Wednesday 17 August 2016

منصور جتوئي ??????????

بنيادي سهولتن کان محروم ڪاڇو
سموري ڪائنات جي فڪري حسن جو ڏيڪ ڏيندڙ ڪاڇو ڏکن ۽ ڏولارن جو ديس آهي، جتري بک بدحالي ۽ کوڙ سارا مسئلا اڄ  به ڪر کنيو بيٺا آهن واري جي دوڙ ۽ ڀٽن جي ياوٽ ۾ پنهنجو جيون واري چڏيي جي دوڙ ۽ ڀٽن جي ياوٽ ۾ پنهنجو جيون گھاريندڙ ڪاڇي جي ماڻهن جي زندگي تي ٿورو نظر ڦيرائي ڏسو ته انهن جو جيون ڪئين نه ڏيکيو پيو گزري ۽ اتان جا ماڻهو ڪئين نه زندگي سان وڙهي رهيا آهن. بنيادي سهولتن کان وانجھايل سنڌن جو هي علائقو اڄ به ڪيترن ئي مسئلن ۾  گھيريل آهي جي ننڊن توڙي وڏن ڳوٺن ۾ اڄ نه بک بدحالي ۽ غربت جا منظر نظر ايندا. ڪاڇو ضلعي دادو ۾ ۽ ڪجھ حصو ضلعي ڄامشوري ۾ اچي ثو ڪاڇي جي آبادي اٽڪل ساڊا 4 لک آهي ڪاڇو ٿر جيان هڪ وسيع علائقو آهي جتي اڪثر آبادي جو گذارو زراعت ۽ چوپايو مال تي آهي
ڪاڇو معدنياتي وسيلن سان مالا مال آهي ۽ ڪاڇي جي مختلف هندن مان تيل ۽ گيس پڻ گولهيو ويو آهي پر اتان جي عوام کي ڪوبه فائدو نه پئجي سگهيو آهي ۽ ڪاڇي جي ماڻهن جي غربت ۽ بک ۽ بدحالي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو جو هن ايڪيويهين صدي جي جديد دور ۾ ڪاڇي جي عوام ۽ جانور ساڳي جاءِ کان پاڻي پيئن  ٿا ۽ اڄ به سواري طوراٺن جو استعمال ۽ ٻني ٻاري جي ڪم لاءِ ڊڳن جو استعمال ڪيو وڄي ٿو
ڪاڇو مختلف بنيادي مهولتن کان محروم جيڪي شيون اڄ جي انساني ذندگي  لاءِ بيهد ضروري آهن ۽ ان شين کانسواءِ شايد ڪو انسان جي سگھي مثلن پاڻي صحت،روڊ،رستا،گئس،بجلي ۽ تعليم ۽ جتي ڳالھ پاڻي جي اچي ٿي ته 2007 ۾ گورنمينٽ طرفان ڪاڇي جي عوام جي پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ گاج ڊيم جي منظوري ڏني وئي ۽ جيڪو بعد ۾ ڪم شروع ڪيو ويو ۽ گاج ڊيم جو مقصد ڪاڇي جي عوام جو پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ هيو پر ڊيم جو مرمتي ڪم اجان نئين هلندڙ آهي. 2002 ۾ڪاڇي جي عوام جي پئيڻ جو مسئلوحل ڪرڻ لاءِ ٽيوب ويل سسٽم آندو ويو ۽ ڪاڇي ۾ مختلف هندن جي ٽيوب ويل لڳايا ويا پر ٽيوب ويلن جي لڳاتارهلڻ سبب پاڻي خاروٿيڻ سان گڏوگڌ جر ختم ٿيڻ لڳا آهن ۽ اتان جا  مالوند ماڻهو پريشان آهن ۽ پڪي طراف لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءَ عوام کي مختلف ڏکيائون پيش اچڻ ٿيون ۽ ماڻهو پنج پنج ڪلوميٽر پري تائين پنڌ ڪري پاڻي ڀرڻ وڃن ٿا.
صحت جي حوالي سان ڪاڇي ۾ ڪابه سحولت موجود نه آهي ئي حڪومت طرفان ڪو صحت جو سينٽرقائم نه آهي
اگر ڪو سينٽر آه ته به اتي  ڪو عملو موجود نه آهي ۽ عريب سوين ڪلوميٽر لتاڙي شهر طرف اچڻ تي مجبور آهن ۽ ڳاله اگر تعليم جي ڪئي وڃي ترهتي اسڪول نه هجڻ ڪري هتان جا ٻار سڄو ڏينهن مال چارڻ ۽  راند روند ۾  مصروف آهن ڪاڇي جي روڊ ۾ رستن جي سهولتن نه هجڻ جي برابر آهي اگر ڪو روڊ آهي ته ڀڳل ۽ ٽٽل حالت ۾ نظر ايندو ڪاڇي جي مختلف علائقن مان تيل ۽ گئس ڳوليو ويو آهي ۽ ڪاڇو قدرتي وسيلن سان مالا مال خطو آهي پر غربت جي انتهائي پهتل هن خطي مان ملندڙ قدرتي ذخيرن مان ڪاچي جي عام ماڻهو تائين خوشحالي سوا سيڪڙو اثر به نه پهتو آهي هينئر ڪاڇي ۾ 5 تيل ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن ۽ گئس ۽ تيل جي زخيرن مان هر سال اربين ڊالر جي آمدني ٿيندي آهي.۽ نه ٿي ڪنهن ڳوٺ کي گئس مهيا ڪئي وئي آهي ۽ نه وري علائقن جي ماڻهن جي روزگار ڏنو ويو آهي ڪاڇي جي ماڻهن جديد دور ۾ بجلي جي سهولت به سير نه آهي ۽ بجلي نه هجڻ ڪري اونداهي ۾ ماڻهو ۾ مختلف قسمن جو بلائن جو شڪار بڻجن ٿا ۽ بلائون ماڻهن جي گھرن ۾ بي جملو ڪن ٿيون
هن جديد دور ۾ حڪومت کي ڪاڇي جي ماڻهن طرف ڌيان ڏيڻ کپي ۽ اهي به اسان جيان انسان آهن ۽ گھٽ ۾ گھٽ بنيادي سهولتن کان محروم نه رکيو وڃي.


منصور جتوئي

بي ايس پارٽ ٿري   2K14-MC-48

No comments:

Post a Comment