Monday 22 August 2016

خالد, پروفائيل,

Intro is not profile. This  piece is writing in CV Or biography style. profile is different form these two
 رضوان گل ليڪچر
خالد
رضوان گل جو پورو نالو رضوان الحق ۽ سندس والد جو نالو بشير احمد پٺاڻ آهي.رضوان گل سندس جو ادبي نالو آهي. رضوان گل جو جنم 13 فيبروري1977ع لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو.پاڻ ننڍي هوندي کان ئي سٺي صحبت ۽ پڙهيل لکيل خاندان جي اثر ۾ رهڻ ڪري سندس جو لاڙو ننڍپڻ کان وٺي ڪتابن ڏانهن ئي رهيو. رضوان گل ھميشه دوستن سان بحث مباحثن ۾ وقت گذارڻ کي زندگي جو بهترين ڪم سمجهو آهي.سندس جي ننڍپڻ کان ئي  ڪتاب پِڙهڻ ليڪچر ڏيڻ ۽ وٺڻ پسنديده مشغوليون رهيون آهن.رضوان ايم.ايس.سي. جيوگرافي (فرسٽ ڪلاس)  سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي.ڊگري مڪمل ڪرڻ کانپوءَ ڪيترا ئي ڪم سرانجام ڏنا آهن. رضوان گل موجوده وقت ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ھيڊ آف جيوگرافي ڊپارٽمينٽ پڻ آهي. ليڪچرار کان علاوه سندس جو تعلق مختلف علمي ادبي ادارن سان پڻ رهيو آهي. جنهن ۾ اڪثر ڪري پاڻ هڪ ليڪچرار جي حيثيت ۾ ويندا آهن . رضوان گل جي ليڪچرن جو عام معني ۾ مفهوم عام ماڻهن کي سندن بنيادي مسئلن کان آگاھ ڪرڻ  جي عنوانن سان ئي هوندا آهن.سندس جو تحقيقي ڪم تمام گھڻي مقدار ۾ ٿيل آهي. پر خاص ڪري لاڙڪاڻي جيوگرافي تي 7 تحقيقي مقالا۽ مھين جي دڙي جي کوٽائي بابت ڪيل تحقيق ساراھ جي قابل آهي. رضوان گل جو تعلق ڪيترن ئي سماجي ۽ ادبي تنظيمن سان رهيو آهي جنهن ۾ سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ھاسٽل شاخ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو،پريس سيڪريٽري سچل ادبي مرڪز، ايڊيٽر ماھوار “شعور” لاڙڪاڻو رهي چڪا آهن. رضوان گل موجوده وقت چيئرمين ڊپارٽمينٽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو سال 2016 لاءَ نامزده به آهن. ان سان گڏوگڏ پاڻ نيشنل جيوگرافي سوسائٽي واشنگٽن جو ميمبر پڻ آهي. رضوان گل هڪ ليڪچرار،سماجي ورڪر ريسرچر هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين ليکڪ ۽ شاعر به آهي سندن جا ڇپيل ڪتاب ڪجھ هي آهن.
1 . لاڙڪاڻو تاريخ جي روشني ۾. تاريخ                                                                                            
 2 . پيار جي پهرين بارش شاعري جو مجموعو                                                                                      3 . “سپنن جو انت” ڪهاڻين جو مجموعو                                                                                            4 . لاڙڪاڻو علمي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ                                                                                              5 . ساهت ڏيھ جا سرجڻھار (سنڌي جي مختلف شخصيتن تي مضمون خاڪا)                                                   6 . “پنج ڏينهن” سعادت حسن منٽو جي ڪھاڻين جو مجموعو                                                                      7 . سنڌي ۾ جاگرافي جي پهرين لغت
ايترن بهترين ڪتابن جو مجموعو سندس جي ڪاوشن جي ڪري پڙهندڙن وٽ پهتا آهن. سنڌي ۾ جاگرافي سبجيڪٽ جي حوالي سان شاندار لغت سندس جي اڻ کوٽ ڪاوشن جي ڪري اڄ جاگرافي جي شاگردن لاءَ جاگرافي سبجيڪٽ جي حوالي سان وڏي ڪارمند ثابت ٿئي آهي. رضوان جي تيار ڪيل ڊڪشنري سنڌ يونيورسٽي جاگرافي ڊپارٽمينٽ ۾ پڻ سبجيڪٽن لاءَ استعمال ڪئي ويندي آهي.
رضوان گل 1994ع کان وٺي ڪرنٽ افيئرس ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي روزاني عوامي آواز، ھلال پاڪستان،۽ جاگو اخبار ۾ 700 سوَ کان وڌيڪ ڪالم لکي چڪو آهي. سندس جي بهترين ڪم ۽ ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪري ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي جنهن ۾. ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ. عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ                               امن ايوارڊ لاڙڪاڻو. سنڌ فنڪار سوشل ويلفير آرگنائيزيشن               ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ادبي ايوارڊ. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي سنڌ       بهترين منظم گولڊ شيلڊ. گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو         شيلڊ آف آنر ڊبيٽنگ سوسائٽي بينظير ڀٽو يونيورسٽي لاڙڪاڻو       بهترين ڪهاڻيڪار ايوارڊ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊڪڻ.

ان کان علاوه رضوان گل پڻ اهڙن ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي جيڪي سندس محنت جو نتيجو آهن. پاڻ سنڌي نوجوانن جي مستقبل لاءَ ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته الائي ڇو اڄ جي هن جديده  انٽرنيٽ واري دورء ۾ به اسان جو شاگرد طبقو تعليم کان پري پري رهي ٿو. پاڻ جيستائين تعليم حاصل نه ڪنداسين تيسي تائين اسان جا ڏک ۽ درد ڪير به دور نٿو ڪري سگهي ان لاءَ اسان سڀني اوهان ۽ اسان کي پنهنجي لاءَ تعليم جهڙي ڪرامت حاصل ڪرڻي پوندي جنهن سان سڀ ڪجھ ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو..
خالد حسين شيخ   

1 comment: