آرٽيڪل: هيپاٽائيٽس: علاج ۽ احتياط
مشتاق علي جمالي
2k14/mc/142 BS-III
هيپاٽائيٽس: علاج ۽ احتياط
بيماريون ته دنيا جي
ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اوهان کي ملنديون پر پاڪستان جنهن ۾ خاص ڪري سنڌ صوبو ان بيمارين جو
پناه گاه چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ان بيمارين ۾ ڪجھ اهڙا مرض آهن جن کي
موتمار سمجهيو وڃي ٿو ان ۾ هيپاٽائيٽس به هڪ اهڙو موضي مرض آهي جيڪو هڪ آدم خور
جيان انساني زندگيون ڳڙڪائيندو وتي ٿو، ان کي ڄڻ ڪو لغام ڏيڻ وارو ئي ڪونهي. پوري دنيا ۾ 130 کان 150 ملين ماڻهو هيپاٽائيٽس جو شڪارآهن. جن مان 75
سيڪڙو جو تعلق ايشيائي ملڪن سان آهي.
۽ هيپاٽائيٽس جي مرض ۾ ورتل 25 سيڪڙو مريض انهيءَ بيماريءَ سبب موت جو کاڄ بڻجي رهيا
آهن. جگر جي سوڄ کي هيپاٽائيٽس چيو ويندو آهي وائرس خاموشيءَ سان سندس جگر تي اثر انداز ٿي ويندو آهي.
هيپاٽائٽس جي بيماريءَ کي خاموش قاتل به
چيو ويندو آهي
سنڌ ۾ ڪروڙين ماڻهون هيپاٽائيٽس جي مرض ۾ مبتلا آهن، رڳو سرڪاري انگ
اکرن موجب هيپاٽائيٽس بي جا هڪ ملين ۽ سي جا
ٻه ملين مريض آهن. صوبي اندر
هيپاٽائيٽس جي روڪٿام لاءِ وڏي وزير جو اسپيشل پروگرام براءِ هيپاٽائٽيس به هلندڙ
آهي. جنهن تحت سموري صوبي
اندر هيپاٽائيٽس جي مريضن کي مفت چڪاس ۽ دوائون فراهم ڪرڻ پروگرام جي اهم
ذميواري آهي. پر انهيءَ پروگرام
جي موجودگيءَ ۾ به صوبي جي آبادي مان لکين ماڻهن کي ته اها خبر ئي ناهي ته اهي
انهيءَ خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا آهن.
علاج ته پوءِ ٿو اچي پهرين ڏسجي ته آخر اها
بيماري ايتري عام ڇو ٿيندي ٿي وڃي .هن بيماري جا ڪجهه سبب
هي به آهن ته پيئڻ جو صاف پاڻي نه ملڻ ، گھڻو سڻڀ، آپريشن جي جراثيمن وارا اوزار،
ڏندن جي سامان، حجام جي سامان، بار بار رت ڏيڻ، نشو ڪرڻ، سرنج جو بار بار
استعمال،تماڪ، گٽڪو ۽ مين پڙي وغيره آهن.
چيو وڃي ٿو ته احتياط علاج کان بهتر آهي،اسان
وٽ اهو تصور هاڻي پاڙون هڻي پختو ٿي ويو آهي ته اسان پنهنجي جسم سان هر طرح جي
حرڪت ڪري سگهون ٿا ڇو ته گڙ ٻڙ جي صورت ۾ ڊاڪٽر ته ويٺو ئي ويٺو آهي. ڊاڪٽر
جي شهه/
ڏڍ تي جسم، جيڪي پيٽ ۽ عضون سان
حالتون ڪيون ٿا، جيڪو معدي ۽ هاضمي واري نظام تي بار
اُڇلايو وڃي ٿو، تر-پڪ، پيٽ ٿنهي ڀرڻ ۽ ٻي سموري بي احتياطي
باوجود اسان وٽ ورزش جو استعمال زيرو ٿي ويو آهي.
بازاري مٺاين جي چسڪي ۾ به پاڻ ورتل آهيون،
سموسي-پڪوڙي
سان به سِڪ يا لاچار جون ڳنڍون ۽ دوستي پراڻي آهي،
اسان ايئن به آهيون ته وري اسان هيئن به آهيون ته اسان کي جڏهن جڏهن مٿي يا پيٽ جو
سور پريشان ڪندو، هوڙ يا ڏندن ۾ سور پوندو، هلڪو ڦلڪو ڪو بخار وٺندو، ڏينهن لڳندو
يا ڪا ٻي لڱائي چڱائي هوندي ته اسان ميڊيڪل اسٽور تي چڙهنداسين، ٽڪين جي لپ منهن ۾
وجهي پاڻي لاءِ پيا واجهائيندا ۽ ڳيتون ڏينداسين ته اسان جي جسماني جوڙ جڪ واري
سموري قدرتي نظام تي ڪهڙو اثر پوندو ؟ يقينن اسان جو اهو رويو
بيمارين کي دعوت ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي.
جيڪي ماڻهون علاج جي ڏڍ تي اهو سڀ ڪجھ ڪري
رهيا آهن ته اُهو هڪ ڀيرو ڪجهه منٽن لاءِ اسپتال جو ضرور چڪر لڳائين،
اتي مريضن جي پيهه ۽ انهن سان ٿيندڙ حالت ڏسي توهان جو پنهنجي جسم سان بي احتياطي
وارو رويو يقيني طور بدلجي ويندو،
جيڪڏهن توهان صحت کي واقعي قدرت جو سڀ کان بيش بها تحفو سمجهو ٿا.
اسپتالون جتي تشخيص جو ڪو بندوبست ڪونهي، نسخو
سرڪاري ڊاڪٽر جو آهي پر وڃي پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽور تي ٿو، ۽ معياري دوائون
به ته نه ٿيون ملن اهڙي حالت ۾
بيمار ٿيڻ کان ڇا احتياط بهتر ناهي ؟
هيپاٽائيٽس جي علاج واري طريقيڪار
کي ايترو ته پيچيده بڻايو ويو آهي، جو مريض فوت ٿي وڃي پر پيچيدگي پنهنجي جاءَ تي
برقرار رهي.
وڏي وزير جي هيپاٽائيٽس پروگرام کي ته ماڻهو ساراهين ٿا
پر دوا تائين رسائي هڪ سواليا نشان آهي، جڏهن دوا جي تسلسل ٽٽي ٿو
وڃي ته انجو علاج تي برو اثر پوي ٿو.
2007 کان مئي 2016 تائين جي رپورٽ موجب
انهن ڏهن سالن دوران 4 لک 57 هزار ماڻهن کي
هيپاٽائيٽس جي تشخيص واري عمل مان گذاريو ويو، جن مان 55 هزار 966 ماڻهن
۾ هيپاٽائيٽس هجڻ ظاهر ٿيو پر سمورا مريض علاج لاءِ رجسٽر نه ٿي سگهيا. رپورٽ
موجب لڳ ڀڳ 56
هزار مان رڳو 18725 ماڻهو رجسٽر ٿي
سگهيا، جن مان سڀ جو علاج به ڪيو ويو، جڏهن ته 1725 مريض اهڙا آهن، جن
جو اڃان به علاج جاري آهي، هن مهل تائين سي ايم جي انهي پروگرام مان رپورٽ موجب
مڪمل علاج مان گذري چڙهندڙن جو انگ پندره هزار ستاسي آهي ان
رفتار ۾ تشخيص ۽ علاج جاري رهيو ته مريضن
جو هڪ وڏو حصو موت جي منهن ۾ هليو ويندو.
هيپاٽائيٽس جو علاج ڪورسز جي صورت ۾ ڪيو وڃي
ٿو، زياده طر انجيڪشن ذريعي علاج ٿيندو آهي، هڪ ته انجيڪشن غير معياري آهن ۽ ٻيو
وري اهي غير محفوظ طريقي سان لڳايون وڃن ٿيون. تنهن لاءِ ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽڪين
(ٽيبليٽس) ذريعي علاج ڪيو وڃي ته اهو زياده فائديمند رهندو.
ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت کي ڪاري
ڪامڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل رٿا جي هن وقت تائين ٿيل سرگرمين جو ٽين ڌر کان ٿرڊ
پارٽي ويليڊيشن رپورٽ پڻ تيار ڪرائڻ گھرجي. ساڳي وقت اهو پڻ چيو ٿو وڃي ته جيڪڏهن صوبي
اندر انهي مرض جي روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي صحيح علاج جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا ته
ايندڙ سالن ۾ صوبي جي آبادي جو وڏو حصو ان مرض ۾ مبتلا ٿي سگھي ٿو.
سڀ ڳالهيون هڪڙي پاسي پر اهو هرگز نه وسارڻ
کپي ته علاج کا احتياط بهتر آهي..!!
No comments:
Post a Comment