Tuesday 16 August 2016

امين تڳڙ فیچر

امين تڳڙ 
2k14/mc115
3rd year

 فٽنگ وارا ڪپڙا عورتن جي پسند

خوبصورت لباس عورت جي شخصيت کي منفرد بڻائي ٿو هر دور ۾ عورت مختلف انداز جا فيشن ڪندي لباس پاتو آهي اڄ جي دور ۾ جتي پهراڻ ۽ ڀرت بريل ڪپڙا عام ٿيا آهن اتي جينس ٽائيپ ۽ فٽنگ وارا ڪپڙا به عام ٿيا آهن خاص ڪري نوجوان ڇوڪرين ۾ فٽ ۽ تائٽ ڪپڙا عام آهن جيڪي ڪپڙا فيشن جو حصو سمجها وڃن ٿا . جڏهن ته هڪ نئين تحقيق جي مطابق تنگ ۽ ٽائٽ ڪپڙا جلدي ۽ چمڙي جي بيمارين جو سبب ٿين ٿا ڇو ته فٽنگ وارن ڪپڙن ۽ جسم کي هوا ۽ آڪيسجن نٿي ملي ته جسم جا خليه صحيح طرح نشو نما نٿا حاصل ڪن خاص ڪري گرمين جي مند ۾ پگھر گھڻو ايندو آهي جنهن ۾ تمام گھڻا جراسيم پڻ هوندا آهن اگر فٽنگ وارا ڪپڙا پاتل آهن ته پحر وارا جراثيم ڪپڙن ۾ جذب ٿي چمڙِي جو ڪئي بيماريون پيدا ڪندا آهن اڪثر ڪري گرمين ۾ نيلون جرسي يا ريشمي ڪپڙا پائڻ سان جسم ۾ خارش يا ٻيا مسئلا پيدا ٿين ٿا .
جيڪي فٽنگ وارا ڪپڙا پاتا وڃن ٿا انهن ۾ پگھر خشڪ به ڪون ٿيندو آهي ان لاءِ چمڙي جي بيماري کي وڌيڪ پکڙجڻ جو موقعو ملندو آهي .
گرمين ۾ لباس هميشه هلڪو ڦلڪو پائڻ گھرجي گھر ۾ لون جا وڏا ۽ ويڪرا ڪپڙا پائڻ گھرجن ته جئين پگهر گهٽ کان گھٽ نڪري ۽ جسم کي هوا به لڳي سگهي ڪوشش ڪجي ته ٻن ڏينهن کان وڌيڪ ساڳيو لباس نه پاتو وڃي ڇو ته ساڳئي لباس ۾ پگهر جي ڪري جراثيم جسم تي بيماريون پيدا ڪن ٿا جڏهن ته ويڪرو لباس نه صرف آرمده هوندو آهي پر ڪپڙن تي پگهر گهٽ لڳي بيماريون گھٽ پيدا ڪندو آهي . گرمين ۾ سنهو ۽ ٿڌو ڪپڙو پائجي ڇو ته لون ۽ ململ جو لباس نه رڳو جسم کي گرمي کان بچائي ٿو پر ان ۾ پگهر گھٽ نڪري ٿو .
موسم ڪهڙو به هجي فٽنگ وارا ڪپڙا هميشه جسم تي چمڙي جون بيماريون پيدا ڪندا آهن سياري ۾ به چمڙي جون بيماريون لباس مان پيدا ٿين ٿيون ڇو ته سياري ۾ هڪ ئي سوٽ هفتي ۾ ٻه ڀيرا به پاتو وڃي ٿو لاڳيتو ٻه  ڏينهن به هڪ لباس پائين سان پگهر اچي ٿو يا وري سياري ۾ لباس جي مٿان سوئيٽر ، ڪوٽي پائيڻ سان جسم ۾ پگهر نڪري ٿو ۽ ان مان به بيماريون پيدا ٿين ٿيون ڇو ته جيڪيٽ ۽ سوئِٽر فٽنگ وارو هوندو آهي انڪري ان ۾ به پگھر جذب گھٽ ٿيندو  آهي تنهن ڪري چمڙي جو بيماريون پيدا ٿين ٿيون.
اڄ ڪلھ فيشن ۾ جينس ٽائيٽ عام پاتي پئي وڃي جنهن سان گوڏي جي بيماري عام آهي جڏهن ته ڪپڙا فٽ هجڻ سبب پگهر جي بوءَ خارش ۽ داڻن جي بيماري به ٿئي ٿي اڪثر نوجوان عرتون ڪمر وٽان ڪميس فٽ رکرائنديون آهن پوءِ هڪ ئي انداز سان ويهڻ سبب چيلھ جو سور ٿي پوندو آهي جيڪو وڌي وڃي ڪلهي ۽ ڳيچي تائين پهچندو آهي ڇو ته فٽنگ واري ڪميس ۾ رليڪس ٿي ويهڻ مشڪل آهي پوءِ اهي بيماريون پيدا ٿين ٿيون تنگ ۽ فٽنگ وارا ڪپڙا فزا ۽ ماحول ۾ گرد و غبار جلد جذب ڪندا آهن ۽ پگهر ۾ موجود نمڪيات ۽ ڪيميڪل به جذب ڪندا آهن جنهن سان چمڙي جا انفيڪشن ٿين ٿا جيڪي اڳيان هلي ڪينسر جو سبب بڻجي سگهن ٿا .
ماهرين جي تحقيق مطابق بيمارين کان بچڻ جي لاءِ کلا ۽ ڍرا ڪپڙا پائڻ گھرجن جڏهن ته گهرا رنگ به چمڙي جي بيماري جو سبب آهن ان لاءِ هلڪا ۽ ٿڌا رنگ پائجن ڇو ته هلڪا ۽ قدرتي شين سان تيار ڪيل لباس جلد لاءِ مسائل پيدا ڪون ڪندا آهن .

اسان کي گهرجي ته نه رڳو فٽنگ وارا ڪپڙا پر شوخ ۽ گھرا رنگ پائڻ کان پاسو ڪيون ته جئين اسان چمڙي جي بيمارين کان بچي پهنجي زندگي صحتمند گذاريون.

No comments:

Post a Comment