Friday 12 August 2016

امتحاني سينٽرن ۾ ڪاپي ڪرڻ جا نوان طريقا

Un edited
Article Pawan Kumar
اٻوجهه شاگرد ، امتحاني سينٽرن ۾ ڪاپي ڪرڻ جا  نوان ۽ جديد طريقا .
معاشري ۾ ڪاپي ڪلچر جديد طريقي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ، هتان جي خاص ڳاله اها آهي ته استادن جي موجودگي ۾ ڪاپي ڪرڻ سان شاگردن تي کي تمام گهڻي هٿي ملي ٿي ،سنڌ جي تعليمي بورڊ پاران جيئن ئي امتحانن جو اعلان ڪري ٿي سنڌ جا نوجوان امتحاني سينٽرن ۽ امتحان ڏيڻ لاءِ ڪاپي ڪرڻ جا نوان طريقا ڳولڻ ۾ مصروف نظر ايندا آهن ، هلندڙ سال 2016 ۾ سکر واري پاسي هڪ نوجوان برقعو پائي امتحان ڏيڻ آيو سندس ڀيڻ جي هنڌ تي اهو به هڪ نئو طريقو آهي ڪاپي ڪرڻ جو ، جڏهن ته شڪ پوڻ تي ڪاليج انتظاميه پاران شاگرد کي چيڪ ڪرڻ تي خبر پئي ته هي نوجوان سندس ڀيڻ جي جاءِ تي ڪاپي ڪرڻ لاءِ امتحان ڏيڻ آيو جڏهن ته ڪيترائي شاگرد سينٽرن تان مختلف طريقن سان ڪاپي ڪندي پڪڙيا وڃن ، اسان جڏهن پرائمري ۾ تعليم حاصل ڪندا هئاسين ته اسان سوچينداهئاسين ته يونيورسٽي ۾ ڪاپي ڪيئن ڪنداسين؟ پر جڏهن يونيورسٽي  ۾ امتعان ڏيڻ دوران اهو به انداز ٿيو ته هتي به ڪاپي جي دوم متل آهي، يونيورسٽي ۾ شاگرد مختلف طريقن سان ڪاپي ڪندي نظر اچن ٿا .ڏٺو وڃي تي شاگرد ڪاپي ڪرڻ لاءِ موبائيل فون به استعمال ڪندا آهن ان سان گڏو گڏ ڪي شاگرد وري پيشاب ۽ پاڻي پيئڻ بهاني امتحاني سينٽرن ۾ قائم ڪمري کان ٻاهر نڪري وڃي . اها شئي نوٽسن يا انٽرنيٽ تي ڏسن ٿا جيڪو انهن کي ايندڙ سوال جي جواب ۾ لکڻو آهي، جڏهن ته ڪجهه شاگرد وري پيپر جي شروعات کان اڳ ئي پنهنجي ٻنهي هٿن ۽  ٻاهن تي ڪجهه شيون نوٽ ڪندا آهن ته جيئن انهن جو ڪاپي ڪرڻ ۾ ڪسو اڳتي هلي ،ڪجهه شاگرد وري استادن پاران منع ڪرڻ باوجود ڪاپي ڪرڻ ۾ مصروف رهندا آهن، آخرڪار هي ڪاپي جو سلسلو ڪسيتائين جاري رهندو ،
ستم ظريفي اها آهي ته جيڪڏهن تعليم جي مسئلي تي آواز ٿاريون ٿا ته موجوده حڪومتون پوئين حڪومتن تي هڻي پاڻ تان بار لاهي پاڻ کي آجو ڪن ٿيون، ڀلا نظر ڦيرائجي ته پوئين حڪومتن ۾ ڪير هئا، ڏٺو وڃي ته اهي ئي آهن، جيڪي هاڻي به آهن، جن تعليم ۽ صحت کي ائين اچي ورتو آهي، ڄڻ ٻئي شعبا سندن ذاتي جاگير هجن، موجوده حڪومت جي پوئين دور ۾ جيڪي  ماستر ٿيا ۽ اڄ اهي تعليم کاتي ۾ تعلقي ۽ ضلعي آفيسر آهن ۽ جيڪي ذهين ۽ مقابلو ڪندڙ هئا، اڄ اهي بيروزگار آهن، جيڪي سرندي وارا هئا اهي وزيرن جي ڪوٽا تي نوڪريون حاصل ڪري ويا، ماضيءَ تي نظر وجهڻ وارا سمجهي سگهن ٿا ته پوئين حڪومت به ڪهڙي پارٽيءَ جي هئي، ان ئي حڪومت ۾ ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ۾ وزيرن جي ڪوٽا ذريعي داخلائون ڏياريون ويون ۽ حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته انهن شاگردن کي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ انهن کي مختلف پروگرامن ۾ نوڪريون ڏئي کين اڳتي هلي پڪو ڪيو ويو.
، اهڙين ڳالهين مان مڪمل طرح ظاهر ٿئي ٿو ته سياستدانن کي ادارن ۾ سٺا ڊاڪٽر يا انجنيئر نه گهرجن، پر انهن مان اليڪشن کٽرائڻ لاءِ ٽيمون ۽ سرڪاري پرزائيڊنگ آفيسر ئي گهرجن ٿا، باقي ادارا ڀلي تباهه ٿين ان سان سياستدانن جو ڪجهه به نه وڃي.
جديد دور اچي ويو آهي، دنيا ڳنڍجي ويئي آهي، هڪٻئي ڏانهن دانهون جلدي پهچن ٿيون ۽ اسڪولن جي نالي ته غير ملڪي امداد ۽ قرض به انتهائي گهڻو اچي ٿو، وڏا ماڻهو اسڪولن جو ۽ ان ۾ پڙهندڙ شاگردن جو اهڙو حشر ڪن ته جيئن اهي پاڻ ئي پڙهائي ڇڏي ڀڄي وڃن. هڪ ڳالهه ذهن ۾ اچي ٿي ته جيئن اسان جي ملڪ ۾ سياست به گهڻا ڪندا آهن، پر انهن مان حاوي وري به جاگيردار ۽ سرمائيدار ئي هوندا آهن، باقي ٻيا جلسن ۾ عوامي انگ وڌائڻ يا حڪومت وڃڻ جي صورت ۾ عوام کي روڊن تي آڻڻ جي ڪم ايندا آهن، اهڙي طرح تعليم ته سڀ پرائيندا آهن، پر اڄ جي دور ۾ اعليٰ ۽ بهتر تعليم جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ سياستدانن جا ٻار ئي حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ ٻيا ڪيترن ئي ڪلوميٽرن کان کير جي گاڏين  تي اسڪول پهچڻ وارا ڊرائيوري، پٽيوالي يا وري ڪنهن اليڪشن ۾ ايم پي اي ۽ ايم اين اي جو ايجنٽ ٿيو ته ماستري ۽ سپاهي جي نوڪري حاصل ڪري سگهندو.
سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهڙي نظام ۾ اسان جي قوم سرڪاري امداد ۾ هلندڙ مڇردانين، ماهوار وظيفن کي قبول ڪري خاموش ويٺي آهي، عوام کي اهو ڇو نٿو سمجهه ۾ اچي ته جيڪو استاد غير حاضر آهي يا ڪنهن سياست ڪندڙ چڱي مڙس جي اوطاق تي ويٺل آهي، ان کي گهلي اسڪول وٺي اچجي يا وري جيڪو استاد پنهنجي پيشي سان سچو ۽ وفادار آهي ان کي عزت، مان، مرتبو ۽ احترام ڏجي. هاڻ اهو سوچڻ جي ضرورت آهي ته ڇا ستر سالن جي ٺلهن آسرن ۾ اسان کي سمهڻ گهرجي يا وري جيڪو ڪرڻو آهي اهو اسان کي ئي ڪرڻو آهي.

اها سوچڻ جي ڳالهه آهي ته اڄ ٿر ۾ معصوم ٻارڙن جي موت جي تعداد ڇو پئي وڌي حالانڪ اتي ٿورا يا گهڻا ڊاڪٽر موجود آهن، پر سبب اهو آهي ته اهي سڀ جا سڀ ڊاڪٽر ميرٽ وارا نه آهن، انهن ۾ اڪثريت پرچين ذريعي ڪچن ڊاڪٽرن مان پڪا ڊاڪٽر ٿيا آهن، اهي ٻارڙن جي موت جي ڪارڻ کي سمجهي ئي نٿا سگهن. ڀڳل روڊن ۽ روڊن جا نقشا صحيح نه هجڻ ڪري جيڪي حادثا ٿين ٿا اهي انجنيئر پڻ سرڪاري جا من پسند ماڻهو مقرر ٿيل آهن ۽ انهن پڻ پرائمري کان يونيورسٽي تائين ڪنهن جي آشرواد سان پڙهي نوڪريون ورتيون آهن، انهن کي روڊ جي اسپيل لکڻ به نٿي اچي، اهي وري روڊ ڪيئن ٺاهيندا، اسان جي سموري نظام جي ناڪارا ٿيڻ جو سبب تعليم جي تباهي، سفارشي ڪچلر ۽ سياستدانن جا رويا آهن. ڪاپي ڪندڙ شاگرد چواڻي ته ڦاٿل ئي ڪوريئڙي جي ڄار ۾ آهيون، هاڻي  سوال اهو پيدا ٿوٿئي ته سرڪار سميت انساني حقن جي تنظيمن  کي گهرجي ته هن قوم کي هن گندي ڪاپي ڪلچر مان ڪيئن ٿي ڪڍي ؟

No comments:

Post a Comment