Sunday 14 August 2016

خالد حسين شيخ فيچر


                   ڏوڏي مان تيار ٿيندڙ ڇوهارو
سنڌ اندر اونھاري جي موسم شروع ٿيندي ئي پوري سنڌ ۾ ڏوڏي جو فصل  گهڻي مقدار ۾ مارڪيٽ ڏانهن اچڻ شروع ٿي ويندو آهي.کجي جي پوکائي وارو عمل ائين ته سڄي سنڌ ۾ عام جام ٿيندو آهي پر خاص ڪري خيرپور،سکر،شڪارپور،نوشهرو ۾ گهڻو ٿيندو آهي.سنڌ جي باقي ضلعن ۾ به کجي عام طرح سان پوکي ويندي آهي جنهن ۾ ننڍا ۽ وڏا ذميدار پڻ دلچسپي سان حصو وٺندا آهن.پر خاص ڪري سنڌ جا بيان ڪيل مٿيان ضلع کجي ۽ ڇوهاري پيدا ڪرڻ ۾ اڳڀرا آهن.
ڇوهارو تيار ڪرڻ لاءَ سڀ کان پهريون مزدورن جي هڪ گروپ بندي ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ هر گروپ کي الڳ الڳ نموني جو ڪم ڏنو ويندو آهي.جئين ڪجھ مزدورن جا گروپ کجين جي وڻن مان ڏوڏا پٽيندا آهن ته ڪجھ وري ڪٽيل ڏوڏن کي ڇوهارو تيار ڪرڻ واري جاءَ تي آڻي رکندا آهن. ڏوڏو جڏهن مڪمل رسجي تيار ٿئي ويندو آهي ته ان ۾ واڍي واري عمل جو آغاز ڪيو ويندو آهي واڍي وارو ڪم مزدورن جي عملي جي حساب سان ڪيو ويندو آهي. جيترو وڌيڪ عملو واڍي اوتري ئي تيزي سان ڪئي ويندي آهي پر پوءَ به نارمل ۾ نارمل هر روز پنجاھ کان اَسي کجين جي واڍي ڪئي ويندي آهي. ان کانپوءَ  انهن ڪٽيل ڏوڏن کي هڪ جڳھ تي گڏ ڪيو ويندو آهي جئين انهن کي ڇينگي کان الڳ ڪري  باھ تي چڙهيل پاڻي سان ڀريل تئي ۾ وڌو وڃي. ڏوڏن کي پاڻي ۾ وجهڻ کانپوءَ انهن کي اڌ يا مني ڪلاڪ تائين پاڻي ۾ ئي رجهڻ لاءَ ڇڏيو ويندو آهي ته جئين اُهي مڪمل تيار ٿئي وڃن  ڏوڏا تئي ۾ وجهڻ کان اڳ ڇوهارا تيار ڪندڙ ڪاريگر کي اهو ذهن ۾ رکڻو هوندو آهي ته سندس کي ڪهڙي قسم جو ڇوهارو تيار ڪرڻو آهي ڇو جو ڇوهاري جا به الڳ الڳ قسم ٿيندا آهن جنهن ۾ ڳاڙو شوهارو،ڦڪو ڇوهارو ۽ ڪارو ڇوهارو اچي وڃن ٿا.
ڳاڙو ڇوهارو تيار ڪرڻ لاءَ ڏوڏو پاڻي ۾ وجهڻ  کان پهريون  ڪاريگر پاڻي ۾ ميندي جا پن ملائيندو آهي ته جئين ڇوهارو پچڻ سان گڏ ڳاڙو به ٿئي ۽ ڦڪو ڇوهارو تيار ڪرڻ لاءَ پاڻي ۾ رنگ گاٽ نالي هڪ رنگ ملايو ويندو آهي جئين ان ڏوڏي جو رنگ ڇوهاري ٿيڻ کانپوءَ به ڦڪو ئي رهي ۽ ڪارو ڇوهارو تيار ڪرڻ لاءَ ڏوڏي کي ڪجھ وقت وڌيڪ باھ تي رجهڻ لاءَ رکيو ويندو آهي دير تائين پچڻ جي ڪري  ڇوهاري جو رنگ ڪارو بڻجي ويندو آهي. ڇوهاري کي ٽنهي الڳ الڳ صورتن ۾ پچائڻ کانپوءَ ان کي تئي مان ڪجھ ھٿرادو اوزان جي مدد سان  ٻاهر  ڪڍي خالي ٽوڪرين ۾ وڌو ويندو آهي جنهن کي پوءَ اتي بيٺل مزدور ٽوڪري کي کڻي ميدان تي وڇايل وڏين تالپترين تي رکندا آهن. انهن تالپترين جو رخ اولھ کان اوڀر طرف موڙيل هوندو آهي انهن تازن تيار ٿيل ڇوهارن کي تالپترين تي وڇائڻ کانپوءَ هر اڌ ڪلاڪ کانپوءَ مزدور انهن کي هٿن سان گڏائيندا رهندا آهن ته جئين اُهي ٺيڪ نموني سان اُس تي سڪي سگهن. اُس تي سڪائڻ جو سلسلو  ٽي ڪان چار ڏينهن تائين هلندو آهي. جنهن کانپوءَ انهن ڇوهارن کي ڳوٿرين ۾ بند ڪري مارڪيٽ ڏانهن نيو ويندوآهي. سنڌ ۾ ڇوهاري جي مارڪيٽ جي حوالي سان  سکر،خيرپور ۽ حيدرآباد ڏاڍا مشهور مارڪيٽ آهن. انهن مارڪيٽن ۾  سڄي سنڌ جي هر عام علائقي مان به ڇوهارو آندو ويندو آهي سنڌ مان
ڇوهارو پاڪستان ۾ وڪامڻ کان علاوه ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ وڪاميون ويندو آهي  جنهن ۾ انڊيا، دبئي، ۽ ٻين عربن ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو آهي مارڪيٽ ۾ موجود ڇوهارو پنج کان ست هزار في مڻ جي حساب سان وڪامجي پيو.
ڇوهارو ڪيترين ئي شين لاءَ استعمال ڪيو ويندو آهي. اڪثر ڪري جڏهن پراڻي وقت ۾ ماڻهو ڏوران سفر يان جنگ جي لاءَ نڪرندا هيا ته پاڻ سان گڏ ڇوهارا خشڪ فروث  جي حساب  سان گڏ کڻندا هيا ته جيئن انهن کي غذا جي طور تي استعمال ڪري سگھجي.ڇوهاري کي حڪيم طب يعني دوائن ٺاهڻ لاءَ به استعمال ڪندا آهن ۽ اڃان تائين ڳوٺن ۾ حڪمت طور استعمال ڪيو ويندو آهي. ڇوهاري کي شورڳ ٺاهڻ لاءَ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي ان کان علاوه ٻين ڪيترين ئي اهم شين ۾ ڇوهاري جو استعمال ڪيو ويندو آهي.

خالد حسين شيخ

No comments:

Post a Comment