Sunday 21 August 2016

نجيب الله چانڊيو آرٽيڪل

پروف ٿيل
ماڻهن کي ذهني مريض بڻائيندڙ جعلي عامل
نجييب الله چانڊيو

          هن جديد دور ۾انسان حيرت انگيز ايجادون ڪري هر ناممڪن شيءِ کي ممڪن بڻائي ڏيکاريو آهي، اهو ئي سبب آهي تـه جديد ٽيڪنالاجي ۽ مشينري جي ذريعي ڪا بـه شيءِ انساني پهچ کان پري ناهي رهي ۽  دنيا جي هر ٿيندڙ اٿل پٿل کي ڪنٽرول ۾ رکي فائدو وٺي سگهجي ٿو. اتي انساني جسم ۾ ٿيندڙ بيمارين کي سمجهڻ، جاچڻ وقت سر علاج ڪرڻ ۽ ان کان بچاءُ جا ڪيئي طور طريقا انساني دماغ ۾ موجود آهن ۽ هر علاج توڙي مسئلي جو حل مشينري جي ذريعي ممڪن آهي، اهڙي ترقي يافتـه دور ۾ بـه اسان جي سماج جي چوڌاري انسانن جي زندگين سان کيڏندڙ جعلي عامل ۽ فقير موجود نظر اچن ٿا. جيڪي بيمارين ۽ مصيبتن جي ماريل ماڻهن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي ڪنگال ۽ ذهني مريض بڻائي ڇڏين ٿا. اهو ئي سبب آهي تـه شهرن جي گهٽين ۽ چوراهن کان ويندي ٻهراڙين جي علائقن ۾ ڪيئي اهڙا عامل پنهنجا ننڍڙا ٿاڪ ٺاهي ويٺل نظر ايندا. جيڪي انسان جي هر بيماري جي بچاءَ ۽ ان جو علاج ڪرڻ جي هام هڻندا آهن ۽ ان ڪرت ۾ سندن ماڻهن کي ڦرڻ وارو تجربو ايترو تـه اثر رکي ٿو جو سندن ڳالهين ۾ چڱا ڀلا پڙهيا لکيا ماڻهو بـه اچي وڃن ٿا ۽ وٽن ماڻهن جي اچ وڃ جو سلسلو جاري رهي ٿو. جن وٽ علاج ڪرڻ جو طريقو ڪا دوا، آپريشن، الٽرا سائونڊ يا ڪنهن ٽيسٽ جي بنياد تي نـه ٿو ٿئي بلڪـه ماڻهن پاران احوال ڪرڻ ۽ تڪليف ٻڌائڻ جي صورت ۾ ٿئي ٿو، ۽ هو ماڻهن جي زندگي جي طورطريقي کي سمجهي يا مسئلي کي ٻڌي اندازي جي بنياد تي علاج جو ڍونگ رچائن ٿا ان لاءِ مرغي جي جيري مان تعويذ لکڻ، 7 ڏينهن مسلسل پاڻ وٽ مريض کي حاضري ڀرائڻ، تعويذ لکڻ جو ڏٽو ڏئي ڳرا پئسا وٺڻ، درگاهن تي مريض کي 4 ڏينهن تائين ٽڪائڻ، مريض خوش ٿيڻ جي صورت ۾ ٻڪر پهچائي وڃڻ، ڪارو علم ڪرڻ يا ان مان جان ڇڏائڻ، رُٺلن کي پرچائڻ، يا پرتلن کي رسائڻ کان ويندي قسمت کي بهتر بڻائڻ ۽ بند ٿيل ڀاڳ کولي ڀاڳ وارو بڻائڻ جا سمورا ناٽڪ انهن جعلي عاملن وٽ هجن ٿا جن ۾ هو ماڻهن کي ڦاسائي لکين روپيـه ڪمايو ويٺا آهن ۽ ان چڪر ۾ هڪ دفعو ڦاٿل ماڻهو خانداني طور ڦاسيو وڃي تـه ڪٿي عامل صاحب ڪاوڙجي اسان جي قسمت نـه ڦيرائي ڇڏي.
          انهن ڪوڙن عاملن جي ڄار ۾ ڦاٿل ماڻهو ذهني مريض بڻجي پنهنجي زندگين کان هٿ ڌوئي ويٺا، ڪيئي ماڻهو جِن ڪڍائڻ جي چڪر ۾ عاملن جي تشدد ۾ مري ويا جن جون خبرون اخبارن ۾اچي چڪيون آهن ته ڪي وري نسل در نسل انهن عاملن وٽ حاضري ڀري قسمت ٺاهڻ جي شوق ۾ دنيا جي هر ترقي کان محروم ٿي درگاهن جا فقير ۽ عاملن جا مريد ٿي سندن پير ڌونئڻ ۾ مصروف ٿي ويا.
          جتان انجنيئر، ڊاڪٽر، سائنسدان ۽ فلاسافر پيدا ٿيڻ کپندا هئا، اتان عاملن ۽ فقير جا پير ڌونئدڙ ٻانها پيدا ٿيڻ لڳا ۽ پوءِ اهڙن عاملن جا دفتر چپي چپي تي کليل اڄ بـه نظر اچن ٿا، ته ڀتين تي وال چاڪنگ ۽ اخبارن ۽ چينلن ۾ اشتهار ايندا رهن ٿا جن جي اثر ۾ ڪيئي نسل ڦاسندا رهن ٿا. جتي ڪنهن کي به ڪو لاڀ ناهي مليو.
          ان ڪري نسلن جي ٿيندڙ ڪوڙن عاملن هٿان تباهي کي روڪڻ جي ضرورت آهي ڇو تـه هن دور ۾ ڪا بـه بيماري ميڊيڪل جي علم کان ٻاهر ناهي هر بيماري ۽ مسئلي جو حل سائنسي ٽيڪنالاجي ۽ مشينري ذريعي ممڪن آهي. يورپ يا ڪنهن ٻئي مهذب ملڪ کي عاملن ناهي سڌاريو نه وري انهن جي قسمت ۾ ڪو ڦيرو آندو آهي، نـه وري  ڪنهن ملڪ جي سڄڻن، دشمنن پاران سندن گهرن اڳيان ڪي تعويذ پوريا يا ڪڍيا ويا هئا. سڀني قومن محنت، ڏاهپ ۽ دانائي جي بنياد تي ترقيون ماڻيون آهن. ان ڪري ان ڳالهـه جي شديد ضرورت آهي تـه اهڙن ڪوڙن عاملن خلاف قدم کڻي انهن جي اهڙن دفترن تي ائين پابندي لڳائي وڃي جيئن ڪيترين ئي ملڪن ۾ پنڻ تي پابندي پيل آهي. جيئن نسلن جي ٿيندڙ تباهي کي روڪي سگهجي ۽ اسان جي ملڪ جي اٻوجهه ماڻهن کي ذهني مريض ٿيڻ کان بچائي سگهجي.

Practical work carried out under supervision of Sir Sohail Sangi




No comments:

Post a Comment