Monday 22 August 2016

پروفائيل, مشتاق جمالي,

Intro is too traditional.. and old fashioned .  take soem thing new
پروفائيل:  نامور ليکڪ منوج ڪمار
لکندڙ: مشتاق علي جمالي
2K14/MC/142    BS-III
                                         جُڳن کان جيئندڙ جيجل سنڌ، هيرن، موتين، ماڻڪن، لعلن ۽ جواهرن جي اڻ کٽ کاڻ آهي. هيءَ سڳوري ۽ سُونهاري سنڌ، عظيم ۽ قديم آهي. هن جي مٽي مُلهه مهانگي ۽ مهان آهي. هن ڌرتيءَ جي ڪک مان جنم وٺندڙ  هر شخص زندگيءَ جي هر ميدان ۽ هر موڙ تي پنهنجو مٽ پاڻ ثابت ڪري ملهايو آهي. ثقافت جي جنم ڀومي واري مهراڻ جي شهر هالا ۾ جنم وٺندڙ منوج ڪمار به انهن مان هڪ آهي.
هي عظيم ليکڪ هالا ۾ صوفي ميگھراج جي گھر ۾ 23 فيبروري 1971ع تي پيدا ٿيو. سندس والد جيتوڻيڪ بايو ڪيمسٽري ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ماسٽرس ڪئي پر هن آزاد منش صوفي بڻجڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني.
منوج ڪمار انٽر تائين تعليم هالا ۾ ئي پرايو ان ڏس ۾ هن پرائمري تعليم مخدوم امين فهيم پرائمري اسڪول، ايم جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ۽ 1988ع ۾ اسلاميه سروري ڪاليج مان انٽرميڊيٽ جي تعليم مڪمل ڪئي.  ان کان پوءِ انگريزي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي مان 1995ع ۾ ماسٽرس ڪيائين. هن صاحب جي تعليمي قابليت ۾  بي ايڊ جي ڊگري پڻ شامل آهي.
هن پنهنجي لکڻ جي شروعات 1995ع ۾ جاگو اخبار کان ڪئي. هن سنڌ ٽربيون ۽ فائنينشل پوسٽ جي پڙهندڙن سان به پنهنجا خيال ونڊيا. ڪجھ وقت تائين سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.  پوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي 1996ع ۾ ليڪچرار چونڊجي تعليم کاتي ۾ آيو. هن وقت هالا جي سروري اسلاميه ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪاليج جي شاگردن جي روشن مستقبل لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽي  مان ايم فل پڻ ڪري رهيا آهن.
قلمڪار پروفيسر منوج ڪمار کي ننڍي هوندي کان ئي ادب ڏي چاه رهيو آهي، هو نائين ڪلاس ۾ هيو جڏهن هن ادبي رسالا پڙهڻ شروع ڪيا تڏهن کان ئي هن کي سنڌي سان گڏوگڏ اردو ادب  ۾ به سٺي گرپ حاصل آهي.
هالا ۾ اسي واري ڏهاڪي کان وٺي هيل تائين  جيڪي علمي ۽ ادبي ادارا جڙيا يا سرگرميون ٿيون تن ۾ هن جو ڀرپور حصو رهيو آهي.  هن پنهنجي منفرد ۽ جديد فڪري سوچ سان هالا جي روايتي ادب کي نئون رخ ۽ نئين مقصد ڏني آهي.
ڪافي سالن تائين روزاني ڪاوش ۾ سندس ڪالم توڙي مضمون شايع ٿيندا رهيا، جيڪي نوجوان نسل جي علمي اڃ اجھائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا.
جتي هن گذريل ٻن ڏهاڪن کان پنهنجي لکڻين ذريعي ادب، ٽيڪنالاجي  ۽ سماجي مسئلن تي پنهنجا خيال ونڊيا اتي هن پئبلو نرودا، ۽ ٻين ڪجھ نامور ليکڪن جي آتم ڪٿائن جو اختصاري ترجمو پڻ ڪيو آهي. ان کان علاوه شيخ اياز جي نثري ڪم کي پڻ انگلش ۾ ٽرانسليٽ ڪري رهيا آهن. ڏسجي ته اهو ڪو سولو ڪم ناهي پر جس آهي اهڙن املهه ماڻهن کي جيڪي گھٽ وسيلن ۾ به اهو ڏکيو ڪم سرانجام ڏئي ايندڙ نسل کي انمول تحفو ڏئي رهيا آهن.
سائين منوج ڪمار ڪجھ سال اڳ ڪجھ لوڪ ڪهاڻين کي نئين انداز ۾ لکيو هو. اهي ٻن ڪتابن جي صورت ۾ سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري پاران ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتا آهن.
سائين منوج ڪمار پنهنجي ڪهاڻين ذريعي نه صرف سماجي مسئلن کي اجاگر ڪيو پر انهن کي ان انداز ۾ پيش ڪيو جنهن سان مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ به هٿي ملي، اهي ڪهاڻيون اوهان کي ڪاوش مئگزين ۾ پڙهڻ لاءِ ملنديون. ان کان علاوه سائين منوج ڪمار انگريزي ٻولي جي استاد طور به وڏو نالو رکي ٿو، سائين منوج جي پڙهائڻ جو بهترين طريقيڪار ۽ محنت جي نتيجي ۾ هتان جا شاگرد انگريزي ٻولي ۾ سٺي مهارت رکن ٿا.
سائين منوج ڪمار جي شخصيت بيحد سادي آهي، ڇو ته پاڻ سادگي پسند آهن. ادب سان بيحد پيار ڪندڙ  سائين منوج جو چوڻ آهي ته هن پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن به ادب جو ڪو وڏو نالو نه سمجهيو آهي۔ پنهنجي وس ۽ شوق آهر ادب جي مختلف صنفن ۾ ڪم ڪيو جنهن کي پڙهندڙن پاران پسند ڪيو ويو، جيڪا سندس  لاءِ سڀ کان وڏي مڃتا آهي۔
سائين منوج جو چوڻ آهي ته ادب جي هر صنف سان چاهه آهي، دلي خواهش آهي ته هڪ ناول لکي پنهنجي پڙهندڙن جي نظر ڪريان، ناول لکڻ ڪا عام ڳالهه ناهي، ناول ڪمٽمينٽ آهي پنهنجي ڪم سان پنهنجي سوچ سان ان لاءِ ڪم ۾ تسلسل ۽ وقت جي ضرورت آهي پوءِ به ضرور ڪوشش ڪبي، ڪوشش ئي ته ڪاميابي جي ڪونجي آهي.

سنڌ جي تعليمي نظام جي حوالي سان سائين جو چوڻ هو ته طبقاتي نظام جي ڪري شاگردن کي معياري تعليم نٿي ملي، جيتري ذهانت ٻهراڙي جي شاگردن ۾ آهي اهو شهرن ۾ ناهي. مدي خارج سليبس ٻارن کي پڙهايو ٿو وڃي. سنڌ جي شاگردن لاءِ هن جو چوڻ هو ته سنڌي ٻار روحاني طور سنڌ کان ڪٽيل آهن. تنهنجي ڪري هو ادب کي ايترو ويجھو نه اچي سگھيا، هاڻي استاد واحد ذريعو ناهي رهيو سکيا لاءِ ٻيا به کوڙ سارا ذريعا  آهن شاگردن کي ان مان فائدو وٺڻ گھرجي.

No comments:

Post a Comment