استاد بخاري هن جو محسن ۽ همدرد استاد هو هن ڪاليج ۾ پڙهڻ واري دور کان وٺي استاد بخاري جي شاعري ڳائڻ شروع ڪئي ۽ هن کي اهو اعزاز حاصل آهي ته استاد بخاري جي شاعري هن گهڻي کان گهڻي ڳائي آهي استاد بخاري جي شاعري ڳائڻ منظور سخيراڻي جي بين الاقوامي شهرت جو سبب بڻي ۽ استاد بخاري سان ويجهڙائپ ائين هوندي هيس جيئن ڇپر ڇانو. استاد بخاري کان علاوه هن عبدالغفار تبسم، علي گل سانگي، انور قمبراڻي، شيخ اياز، احمد خان مدهوش، اياز گل ۽ ٻين جي شاعري  پڻ ڳائي اٿس. قدرت طرفان آواز جي صورت ۾ ڏنل هي هڪ اهڙو تحفو آهي جنهن جي وسيلي روح کي راحت ملي ٿي. منظور سخيراڻي انڊين طرز تي به تمام گهڻا گانا ڳايا فنڪارن کي طرزن تي ڳائڻ جو شوق ته نه هوندو آهي پر ڪمپنين وارا اهي ڪلام ڏيندا آهن ته عوام کي ڇا پسند آهي ۽ ڇا نه پسند آهي منظور سخيراڻي کي سنڌ جا ماڻهو گهڻن لقب سان سڏيندا آهن هن کي سنڌ جو ڪمار سانو، ڪشور ڪمار ۽ ٻين به ڪيترن لقبن سان نوازيو اٿن. اها سنڌ واسين طرفان هن لاءِ محبت جي موٽ آهي جيڪي مشهور فنڪار جي نالن سان هن کي مشاهبت ڏيندا آهن. منظور سخيراڻي به گهڻن قسمن جي موسيقي ڳائي چڪو آهي جنهن ۾ ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل، ڦوڪ سميت هر قسم جي موسيقي کي ڳايو اٿس. هن سنڌي فلم برسات جي رات، بيوس ۽ ٻين فلمن لاءِ به گانا ڳايا. منظور سخيراڻي اٽڪل 25 هزارن تائين ڪلام ڳائي چڪو آهي. هي تما گهڻا ايوارڊ به ماڻي چڪو آهي جنهن ۾ شهباز ايوارڊ، لطيف ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ شامل آهن. هن پنهنجي فن جو مظاهرو پاڪستان جي چئن صوبن کان علاوه ٻاهرين ملڪن ۾ به ڪري چڪو آهي هن جا پسنديده فنڪار لتا، رونا ليلا، خان صاحب مهدي حسن خان ۽ عابده پروين آهن.
Name: Noman Meer Jamali
Class: B.S Part 3
Batch: 2k14/MC/75


No comments:

Post a Comment