Wednesday 17 August 2016

نجيب الله چانڊيو پروفائيل

Profile by Najeebullah chandio
Roll no;116 3rd year
               سماجي ڪارڪن نياز حيدري
دنيا ۾ اهي انسان ئي عظمت جي مٿائين ڪناري کي ڇھي سگهندا آهن جيڪي پنهنجي قول ۽ فعل ۾ فرق نه رکي سماج لاءَ آٿنت اميد ۽ ويساھ جو اهڃاڻ هجن اڄوڪو سماج جيڪو انيڪ لاهن چاڙهن وڙن ۽ وڪڙن ۾ ڦاٿل ڏسجي ٿو ۽ نفسانفسي عروج تي نظر اچي ٿي تڏهن  جيڪو به فرد انساني قدرن جو ڀرم رکي ماڻهن لاءَ حيلو،وسيلو بڻجي ٿو ۽ اهو عظمت لائق هجي ٿو. اهڙن سماج سڌارڪ انسان ۾ شهر وارھ جو رھواسي نياز حسين حيدري پڻ شامل آهي جيڪو مسئلن ۾ ڦاٿل بي سھارا انسان لاءَ اميد جو ڪرڻو بڻيل آهي. نياز حيدري 10 فيبروري 1975ع ۾ وارھ  تعلقي جي ڳوٺ خان محمد ميرجت ۾  محمد رمضان ميرجت جي گهر ۾ اک کولي. سندس والد هڪ مالونده هيو هو ٽن سالن جو مس ٿيو ته  والد جي شفقت کان محروم ٿي ويو. نياز حيدري بنيادي تعليم ڳوٺ مان پرائي ميٽرڪ هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ انٽر ڊگري ڪاليج وارھ مان ڪئي.غريب گهراڻي سان تعلق هجڻ ۽ والد جي شفقت کان محرومي کيس وڌيڪ تعليم پرائڻ جو موقعو نه ڏنو ۽ هو محنت مزدوري ڪري پيٽ پالڻ لڳو ڪافي عرصو پن جون ٻيڻيون ٻڌي روزگار ڪري  اڳتي هلي هن شهر ۾ ڪپڙي جو دڪان کوليو ۽ اتان ئي شهري مسئلن جي حل لاءَ متحرڪ بڻجي ويو۽ هر مسئلي تي آواز اٿارڻ لڳو  جنهن سبب ماڻهو کيس سڃاڻڻ ۽ ڀائيڻ لڳا اهو ئي سبب هيو ته هو  ٽائون ڪاميٽي وارھ  مان ٻه ڀيرا ڪائونسلر پڻ چونڊجي ويو. نياز حيدري ڳچ عرصي کان وٺي وارھ تعلقي جي آس پاس هڪ سماج سڌارڪ طور مڃتا ماڻي آهي.هنُ ھيل تائين 58 مريضن جو علاج ڪرائي چڪو آهي ۽ ڪافي مريضن جو مفت آپريشن ڪرايون اٿس اهو ئي سبب آهي ته  سرندي وارا  مٿس پورو اعتماد ڪري مدد ڪن ٿا هن ڪيترن ئي لاوارث لاشن کي دفنايو آهي ان سان گڏوگڏ اڄ به ڪيترن ئي مريَضن کي مفت رت ڏياري ٿو. سندس وٽ رت لاءَ ايندڙ ماڻهن جي اچ وڃ هجي ٿي ۽ کيس رت آساني سان مليو وڃي رت جي مختلف  گروپن جي  سندس وٽ لسٽ هجي ٿي
هن  ڪيترن ئي غريب  ماڻهن کي چندو ڪري ڪپڙا ۽ سامان وٺي ڏنو آهي  سندس غريبن سان ھمدردي ھجڻ سبب هو عيد تي پنهنجي لاءَ  نوان ڪپڙا وٺڻ غير مناسب سمجهي  ٿو ھر عيد اچڻ کان اڳ ۾ هو جهولي کڻي چندو گڏ ڪري غريبن جي هر ممڪن مدد ڪري ٿو  سندس چوڻ آهي ته مون زندگي ڏاڍي تڪليف سان گذاري آهي جنهن کيس  احساس ڏنو آهي ان لاءَ هو تڪليفن ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد ڪرڻ پنهنجي ذميواري سمجهي ٿو هن ٻڌايو ته سندس ڪا به سماجي تنظيم ناهي ڇو ته اڄ ڪلھ سماجي تنظيمن جي نالي ۾ ماڻهن کي لٽي پيٽ ڀريا وڃن ٿا نياز حيدري جو خواب آهي ته هو وارھ شهر ۾ هڪ ايمبولينس سروس شروع ڪري جيڪا مريضن کي بنا خرچ جي علاج لاءَ پهچائي ان مشن لاءَ هو جاکوڙيندو رهندو سندس دوستن ۽ شهر وارن جو چوڻ آهي ته نياز حيدري هڪ مخلص انسان ۽ سماجي ڪارڪن آهي جيڪو بنا لوڀ لالچ جي ماڻهن جي خدمت ڪري ٿو جيڪو به سماجي مسئلو هجي ٿو ته ان ۾ هو اڳڀرو نظر اچي ٿو. نياز حيدري پنهنجي پيغام ۾ چوي ٿو ته زندگي هڪ تحفو ۽ ذميواري آهي جيڪا انسانن جي خدمت ۾ گذاري سماج مان ڪوڙ ٺڳي ۽ نفرت جي ديو جو گلو هميش لاءَ ڪٽي انساني ڀائيچاري ۽ روا داري سان گذارجي هن  ارادو  ڏيکاريو ته زندگي کيس جيترو به  موقعو ڏنو ته هو انسانن جي خدمت ڪندو رهندو ان ڪري سماج جي سمورن فردن کي بي سهاراماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي

نجيب الله چانڊيو 

1 comment: